ميرپورماٿيلي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثر جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

ميرپورماٿيلي ۾ ڳوٺاڻن پاران بااثر جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ مگسي جي رهواسين عبدالغفار، محبوب، عبدالمجيد ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن ميڊيا آڏو الزام هڻندي چيو ته سندن علائقي جو بااثر ماجد ڪورائي هڪ وياج خور قسم جو ماڻهو آهي، جيڪو نوجوان منظور مگسي کي گھڻي وقت کان بليڪ ميلڪ پيو ڪري.

هنن چيو ته بااثر هر روز درن تي اچي ڪروڙين رپيا ڏيڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون پيو ڏئي، جيڪا سنئون سڌو ظلم آهي.

احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته وياج خور بااثر ماجد ڪورائي خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.