ملڪ جي بهتر مستقبل لاءِ صرف فوج سان ڳالهيون ڪنداسين: شهريار آفريدي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهريار آفريدي چيو آهي ته صرف آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا، فوج سان ڳالهيون جلد ٿينديون.
نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ حڪومت تي تنقيد ڪندي شهريار آفريدي جو چوڻ هو ته اهي پاڻ محتاج آهن، ريموٽ سان ڪنٽرول ٿيندا آهن، اهي فارم 47 ذريعي ايوان ۾ آيا آهن، عوام انهن کي رد ڪري ڇڏيو هو، اهي رد ٿيل آهي انهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون؟
پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته بدترين ڌانڌلين باوجود اهي بري شڪست کائي چڪا آهن، انهن ۾ اخلاقي جرئت آهي ته پاڻ چون ته عوام اسان کي ووٽ ناهي ڏنو ۽ حڪومت ڇڏي ڏين.
هن ٻڌايو ته منهنجو ليڊر ڪو اين آر او نٿو چاهي فوج سان پاڪستان جي بهتر مستقبل لاءِ ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا، هي ملڪ، فوج ۽ ادارا اسان جا آهن، فوج سان ڳالهيون جلد ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.