ماحولياتي گدلاڻ کي گھٽائي سگهجي ٿو

تحرير: رياض ابڙو 

دور گهڻو تيز تر ٿي ويو آ، جتي ٻيون شيون اتي جو اتي نتيجا ڏين ٿيون، جتي دنياوي نتيجا اتي جو اتي ڏسڻ ۾ اچن ٿا جو هِتي ڪا شيءِ ڪيو ۽ اُتي ئي نتيجو وٺو. دنيا جي مڪافات عمل تي ئي مبني آ ته اها ڳالھه  رڳو ماحولياتي گدلاڻ کي ئي ڏسڻ سان نظر ٿي اچي ته ڪيئن شيون ”ڪيش بيڪ“ ٿيون ٿين. شين جا “ڊرابيڪس“ ڪيئن اتي جو اتي ڏسڻ ۾ ٿا اچن ۽ دنيا جتي ترقي ٿي ڏسي اتي مونسون جي بارشن ۾ تباهي به ڏسي ٿي. ماڻهن پنهنجي جان، مال متاع ۽ ملڪيتون محفوظ نه ٿا سمجهن، ڪٿي ڍور لڙهي ٿا وڃن ته ڪٿي مشينريون ۽ مارڪيٽون به لڙهي ٿيون وڃن. اتي بيٺل گاڏين جي مٿان تيز طوفانن جي ڪري يا ته وڻ ڪري ٿا پون يا اهي ندين جي چاڙھ ۽ طغيانين جي ڪري لڙهي تري هليون ٿيون وڃن. ڪٿي بجليءَ جا نظام درهم برهم ٿي ٿا وڃن ته ڪٿي رابطي جا نظام ڊهي ٿا پون. ڪٿي بجلي جي ٿنڀن جي ڪري پوڻ جي ڪري ڏينهن جا ڏينهن ۽ هفتن جا هفتا بجلي گم ٿي ٿي وڃي، جو رياست اهي نظام سڌا ڪرڻ ۾ ساڻي ٿي پئي، يا ائين چئون ته سندن چيلھ چٻي ٿي ٿي پئي. پر اهڙي تباھ ڪارين ۽ قدرتي آفتن جي برداشت وري غريب ملڪن ۾ صفا ناهي يا نه ٿي ٿي سگهي. ان ڪري ته معاشي بدحالين جي ڪري يا سياسي اڻبڻت جي ڪري رياست به منجهي ٿي پئي ته ڪنهن جي پورت ڪري ڪنهن جي ڪجي، ڇو جو مسئلا هزار ٿي پيا آهن.

هيل تائين جيڪي به ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي نيڪال يا اخراج جا عمل تيزيءَ سان ٿي رهيا آهن، يا جيڪي به دونهاٽيل ماحول بڻايا ويا آهن، جن گدلاڻ وارن ماحولن بڻائڻ ۾ انتها درجي جي ٽرانسپورٽيشن جو عمل دخل آهي، جو روڊن جا روڊ سڄو ڏينهن ڀرجي ٿا وهن ۽ هلن، يا ڪنزيومر مارڪيٽن ۾ تيزي يا انتها درجي جي تيزي، مشينري جو گهڻو استعمال، اليڪٽريڪل ۽ اليڪٽرونڪس جي شين جي استعمال جي گهڻائي يا صارفين جي شين جي استعمال يا آئوٽ ڊور اچڻ وڃڻ ۾ گهڻائي ۽ پئيسي جو بي دريخ استعمال انهن سڀني شين جي نشاني آهي ته ماحول اڃان به دونهاٽبو ۽ آلودگي اڃان به گهڻي ٿيندي. ان ڪري ته اسان وٽ ترقي جو اسڪيل رڳو اهو وڃي بچيو آهي ته جيڪو زبردست ”ڪنزيومر“ آهي اهو ترقي جي راھ تي گامزن آهي ۽ اهو ئي ڀلو ”ٽيڪس پَيئر“ به آهي. پر اها ڳالھه  دنيا ڀر جي ڪچي جي علائقن سان گڏ هاڻي پڪي جي علائقن جي لاءِ ڳڻتي جو باعث آهي ته دنيا سان آخر ٿيڻو ڇاهي جو جيترو نقصان بارشن جي ڪري ٿئي ٿو شايد ڪنهن ٻئي وسيلي يا ذريعي ٿيندو به هجي. ان ڪري دنيا جا سڀ ليڊر (پوءِ اهي ترقي يافتا ملڪن جا هجن يا ترقي پزير ملڪن جا هجن) اهي مٿي کي هٿ ڏيون ويٺا آهن ته انهن ماحولياتي گدلاڻ، گرميءَ جي پد، بارشن جي گهڻائي، سامونڊي طوفانن، دريائي ٻوڏن ۽ آخر ۾ فليش فلڊ کي ڪيئن منهن ڏجي، جو ماڻهن جا الھه تلهھ چٽُ ٿي ٿا وڃن، ماڻهن ۾ هاڻي اهو به خوف آ ته جي اهي ساريالو فصل ڪن به ته رڳو بارشن جي ٻوڙڻ جي لاءِ ڇو ڪن، جتي ٻه فصل کڻن پيا اتي هڻي رڳو ربيع جو فصل کڻن جو خريف جو فصل غريب غُربي جي وس کان چڙهي ويو آهي، جو هي ويچارا هرٻار، ٻج ڀَتَ، پوکائي لڻائي جو خرچ ڀرن به، پر ٻوڏن اهي سڀ لوڙهي کڻي هليون وينديون ته پوءِ ايتري خرچ ڪرڻ جي ڪا انشورنس به ناهي، جو سڀاڻي نقصان کڻي ملي پئي، پوءِ اهڙي خوف واري صورتحال ۾ ماڻهن ۾ بک بدحالي ۽ بي روزگاري ۽ وري بارشن جي ڏمر جي ڪري صحت جا مسئلا اڀري پوندا، جنهن جي لاءِ سرڪار وري ٻٽي ڦاسي ٿي پئي جو ماڻهن جي کاڌ خوراڪ، دوا درمل جي ڪري، انهن ماڻهن جي مال متاع، اٽي لٽي جي ڪري، جُهڳو لڙهڻ جي ڪري، انهن جي لاءِ وري ٽينٽ سٽي جا اڳواٽ انتظام ڪري، ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت ڀلا ڇا ڪري ڇا ڪن، ڇو ته اها ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ واري ڳالھه  امير ملڪن کي ڀلي اميري بخشي ڏئي پر غريب ملڪن جا لاھ ڪڍي ٿي ڇڏي جو اهي ماڻهو اهو ٿا سمجهن ڄڻ ان دونهين جي ليٽ (ٽِلِٽُ) رڳو غريب ملڪن ڏي ٿي پيو آهي.

