سنڌ جي زمين بنجر ڪري چولستان جي آباد ڪرڻ ڪھڙو انصاف آھي ؟

تحرير: پروفيسر منور ٽالپر

پنجاب ۽ وفاقي حڪومت چولستان جي 66 لک ايڪڙ بنجر زمين کي آباد ڪرڻ يا پوکي لائق بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ ستلج درياهه مان پاڻي حاصل ڪرڻ  جي رٿ رٿي وئي آھي.پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اڳ ئي آبپاشي لاءِ پاڻي جي شديد کوٽ آهي.

سنڌ حڪومت، پنجاب حڪومت جي ان فيصلي جي مخالفت ڪندي سوال اٿاريو آھي ته جيڪڏهن چولستان وغيره لاءِ ان طرح سان پاڻي حاصل ڪيو ويندو ته پوءِ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اڳ ئي موجود پاڻي جي کوٽ وڌيڪ پيدا ٿي ويندي، پر پنجاب ۽ ارسا جي عملدارن، سنڌ جي اعتراضن ۽ خدشن کي نظرانداز ڪندي، تجويز ڪيل منصوبي تي عمل درآمد جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي

ھندوستان کي ٽي درياهه وڪڻڻ ۽ سنڌو درياهه مٿان مختلف هنڌن تي بند ٻڌڻ  ۽ ٿل ڪئنال سميت ٻيا ڪئنال ۽ واهن ڪڍڻ سبب ڳچ عرصي کان سنڌ ۾ پاڻي جو بحران موجود آهي. ڪوٽڙي کان سمنڊ تائين گھربل  پاڻي نه پهچڻ سبب سمنڊ اڳتي وڌي ڪري لکين ايڪڙ زمين پائي ويو آھي، لکين ايڪڙ زرعي ۽ آبادي لائق زمين بنجر بڻجي وئي آهي. زميني اندر پاڻي زھريلو ٿي ويو آھي.اھو پاڻي واپرائڻ لائق نھ رھيو آھي.اھڙي صورتحال سبب هزارين خاندان لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

اهو ڪٿي جو انصاف آهي ته ڪوٽڙي ۽ سمنڊ جي وچ واري لکين ايڪڙ آباد زمين کي پاڻي کان محروم ڪري بنجر بڻايو وڃي ۽ ان جي مقابلي ۾ چولستان ۽ ٻين علائقن جي غير آباد ۽ بنجر زمينن کي آباد ڪيو وڃي؟ڇا ڪوٽڙي کان سمنڊ تائين مسلسل آباد ٿيندڙ علائقو پاڪستان جو حصو ناهي؟  آخر اھڙي امتيازي ورتاءُ جو ڪھڙو سبب آهي؟جيڪڏهن اضافي پاڻي  مھيا ھجي ها،سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گهربل مقدار ۾ پاڻي موجود هجي ها يا وري سنڌو درياهه جو پاڻي گهربل دٻاءُ سان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو ھجي ھا ۽ سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ھا تھ  لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ۾ ٻڏي وڃڻ کان بچي وڃي ھا.ان صورت ۾ يقينن ڪنهن کي به پنجاب يا پاڪستان جي باقي  بنجر زمين کي آباد ڪرڻ تي ڪنھن کي ڪو اعتراض نه ھجي ھا.

 پر اھو ڪٿي جو انصاف آھي تھ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اڳ ئي آباد ٿيندڙ لکين ايڪڙ زمين کي بنجر بڻائي،پاڻي کان محروم ڪري، ٿل ۽ چولستان وغيرھ جي بنجر زمين کي اوليت ۽ فوقيت  ڏئي آباد ڪيو وڃي ؟

حقيقت ۾ اها ئي مخصوص ذهنيت آهي، جنهن پاڪستان جي وفاق ۾ شامل سمورن قومي يونٽن جي  ماڻهن کي وفاق کان ناراض ۽ نااميد ڪري پري ڌڪي  ڇڏيو آهي ۽ انھن ماڻھن کي گهڻو ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي.پاڪستان ٺهڻ ۽ پوءِ مٿان وري  ون يونٽ مڙھڻ کان پوءِ جنهن طريقي سان سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مقامي بي زمين هارين کي ڏيڻ بدران سول، فوجي، آفيسرن ۽ رياستي ادارن حوالي ڪئي وڃي ٿي.تسلسل سان اهو عمل جاري ۽ برقرار آهي. اها ئي حاڪماڻي  ۽آمراڻي ذهنيت اڄ به ”سر تي سوار“ آهي.

