آمريڪا جو ايران مٿان تاريخ جو سڀ کان وڏو معاشي حملو، ساٿ ڏيندڙ ملڪ به نه بچندا!

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ ايران خلاف آمريڪا طرفان مڙهيل نين پابندين کي تاريخ جي سڀ کان وڏي مالياتي ڪارروائي قرار ڏنو آهي.
هن ايران خلاف ان قدم کي ”اقتصادي ڊي-ڊي“ قرار ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا ايران سان سمورا معاشي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيندو.
هن خبردار ڪيو ته ايران سان مالي ڀائيواري رکندڙ ملڪن کي به عالمي معاشي نظام کان ڌار ڪيو ويندو.
ايراني حڪومت خلاف اها تازي ڌمڪي اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪي ڪوششن دوران وائيٽ هائوس ڪيترائي ڀيرا پنهنجي پاليسي تبديل ڪري چڪو آهي ۽ مختلف ڊيڊ لائنن ۾ به واڌ ڪندو رهيو آهي.
آمريڪي پابندين جي جواب ۾ ايران جي اقتصادي معاملن واري وزير علي مدني زادا چيو آهي ته پابندين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ٻن سالن جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو واشنگٽن لاءِ هڪ ٻي ناڪامي جو سبب بڻجندو.
جنگ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي. ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن تڪرار جاري رهيو ته هو خطي مان تيل جون سموريون برآمدات روڪي ڇڏيندو.
برطانوي ميڊيا موجب، ايراني حڪومت سامونڊي جهاز راني جي شعبي کي به نئين وارننگ جاري ڪندي چيو آهي ته آبناءِ هرمز مان گذرندڙ سامونڊي جهاز سندس اجازت کانسواءِ هن رستي تان سفر نه ڪن.
واضح رهي ته دنيا ۾ استعمال ٿيندڙ تيل ۽ گئس جو لڳ ڀڳ پنجون حصو آبناءِ هرمز مان گذري ٿو ۽ فيبروري جي آخر ۾ تڪرار شروع ٿيڻ کان وٺي عملي طور تي ان جي فراهمي متاثر رهي آهي.
سومر ڏينهن هڪ پريس ڪانفرنس دوران اسڪاٽ بيسنٽ ”آپريشن اڪنامڪ آئوٽ ڪاسٽ“ جا تفصيل پيش ڪيا.
آمريڪي ناڻي واري وزير چيو ته آمريڪا ايران جي عالمي مالياتي لاڳاپن خلاف هڪ “وڏي معاشي يلغار“ شروع ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ايران آڏو هاڻي رڳو ٻه رستا آهن، يا ته مڪمل عالمي اڪيلائي، يا وري معمول جي لاڳاپن ڏانهن واپسي ۽ عالمي معيشت ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ جو موقعو.
ناڻي واري وزير چيو ته آمريڪا هاڻي ايراني خطري کي رڳو قابو ۾ رکڻ جي ڪوشش نه ڪري رهيو آهي، پر ان کي مڪمل طور ختم ڪرڻ وڃي رهيو آهي.
بيسنٽ موجب، آمريڪي ناڻي واري کاتي انهن نيٽ ورڪن، سهولتڪارن ۽ مالياتي ذريعن جو پتو لڳائي ورتو آهي، جن کي ايران پابندين کان بچڻ ۽ تيل جي واپار کي جاري رکڻ لاءِ استعمال ڪندو رهيو آهي.
آمريڪي ناڻي کاتي موجب، هن پنجن شعبن خلاف باظابطا قدم کنيا آهن، جن ۾ ڊجيٽل اثاثا، ٽيڪنالاجي، سون، هوابازي ۽ سامونڊي جهاز راني شامل آهن.
ناڻي کاتي موجب، لڳ ڀڳ 60 ادارن، ماڻهن ۽ سامونڊي جهازن تي پابنديون مڙهيون ويون ويون آهن.

You might also like