آمريڪا جي ايران سان واپار ڪرڻ تي پابندين جي ڌمڪي، چين جو سخت ردعمل

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين آمريڪا طرفان پابنديون لاڳو ڪرڻ واري اشاري تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پابنديون ۽ دٻاءَ وجهڻ جا حربا مسئلن جي حل ۾ مددگار ثابت نه ٿيندا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لن جيان ميڊيا بريفنگ دوران چيو ته ڌرين کي عقل ۽ صبر کان ڪم وٺندي اهڙن قدمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جيڪي تڪرار کي وڌيڪ وڌائين يا عالمي معاشي ترقي ۽ مالياتي استحڪام کي نقصان پهچائين.
هن وڌيڪ چيو ته چين جي خطي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال تي گهري نظر آهي ۽ پنهنجي جائز حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ ضرورت پوڻ تي هر ضروري قدم کڻندو.
چيني ترجمان آمريڪا جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته پابنديون ۽ دٻاءَ وجهڻ جي حڪمت عملي مسئلن جي حل ۾ مدد نٿي ڪري، پر ڇڪتاڻ ۾ واڌ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، تڪرار جو حل ڳالهين ۽ سفارتي ذريعن ذريعي ڳولڻ گهرجي.
واضح رهي ته چين جو اهو بيان ان وقت سامهون آيو آهي، جڏهن آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ ايران خلاف نيون پابنديون انتهائي سخت قرار ڏيندي ڌمڪي ڏني هئي ته ايران سان واپاري لاڳاپا برقرار رکڻ وارن ملڪن کي به پابندين کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

You might also like