ملڪي سياست جو هڪ مسئلو ۽ هزار حل 

رياض ابڙو 

اها ڳالھه به ٺهڪي ٿي ته ”هڪ انار سو بيمار“ معنيٰ روايتي سياست کي درد رڳو ڪرسيءَ جو آهي، اهي نه ٿا چاهين ته ڪرسي انهن جي هيٺان نڪري وڃي، اهي بنيا اقتدار جي ۽ بي ڪرسيا ٿي وڃن ان ڪري سڀ حل ۽ ڦيڻا، ڪرسي ماڻن جا فارمولا رڳو ڪرسي جي پائيداري لاءِ آزمايا ٿا وڃن، سڀ حيلا وسيلا رڳو ”ڪرسي کپي“ جي لاءِ ڪيا ٿا وڃن، عوام جو درد ڪنهن وٽ ناهي.

اها ڳالھه به چوڻ آسان آهي ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳندي، ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ ايندو ڇو ته ملڪ هلي ئي اسپيڪيوليشنز تي ٿو ۽ اهڙيون اهي سڀ ٽيڪنوڪريٽ ئي ڳالهيون ٿا ڦهلائن جن ۾ سچائي ناهي، سڀ حل پنهنجي جاءِ تي پر مشڪل اها آهي ته ته جيڪي اسٽيڪ هولڊر آهن اهي سياسي هجن، سماجي، اسٽيبلشمينٽ وارا هجن، انهن سڀني جي نظر ۾ حڪومت ڪرڻ جو حل رڳو اليڪشن ڪرائڻ آهي، ان کان علاوه اهي سڀ ان ڳالھه جا حامي به آهن ته هي سيٽ اپ ڪنهن به صورت پنهنجي آئيني مدت پوري ڪري،، اها مدت پوري ڪرڻ معني هاڻي ان ڪرسيءَ تي ويٺل سياسي پارٽي جي ڳالھه ناهي رهي پر اهو مدو پورو ڪرڻ آهي، جنهن کانپوءِ عام چونڊون ٿي سگهن ٿيون، ممڪن آهن، اها آئيني مدت مٿان اچي باقي ناممڪن آهي، ته چونڊون وچ ۾ ٿي پون، ڪير ڪرائي به سگهي.

هاڻي 80 ۽ 90 وارو دور ناهي رهيو ته جي پ پ کان اقتدار کسجي ته نيون چونڊون ڪرائجن، نون ليگ جي حڪومت وڃي ته وري نئين سنئين اليڪشن ٿئي، ان ڪري جو هاڻي سياسي ٽرينڊ ۽ اسٽيبلشمينٽ به مڪمل تبديل ٿي چڪا آهي ۽ هاڻي اها صورتحال ناهي رهي (پر بدلي جي سياست ناهي بدلي)، هاڻي ملڪ ان ڳالھه جو متحمل ناهي رهيو ته هر ٻئي سال 50 ارب رڳو اليڪشن جي خرچ ۾ لڳائي سگهجن ان ڳالھه جي خاطري ڪرائجي ته ملڪ ۾ چونڊون صاف، شفاف ۽ غيرجانبدار ۽ آئين پٽاندر ٿيون آهن ۽ سڀ من ۽ عن ان ڳالھه کي مڃيو (پوءِ ٿين الائي نه، ڪير مڃي الائي نه) پر اها روايت به اڃان ساڳي آهي ته جيڪو هارائيندو ان جي نظر ۾ اليڪشن ڌانڌلي واري هوندي، ان ڪري شيون ڪجھه  ساڳيون به آهن، ڪجھه  بدليون ناهن، بيلٽ باڪس واري راند هاڻي ايتري آسان ناهي رهي ڇو ته سوشل ميڊيا جي اک کلڻ کانپوءِ اهي بيلٽ باڪس جون چوريون چڪاريون ۽ ٺڳيون واضح ٿي ويون آهن، ڇو ته اهي ثبوت ڪٺا ڪري سگهجن ٿا ۽ لاڳاپيل ڌرين کي بدنام ڪري سگهجي ٿو جيڪا پريڪٽس گھڻي ڀاڱي ڪراچي جي چونڊن ۾ ڏٺي وئي هئي،

