اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير سومر ڏينهن تهران ۾ ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن، سرحدي سهڪار، علائقائي امن ۽ استحڪام سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات دوران ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو.
ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل اعتماد سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
اها ملاقات اهڙي وقت ٿي آهي، جڏهن وچ اوڀر ۽ خطي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي.
پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڊگهي گڏيل سرحد آهي ۽ ٻئي ملڪ ماضي ۾ سرحدي سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ غيرقانوني اچ وڃ کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندا رهيا آهن.
You might also like