انبن جي پيداوار ۾ پاڪستان ڪهڙي نمبر تي آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انبن کي ميون جو بادشاهه چيو ويندو آهي ۽ عالمي سطح تي ان جي گهرج آهي، ڏسون ٿا ته ڪهڙي ملڪ ۾ انبن جي سڀ کان وڌيڪ پيداوار ٿيندي آهي.

بنگلاديش نائون وڏو ملڪ آهي، هتي هر سال ساڍا 11 لک ٽن کان وڌيڪ انب پيدا ٿين ٿا.

آفريقا ۾ انبن جي پيدار ۾ مصر اڳتي آهي، مصر ۾ هر سال ساڍا 12 لک ٽن انب ٿين ٿا.

برازيل ستون وڏو ملڪ آهي، هتي هر سال 14 لک ٽن انبن جي پيداوار ٿئي ٿي.

پاڪستان ڇهون وڏو ملڪ آهي، پاڪستان ۾ 16 لک ٽن انب ٿين ٿا.

انڊونيشيا ترتيبوار پنجون، ميڪسيڪو چوٿون، ٿائي لينڊ ٽيون، چين ٻيون ۽ ڀارت پهريون نمبر ملڪ آهي.

ڀارت ۾ هر سال هڪ ڪروڙ 87 لک انب پيدا ٿين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.