جِن ڪڍڻ بهاني نوجوان کي قتل ڪندڙ جعلي عامل گرفتار

بهاولنگر(ويب ڊيسڪ) بهاولنگر ۾ جن ڪڍڻ جي بهاني نوجوان کي قتل ڪندڙ جعلي عامل کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
خابرو اداري موجب بهاولنگر جي تخت محل ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي نوجوان جي قتل ۾ ملوث جعلي عامل اظهر شاهه کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس جو چوڻ هو ته جعلي عامل ۽ ان جي ساٿين جن ڪڍڻ جي نالي تي نوجوان مٿان تشدد ڪيو هو.
جعلي عامل جي تشدد سبب نوجوان ذوالقرنين فوت ٿي ويو هو، خبرون هلڻ بعد ڊي پي او نصيب الله خان واقعي جو نوٽس ورتو هو.
ان کان پهريان پيش آيل واقعي ۾ پنجاب جي ضلعي چنيوٽ ۾ جعلي عامل عورت کي زيادتي بعد قتل ڪري ڇڏيو هو.
چنيوٽ ۾ تعويذ ڏيڻ بهاني عورت کي مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻايو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.