اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ خلاف ليڊز ٽيسٽ ۾ پاڪستاني ٽيم جي شڪست کانپوءِ ٽيم سان گڏ ڪوچز ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي کي به سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
سوشل ميڊيا تي هڪ واهپيدار محسن نقوي کي پاڪستاني ڪرڪيٽ جي تباهي جو ذميوار قرار ڏيندي حڪومت کان سوال ڪيو ته هو پي سي بي چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ جي صلاحيت ڇو نٿي رکي؟
واهپيدار جو چوڻ هو ته پاڪستاني ڪرڪيٽ جي تباهي ۽ انتهائي نااهلي باوجود ن ليگ پي سي بي چيئرمين کي عهدي تان ڇو نٿي هٽائي؟ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو مذاق بڻايو پيو وڃي، پر ان باوجود پي سي بي چيئرمين عهدي تي برقرار آهي.
ان تنقيد تي بچاءَ واري وزير خواجا آصف اتفاق ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي موجوده صورتحال بابت هو واهپيدار جي راءِ سان متفق آهي، پر”لافنگ اسٽاڪ“ (مذاق جو موضوع يا کِل جوڳو) بڻيل درست اصطلاح آهي.
ٻئي پاسي پاڪستاني ٽيم جي خراب ڪارڪردگي تي اڳوڻا ڪرڪيٽر، مداح ۽ ڪرڪيٽ تجزئي نگار به سوال اٿاري رهيا آهن.
پاڪستان 10 سال اڳ آگسٽ 2016 ۾ انگلينڊ خلاف 4 ٽيسٽ ميچن جي سيريز 2-2 تان برابر ڪري ورلڊ ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي هئي، پر آگسٽ 2026 ۾ پاڪستان ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ستين نمبر تي آهي، جڏهن ته ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ جي رينڪنگ ۾ آخري نمبر تي موجود آهي.
انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل وان به پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي تي سخت افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪا ٽيم ڪرڪيٽ جي تاريخ جا ڪجهه انتهائي خطرناڪ بالرن پيدا ڪري چڪي آهي، اها بالنگ سان گڏ فيلڊنگ ۾ به بي جان نظر آئي.
مائيڪل وان موجب، هيڊنگلي ۾ انگلينڊ پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي مڪمل طور مات ڏني ۽ ٽيم حڪمت عملي، مهارت ۽ معيار جي لحاظ کان انگلينڊ کان گهڻو پوئتي نظر آئي.
هن چيو ته هن پاڪستان جون ڪيتريون ئي ٽيمون کيڏندي ڏٺيون آهن، پر موجوده ٽيم ۾ اهو جذبو ۽ مقابلو ڪرڻ جو عزم نظر نٿو اچي، جنهن جا مداح عادي رهيا آهن.
اڳوڻي ڪپتان رميز راجا پڻ چيو آهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽ جون حالتون وڌيڪ خراب ٿيندي نظر اچي رهيون آهن ۽ مداح مايوس ٿي چڪا آهن.
هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان گذريل 20 ٽيسٽ ميچن مان 17 هارائي ته ڪو به ماڻهو اهڙي ٽيم جي حمايت نه ڪندو.