ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي ميزباني هيٺ آل پاڪستان وڪيل ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پشاور ۾ تجويز ڪيل جلسي، انتظامي معاملن، آئيني ترميمن ۽ ٻين اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
اجلاس کي خطاب ڪندي سينيئر وڪيل علي احمد ڪرد چيو ته سورهيه بادشاهه جي ڌرتي تي وار ٿيو ته وڪيل مزاحمت ڪندا.
علي احمد ڪرد چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي وحدت جي نشاني آهي، ان کي نقصان پهچائڻ نه ڏنو ويندو.
هن چيو ته ”سنڌ وارا اٿو، سنڌ جو ورهاڱو ٿيو ته سنڌو درياهه اوهان جي هٿن مان هميشه لاءِ هليو ويندو.“
هن چيو ته وڪيل سنڌ جي وحدت ۽ آئيني حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندا.
علي احمد ڪرد چيو ته سنڌي پنهنجي ڌرتي ماءُ کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ نه ڏيندا، وڪيل حڪومت ڪيرائي ڏيکاريندا.
اجلاس کي خطاب ڪندي ڪي بي لغاري چيو ته اسٽيبلشمينٽ کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته هڪ پاسي قائداعظم محمد علي جناح جي قبر آهي ۽ ٻئي پاسي سائين جي. ايم. سيد جي قبر آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن اوهان طئي ڪري چڪا آهيو ته اسان قائداعظم جي مزار کان هٽي سائين جي. ايم. سيد جي مزار تي بيهون، ته پوءِ صحيح آهي، اهو اسان کي منظور آهي.
ڪي بي لغاري چيو ته سنڌ جي ورهاڱي خلاف ماڻهو روڊن تي آيا ته اوهان جون گوليون ختم ٿي وينديون، پر ماڻهو ختم نه ٿيندا.
اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر وڙائچ چيو ته ماڻهو نون صوبن جي نعرن کي پسند نٿا ڪن.
هن مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ فوري طور نيون چونڊون ڪرايون وڃن ۽ قانون ۽ آئين جو نظام لاڳو ڪيو وڃي.