هنرمند ماڻهن لاءِ سعودي عرب جو ورڪ پرمٽ، رهائش ۽ خاندان کي به گهرائڻ جو اعلان

سعودي عرب پاران ماهر پرڏيهي ملازمن کي ڪم جي اجازت نامي سان گڏ ڪٽنب لاءِ ويزا جي ڪارروائي ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سعودي خبرون ڏيندڙ اداري ايس پي اي موجب، پرڏيهي وزارت ۽ انساني وسيلن ۽ سماجي ترقي واري وزارت جي سهڪار سان هاڻي ماهر پرڏيهي ملازم پنهنجي ڪٽنب جي ڀاتين کي به سعودي عرب گهرائي سگهندا.

ايس پي اي موجب، ڪٽنب جي انهن ڀاتين ۾ زال يا مڙس، 25 ورهين کان گهٽ عمر جا پٽ ۽ غير شادي شدا ڌيئون شامل آهن. اهي ڀاتي ڪٽنب جي سربراهه جي ڪم واري ويزا جي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ سان گڏ ئي سعودي عرب ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پنهنجا ويزا به حاصل ڪري سگهندا.

سعودي عرب پهچڻ کان پوءِ لاڳو قانونن ۽ ضابطن موجب سندن رهائش بابت ضروري ڪارروائي مڪمل ڪئي ويندي.

You might also like