معاشي غير يقيني ۽  نوجوانن جي  پرڏيھه ڏانھن ٿيندڙ لڏپلاڻ

تحرير: منقول  احسن انصاري

ملڪ جي معاشي ۽ سياسي غير يقيني سبب ڪجهھ وقت ۾وڏي تعداد ۾ پاڪستاني، خاص طور تي نوجوانن، روزگار جي ڳولا ۾ ملڪ ڇڏي ويا آهن. بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائيمينٽ جي رپورٽ موجب 2023ع ۾ اٽڪل 8 لک کان وڌيڪ  ماڻھون ٻاھر ويا.ھن کان ا جيڪا اڳ سال 2015 ع  کانپوءِ ، جي سڀ کان وڏي لڏپلاڻ آهي. 2015ع ۾ پڻ ساڳي ڪيفيت سبب  9  لک کان وڌيڪ پاڪستاني پنهنجو وطن ڇڏي ويا هئا.

رپورٽ موجب 2023ع ۾ ملڪ ڇڏي ويندڙن ۾ 4  لکن  جو تعلق ليبر واري شعبي سان هو. جڏهن ته 5 لک پاڪستانين جو تعلق ھنر مندي سان ھو. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انھن  ۾ اعليٰ تعليم يافته ماڻهو به شامل هئا، جيڪي پنهنجي پنھنجي شعبي ۾ مهارت رکندڙ ھئا. جن ۾ 8 ھزار 5 سئو، انجنيئر، 7 ھزار 5 سئو، اڪائونٽنٽ، 3 ھزار 5 سئو ڊاڪٽر ۽ 1600 استاد بھ شامل هئا. پرڏيهه ويندڙن  مان 4 لک 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهو سعودي عرب، 2 لک 30 هزار ماڻهو گڏيل عرب امارات، 56 هزار ماڻهو قطر، 80 هزار ماڻهو عمان ۽ ٻين  نار جي ملڪن ڏانهن ويا، جڏهن ته 21 هزار ماڻهو ملائيشيا، 5 هزار ماڻهو رومانيا ويا.۽ 3 هزار ماڻهو يونان ويا. هي اهي پاڪستاني هئا جن پاڻ کي بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائيمنٽ  وٽ قانوني طور رجسٽرڊ ڪرايو ھو.جڏهن ته غير قانوني طور پرڏيهه وڃندڙن  جو انگ به لکين ۾ آهي.

گذريل سال ملڪ ۾ پکڙيل غير يقيني صورتحال سبب پاڪستان جي امير ۽ اشرافيه طبقي به وڏي انگ ۾ پنهنجون ملڪيتون ۽ اثاثا وڪرو ڪري دنيا جي ٻين ملڪن  جي شهريت ۽ رهائش اختيار ڪري ورتي ۽ اربين ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو  ملڪ  ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

اھڙي ريت  پاڪستان برين ڊرين سان گڏ ڪيپيٽل ڊرين جو به شڪار ٿيو. پرڏيهه ۾ پاڪستاني جن ملڪن ۾ آباد ٿيا آهن انهن ۾ ترڪي، گڏيل عرب امارات، ڪئناڊا ۽ ڪجهه يورپي ملڪ شامل آهن. ترڪي انهن ملڪن ۾ سڀ کان اڳيان آهي جنھن  سڄي دنيا جي اشرافيا ۽ معززن جي لاءِ  پنهنجي ملڪ جا دروازا  کولي  رکيا  آهن، جتي ڪجهه سال اڳ تائين ريئل اسٽيٽ ۾ 2 لک 50 ھزار  ڊالرز جي سيڙپڪاري سان ٿوري عرصي ۾ رهائش ۽ ترڪي جي شهريت حاصل ڪري سگھڻ ممڪن ھو.جنهن مان هزارين پاڪستانين به فائدو ورتو پر هاڻ ان اسڪيم جي مقبوليت کي ڏسندي ترڪ حڪومت 2 لک 50 هزار ڊالرن جي حد وڌائي 4 لک ڊالر ڪري ڇڏي آهي، پر ان باوجود ترڪي ۾ سيڙپڪارن جي تعداد ۾ ڪا به گهٽتائي نه آئي آهي.

اندازو لڳايو ويو آهي ته پاڪستانين جو هڪ وڏو تعداد ترڪي جي رئيل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ سيڙپ ڪري ان اسڪيم مان فائدو حاصل ڪري رھيو آھي.ترڪي کانسواءِ ڊومينيڪن  ھڪ لک ڊالر، مونٽينيگرو 2 لک 50 ھزار ڊالر، پرتگال 3 لک 50 ھزار ڊالر، آمريڪا 8 لک ڊالر.مالٽا 10 لک ڊالر ۽ برطانيا 25 لک ڊالر  ۾ شھريت جون خصوصي اسڪيمون متعارف ڪرايون آھن.

پاڪستاني ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي اشتهارن جو سلسلو عروج تي آهي. ڪيپيٽل اينڊ برين ڊرين هڪ سنگين مسئلو آهي پر بدقسمتيءَ سان تازين چونڊن ۾ ڪنھن بھ به پارٽي ان اهم مسئلي تي توجھ نھ ڏنو ۽ ان کي  پنهنجي منشور ۾ شامل نه ڪيو.

هاڻي جڏهن نئين حڪومت آئي آهي تھ  اميد ڪجي ٿي تھ ھن اهم مسئلي تي ڌيان ڏيندي ۽ اهڙا قدم کڻندي جنهن سان پاڪستاني سيڙپڪار،واپارين، پڙهيل لکيل ۽ ماهر نوجوانن جو اعتماد بحال ٿيندو. پرڏيهي شهريت هجي، بهتر مستقبل ۽ روزگار هجي، ڪنھن بھ سبب جي ڪري اھي ملڪ ڇڏڻ ۽ پنهنجو سرمايو پرڏيهه منتقل ڪرڻ بدران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ ھتي رهڻ کي ترجيح ڏيندا.

جيڪڏهن حڪومت ان اهم مسئلي تي ڌيان نه ڏنو ۽ خاموش تماشائي بڻيل رهي ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان جي اشرافيه ۽ امير طبقي کان علاوه پڙهيل لکيل ماڻهو به ٻين ملڪن ڏانهن ھليا ويندا ،اتي وڃي رهندا ۽ اتي جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رھيا ھوندا. هن ملڪ جي خطي جا ٻيا ملڪ ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ پاڪستان جو دماغ  ھئڻ ڪري  آھن  ۽ سرمائي واپس وٺندڙ ملڪن کان گهڻو پوئتي رهجي ويندا ۽ اهو پاڪستان لاءِ ڪنهن سانحي کان گهٽ نه هوندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.