بين الاقوامي قانون ۽ انساني قدرن ۽ انصاف جي تقاضائن موجب انهن سڀني دريائن جي پاڻيءَ تي پهريون حق انهن جو آهي جتي درياهه جو پاڻي آخر ۾ هڪ مخصوص ۽ گهربل دٻاءُ سان اچي سمنڊ ۾ پوي ٿو يعني ڇوڙ ڪري ٿو.

وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته پاڪستان جا حڪمران صرف ۽ صرف طاقت جي زور ۽ اڪثريتي صوبائي آبادي جي گھمنڊ تي زبردستي ھڪ طرفو فيصلو مڙھي  رهيا آهن.سنڌ، بلوچستان ۽ ٻين صوبن جا عوام دوست حلقا جڏهن اهڙي  امتيازي رويي  جي خلاف آواز اٿاريندا آهن ته انهن تي مختلف فتوائون ڏئي خاموش ڪرايو ويندو آهي، پر رڳو پنجاب جي هڪ مخصوص طبقي يا حلقي جي مفادن کي ”ملڪي مفاد“  يا وري ان کي ”پاڪستان جي خوشحالي“ جو نالو ڏنو  وڃي ٿو.!

سنڌ هجي يا بلوچستان، خيبرپختونخواهه هجي يا سرائيڪي وسيب، گلگت بلتستان هجي يا ڪشمير يا پنجاب، جيستائين وفاق ۾ شامل سمورن قومي يونٽن کي برابر،ھڪجھڙا،حق نھ ڏنا ويندا.ھڪجھڙو  ورتاءُ نھ ڪيو ويندو.حڪمراني جو مڪمل حق تسليم نھ ڪيو ويندو،جيستائين زماني کان آزمايل،ناڪام ذھنيت کان ڇوٽڪارو نھ ملندو تيستائين مسئلو حل نھ ٿيندو.

جيستائين سڄي ملڪ جي پورهيتن، هارين، آبادگارن،ملازمن، عورتن، شاگردن، نوجوانن، تعليم يافته ۽ اڪثريتي آباديءَ جي سڀ کان وڏي اڪثريت واري شھرين کي اقتدار اعليٰ  ۽ حڪمراني جو حق بحال نه ٿيندو، تيستائين ملڪ جون معاشي حالتون نھ سڌرنديون  ۽ سماجي مسئلا حل نھ ٿيندا.

جيستائين وفاقي ۽ صوبائي حڪمران خود تعصب ۽ تنگ نظري،فاشسٽ حڪمت عملي ۽ طاقت استعمال ڪرڻ لاءِ ضد ڪندا رھندا  ته پوءِ ڀلا پاڪستان جي اڪثريتي عوام ڪهڙو رستو اختيار ڪندو ؟  وفاق ۾ شامل سمورين قومي وحدتن  ۽ ان سان ڳنڊيل رياستون آخر ڪنهن مان اميد رکي ؟

(ليکڪ سنڌ هاري ڪميٽي جو صدر آھي)

 

پنجاب ۽ وفاقي حڪومت چولستان جي 66 لک ايڪڙ بنجر زمين کي آباد ڪرڻ يا پوکي لائق بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ ستلج درياهه مان پاڻي حاصل ڪرڻ  جي رٿ رٿي وئي آھي.پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اڳ ئي آبپاشي لاءِ پاڻي جي شديد کوٽ آهي.سنڌ حڪومت، پنجاب حڪومت جي ان فيصلي جي مخالفت ڪندي سوال اٿاريو آھي ته جيڪڏهن چولستان وغيره لاءِ ان طرح سان پاڻي حاصل ڪيو ويندو ته پوءِ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اڳ ئي موجود پاڻي جي کوٽ وڌيڪ پيدا ٿي ويندي، پر پنجاب ۽ ارسا جي عملدارن، سنڌ جي اعتراضن ۽ خدشن کي نظرانداز ڪندي، تجويز ڪيل منصوبي تي عمل درآمد جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.