حيدرآباد(رپورٽر) مڪي شاهه ڪينٽ قبرستان وٽ ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ ۾ گولي لڳڻ جي ڪري هڪ ڄڻي کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو، جنهن جي سڃاڻپ ظفر يوسفزئي پٺاڻ طور ٿي ۽ کيس علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب مقابلي دوران گرفتار ڏوهاري جو هڪ ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.