نواز جي فل ٽاس تي ڪوهليءَ جو امپائر کي اشارو ۽ پاڪستان جو احتجاج، ايراسمس چئن سالن کانپوءِ خاموشي ٽوڙي ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) مارائس ايراسمس 2022 واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ کيڏيل انتهائي سخت مقابلي دوران تڪراري نو بال واري فيصلي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
واضح رهي ته 22 آڪٽوبر 2022 تي آسٽريليا جي ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ٿيل اهو مقابلو ڪرڪيٽ جي تاريخ جي بهترين ميچن مان هڪ ثابت ٿيو، جنهن ۾ ويرات ڪوهلي پنهنجي ڪيريئر جي يادگار اننگز کيڏي ڀارت کي پاڪستان خلاف آخري بال تي فتح ڏياري هئي.
ميچ ۾ ڇا ٿيو هو؟
ميچ ۾ ٽاس کٽي ڀارت پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، جنهن کانپوءِ پاڪستان شان مسعود ۽ افتخار احمد جي شاندار ففٽين جي مدد سان 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 159 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان جي160 رنسن جي هدف جي جواب ۾ ويرات ڪوهلي تيزيءَ سان وڪيٽون ڪرڻ باوجود ڪريز تي ٽڪيو رهيو ۽ وڌندڙ رن ريٽ جي دٻاءَ هيٺ ففٽي مڪمل ڪئي.
ڀارت کي آخري 8 بالن تي 28 رنسون گهربل هيون، ان دوران ڪوهلي حارث رئوف جي پنجين بال تي سڌو (اسٽريٽ) ڇڪو هنيو، جنهن کي بعد ۾ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي مقابلن جي ”صديءَ جي بهترين شاٽ“ قرار ڏنو، جڏهن ته ڇهين بال کي ليگ سائيڊ طرف بائونڊر پار پهچايو هو.
ڀارت کي ميچ جي آخري 6 بالن تي 16 رنسون گهربل هيون ۽ محمد نواز بالنگ ڪري رهيو هو، دٻاءَ ۾ نواز ڪوهلي کي فل ٽاس بال ڪرائي، جنهن کي ڪوهلي مڊ وڪيٽ طرف کيڏي ڇهه رنسون حاصل ڪيون.
ان کانپوءِ امپائر مارائس ايراسمس بال کي ”ويسٽ آف هائيٽ“ سبب نو بال قرار ڏنو، جنهن تي ڪپتان بابر اعظم سميت پاڪستاني رانديگرن امپائر کان فيصلي بابت وضاحت طلب ڪئي.
ڪوهلي کي به ان بال کان اڳ امپائر ڏانهن اشارو ڪندي ڏٺو ويو هو، ڄڻ هو فل ٽاس کي نو بال قرار ڏيڻ لاءِ چئي رهيو هجي.
مارائس ايراسمس هاڻي وضاحت ڪئي آهي ته کيس بال جي حد پار ڪرڻ يا فيلڊر هٿان ڪيچ ٿيڻ تائين انتظار ڪرڻو پيو، ان کانپوءِ ئي فيصلو ڏيڻ ممڪن هو.
ايراسمس موجب، امپائرن کي هدايت ڏني ويندي آهي ته جيڪڏهن ”ويسٽ آف هائيٽ“ فل ٽاس هوا ۾ هِٽ ٿئي ته ترت فيصلي جو اشارو نه ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن بال ڪيچ ٿي وڃي ته آئوٽ ٿيڻ واري فيصلي تي ريويو ٿي سگهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته ڪوهلي جنهن بال تي شاٽ کيڏي، اها نو بال جي حد جي ويجهو هو ۽ هوا ۾ هِٽ ٿيو، بائونڊري تي پاڪستاني فيلڊر موجود هو، تنهنڪري کيس انتظار ڪرڻو پيو ته بال ڪيچ ٿئي ٿي يا ڇڪو ٿئي ٿو.
ايراسمس چيو ته جڏهن بال ڇڪي ۾ تبديل ٿي ته هن نو بال جو اشارو ڏنو، ان وقت پاڪستاني رانديگرن کي ڪاوڙ هئي، ڇاڪاڻ ته ڪوهلي اڳ ئي پنهنجا هٿ مٿي ڪري چڪو هو.
هن وڌيڪ چيو ته مون بابر اعظم کي سموري معاملي بابت آگاهه ڪيو هو، جنهن تي هو ”ٺيڪ آهي، مهرباني“ چئي واپس هليو ويو.

 

You might also like