هاڻوڪو ايم ڪيو ايمي پراڻن يارن جو اتحاد به ان ڳالھه جي ضمانت ناهي عمران خان کي شڪست ڏيڻ لاءِ هنن ايم ڪيو ايم جو اتحاد ضروري سمجهيو ته اهي ماڻهو ڪڏهن به گڏ نه ٿي سگهندا جيستائين انهن جي وچ ۾ اسٽيبلشمينٽ، اقتداري ڌر ٽياڪڙي نه ڪري پوءِ اها انهن جي ٽوڙڻ جي ڳالھه هجي، هاڻي جوڙڻ واري ڳالھه هجي پر اها ڳالھه وري عام فهم هوندي ته انهن ايم ڪيو ايمي سياست جي آڏو اسٽبلشمينٽ جڏهن به پنهنجو ڪو اهڙو مفاد رکندي آهي،، جنهن ۾ انهن جو ڪو مفاد هجي ته اهي ايم اڪيو ايمي ماڻهو وري پنهنجي ڊگهي مفادي لسٽ ڪڍي بيهندا آهن جنهن ۾ لالو کيتي قيادت جو پهريون مطالبو صوبي جو هوندو آهي،

باقي ”ڪُل پِيران دا خير“ پر اها ڳالھه ماضيءَ ۾ به رهي آهي ته اهي ايم ڪيو ايمي ماڻهو پهرين پ پ جي ووٽ بيئنڪ، اثر کي ٽوڙڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا هيا ته جيئن پ پ مرڪز ۾ مضبوط سياست، حڪومت نه ڪري سگهي، صوبي اندر ئي ڪمزور سياست ڪري،، هاڻي جڏهن عوامي زور جي زور آوري ڏٺن، جڏهن ڪم ڪورٽن جي ”عمران خان جي نااهلي“ کان چڙهي ويو ۽ هنن کي اهو نظر آيو ته جيڪي ايم ڪيو ايم ٿڏي ڪڍيا ويا اهي هاڻي اسٽيبلشمنيٽ جي ڳوٽ آهن ته جيئن پي ٽي آءِ جي زور کي گھٽائي سگهجي ٻيو ڪجھه  به نه.

سوال اهو آهي ته اهي ٽيڪنوڪريٽ حڪومت واريون ڳالهيون ڪير ٿو ڦهلائي؟ ڪير ٿو ان ڳالھه جي پٺڀرائي ڪري، ڪير ان ڳالھه جو ضامن آهي ته اهي شيون ٿينديون ڪيئن، ڪير ڪندو؟ چوندا آهن ته ”ٻلي جي ڳچيءَ ۾ گھنٽي ڪير ٻڌي“ جو خبر ته هجي ته ٿيندو ڇا؟ ڪير ۽ ڪيئن ڪندو؟ ان ڪري اسان وٽ ملڪي تاريخ ۾ جيڪي به ايمرجنسيون لاڳو ٿيون به آهن ته اهي 90 ڏينهن کان وڌي 11، 11 سالن تائين هلنديون رهيون آهن ان ڪري هاڻي به جيڪڏهن ڪو ”انٽيرم سيٽ اپ“ اچي به ته اهي ڇا ڪندا، ڪيئن ڪندا، ڪير ڪرائيندن، ان ڪري قائم مقام سيٽ اپ جي اچي به ته اهو اليڪشن ڪرائيندو ٻيو ڪجھه  به نه، پر هاڻي اهڙيون ڳالهيون پهرين به هيون ته صدارتي سيٽ اپ ٿو اچي ان ڪري ته خبر نه ٿي پئي ته ملڪ صدر جي هٿ وس آهي،، وزيراعظم به ڪجھه  آهي، جيڪو وزيراعظم جنهن پارٽي جو آهي، اهو سڀ ڪرتا ڌرتا هجي ٿو،

اهو سڀ ڪجھه  ڪري ٿو، آلي نال هجي ٿو، ان ڪري ڳالھه اها به آهي ته سيٽ اپ صدارتي هجي، وزيراعظم ۽ صدر ٻه ٻٽا سيٽ اپ هجن، انهن جي ٽياڪڙي لاءِ ڪنهن اسٽبلشمينٽ جو آشيرواد هجي، پر انهن سڀني ڳالهين کان جي آجو ٿجي ته پوءِ حل ڇاهي؟ ان ڪري ته اسٽبلشمينٽ، ٽيڪنوڪريٽ ڳالھه مڙئي ساڳي آهي، هڪ ڳالھه اها ضرور آهي ته اهي عوامي نمائندا نه ٿا هجن، اهي سليڪٽيڊ نمائندا جيڪي رڳو مرڪز جي اڳواڻي، سياست کي نوڪري سمجهي ڪندا رهندا آهن، جيئن صوبي جا چيف سيڪريٽري هجن باقي پوءِ سياست کي پُوري رکجي، جيئن اهي وري ڪنهن اهڙي سياست جي ڳالھه نه ڪن جنهن ۾ فلورڪراسنگ هجي، جنهن ۾ ڪرپشن هجي، جنهن ۾ نيپوٽزم هجي جنهن ۾ اقرباپروري هجي، جنهن ۾ نانيءَ ويڙهو هجي ٻيو ڪجھه  به نه.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.