سنڌ جو ورهاڱو ٿيو ته صدر زرداري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو: ناصر شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ ورهائجي وئي ته صدر آصف علي زرداري پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته اختيارن کي هيٺين سطح تي بهتر نموني منتقل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪٿي اسان سٺو ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ ڪٿي وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي ٿي.
هن چيو ته پيپلزپارٽي چوي ٿي ته آئين تي عمل ڪيو وڃي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي متفقه طور تي چئي چڪي آهي ته سنڌ ۾ نوان صوبا نه ٺاهيا ويندا.
ناصر حسين شاهه موجب، متفقه قرارداد جي منظوري ۾ ايم ڪيو ايم به شامل هئي، جڏهن ته ماضي ۾ مصطفيٰ ڪمال سنڌ ۾ نئون صوبو ٺاهڻ جو مخالف هو ، پر هاڻي مصطفيٰ ڪمال جي سوچ تبديل ٿي وئي آهي.
هن چيو ته اڳ سڄي ملڪ ۾ رڳو 4 صوبا ۽ ڊويزن هئا، هاڻي نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ ڳالهيون ڇو ٿي رهيون آهن؟
ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ جو مڪاني حڪومت وارو نظام بااختيار آهي ۽ مڪاني نظام کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ لاءِ قانون سازي ڪري رهيا آهيون.
هن سوال ڪيو ته جنهن اسلام آباد وٽ مڪاني حڪومت جو نظام ئي موجود ناهي، اهو صوبا ڪيئن ٺاهي سگهي ٿو؟
هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي لاءِ سنڌ کان وڌيڪ اهم ٻيو ڪجهه ناهي.
ناصر حسين شاهه واضح ڪيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته سنڌ ورهائجي وڃي ۽ صدر پنهنجي عهدي تي موجود رهي.
هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ کي متحد ۽ هڪ رکڻ لاءِ هر قسم جو عهدو قربان ڪري سگهي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جو چيئرمين، شريڪ چيئرمين، وڏي وزير سميت سمورا آئيني عهدا سنڌ سان واڳيل آهن ۽ پيپلزپارٽي سڀ کان پهرين سنڌ جي ڳالهه ڪري ٿي.

 

You might also like