پيپلز پارٽي جو وفاقي ڪابينا ۾ شامل نه ٿيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي بجيٽ کان پهريان ۽ بعد ۾ وفاقي ڪابينا جو حصو نه بڻجڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفاقي حڪومت ۾ شموليت جي حوالي سان سامهون ايندڙ خبرن کان پوءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزير اعظم پاڪستان شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ وڌيڪ اهڙين خبرون زور پکڙڻ لڳيون ته پيپلز پارٽي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿي ويندي.
پر هاڻي پيپلزپارٽي جي ذريعن ٻڌايو آهي ته قيادت صلاح مشوري بعد بجيٽ کان اڳ ۽ بعد ۾ به وفاقي ڪابينا ۾ شامل نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ هو ته وزير اعظم سان بلاول جي ملاقات ۾ ڪابينا ۾شموليت جي حوالي سان ڪا ڳالهه ناهي ڪئي وئي، ٻنهي اڳواڻن ۾ صرف ڪڻڪ خريداري اسڪينڊل تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.