”ڪاڪول ٽريننگ جي برڪت سان شڪست“: بابراعظم جو بيٽرز تي الزام

نيوزيلينڊ چوٿين ٽي ٽوئنٽي کٽي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. قذافي اسٽيڊيم ۾ ميچ کيڏي وئي جنهن ۾ 179 رنز جو هدف قومي ٽيم نه ماڻي سگهي ۽ 174 رنز ٺاهي سگهي.

بابراعظم بيٽرن تي الزام لڳائي ڇڏيو ۽ چيو ته بيٽنگ ۾ ناڪامي جي ڪري ميچ نه کٽياسين، بيٽرن سٺو نه کيڏيو.

ڪرڪيٽ جي شوقينن کي وڏي اميد هئي ته هي جيڪي رانديگر ڪاڪول ۾ ٽريننگ وٺي رهيا آهن هاڻي ٻوٽو ٻاريندا پر سندن خواب ڀورا ڀورا ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.