ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو 11 آڪٽوبر تي سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) جي ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪندو.
سوشل ميڊيا تي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان منسوب فيس بڪ اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان جي سياست اصولن تي ٻڌل آهي، پليٽ فارمن تي نه، جڏهن ته سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام سان اسان جو عزم اڻٽٽ آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيتوڻيڪ اسان سياسي طريقن ۾ اختلاف رکون ٿا، پر سنڌ جي تاريخي حقن، جمهوري انصاف، صوبائي خودمختياري ۽ وڌيڪ برابري واري پاڪستان لاءِ هر خلوص واري جدوجهد جي اهميت کي تسليم ڪريون ٿا.
بيان موجب، ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ اسان جي غيرموجودگيءَ جو مطلب اهو ناهي ته اسان پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن جي باعزت مستقبل لاءِ هلندڙ وڏي جدوجهد کان لاتعلق آهيون.
You might also like