ڀنگ لاءِ اغوا ۾ ملوث سي ٽي ڊي جي 4 اهلڪارن جون نوڪريون چٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي پوليس اهلڪارن کي شهرين کي اغوا ڪري ڀنگ طلب ڪرڻ جي الزام ۾ برطرف ڪيو ويو.

ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل سي ٽي ڊي چئني اهلڪارن کي برطرف ڪيو.

ٽيپو سلطان ٿاڻي ۾ سي ٽي ڊي اهلڪارن خلاف شهري ڪيس داخل ڪرايو هو.

شهري دانهيو هو ته سادي لباس ۾ اهلڪارن اغوا ڪري 4 لک رپيا ڀنگ وٺي ڇڏيو.

برطرف ڪيلن ۾ سب انسپيڪٽر رفاقت علي، اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر جهانزيب، اي ايس آءِ لياقت علي ۽ اي ايس آءِ محمد حارث شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.