عمران خان چيو آهي ته پنج ماڻهو خريدڻ لاءِ اربين رپين جي آڇ ڪئي وئي، مون کي پنهنجي ٽيم تي فخر آهي، مون کي احساس آهي ته توهان تي ڪيترو دٻاءُ وڌو پيو وڃي.
عمران خان موجب مودي چئي رهيو آهي ته پاڪستان پِني رهيو آهي، اسان جي آزاد پرڏيهي پاليسي غلامن کي نه وڻي، آءِ ايم ايف وٽ وڃن يا نه مهانگائي ٿيندي، عدليا کي اپيل ٿو ڪيان ته اسان جا ڪي حق آهن يا نه؟ اسان جي دور ۾ هر شئي بهتر ٿي رهي هئي.