هاڻي امير ملڪن جي صنعتڪاري، مشينري، اليڪٽريڪل ۽ اليڪٽرونڪ ترقين يا ڪمپيوٽر ۽ نيٽ ورڪنگ يا آءِ فون ۽ ايپل ٽيڪنالاجي کي ڪو غريب ملڪ نه پڄي سگهي ڇو ته هڪ آءِ فون جي ٽرڪ اسان جي هڪ ڏينهن جي ”جي ڊي پي“ کان به گهڻي آهي. ان ڪري ان آءِ فون يا ايپل ليپ ٽاپ سان ڀريل ٽرڪ جو مقابلو بصرن ۽ ٻٽالن جي ٽرڪ سان نه ٿو ڪري سگهجي يا ڪو موازنو به ناهي. پر هڪ التماس ضرور آهي ته اهي ملڪ يا خاص چائينا (ڇو ته اهي وڏا ڏھ ملڪ جن جي ترقي 20 غريب ملڪن جي ماڻهن جي موت جو سامان کڻي ٿي اچي) يا ٻيا سڀ ملڪ جي ڪوالٽي تي زور ڏين ته به ڀلو، ”آءِ ايس او“ (ڪوالٽي اشوئرنس واري تنظيم) جي ان ڳالھه  تي زور ڏياري ته شين جي وارنٽي گھٽ ۾ گھٽ 10 سال يا لائيف ٽايئم هوندي (جيڪا لائيف ٽائيم گارنٽي وڌ ۾ وڌ پنجويھ سال هجي ٿي) ته ان سان شين جي وري وري ٺهڻ جي ڪري فيڪٽرين جي هلت چلت گهٽ ٿيندي ۽ جي هلت چلت گھٽ ٿي ته دونهون به گھٽ ٿيندو ۽ بهترين ڪوالٽي جي ڪري شين جي مٿان اعتبار يا (رلائبلٽي) وڌي ويندي جنهن جو اثر ماحول تي مثبت پوندو. ان ڪري چائينا جي لاءِ مشهور آهي ته ”هلي ته چنڊ تائين نه ته شام تائين“. ان ڪري اهڙي فريڪئينسي جي ڪري ماحول جي گدلي ٿيڻ سان گڏ غريب يا امير جا مالياتي حالتن تي به اثر پوندو، جو شيون هر هر وٺڻيون نه پونديون ۽ اعتبار واريون شيون ماڻهن جي سڪون جو باعث به ٿينديون .فيڪٽرين جي گھٽ هلڻ سان ماحول صاف سٿرو ٿيندو، جو اڄڪلھه ڪچري ۾ ڪاغذ گهٽ به اليڪٽرونڪ جون شيون گھڻيون اڇلائڻيون ٿيون پون ان ڪري امير ملڪ ان ڳالھه  تي ڌيان ضرور ڏين.

دنيا جي ڏاهن کي اها اميد آهي ته اهي امير ملڪ 2050 تائين دنيا مان رڳو 2.5 ٽرلين ٽن دونهيون به جي گھٽ ڪري سگهيا ته به ڪمايوسين، جو اهو دونهيون گذريل 200 سالن جي دوران دنيا اندر پئي جڙيو آهي، جنهن اوزون کي سڌو سنئون خراب ڪيو آهي، جنهن جي خراب اثرن جي ڪري سمنڊ جي پاڻيءَ جو رنگ به ڏينهون ڏينهن تبديل ٿيندو پيو وڃي. جتي ماحولياتي گدلاڻ آهي، اتي غريب ملڪن ۾ اهو به ڏچو آهي ته اهي پنهنجي انڌي منڊي يا ٿڪل صنعتن مان جيڪو زهريلو پاڻي نڪري ٿو، سو اهي به پنهنجي ڀرسان وارين ندين نالن يا دريائن جي ذريعي سمنڊ تائين جي نه به پڄائن ٿا ته به ايندي ايندي اهو پاڻ سڀني سوسائٽين ۽ ننڍن وڏن شهرن جي مسئلا کڙا ڪندو ٿو اچي، جو ڪٿي زرعي زمينون خراب ٿيون ٿين، ڪٿي ڊي فاريسٽريش ٿي ٿئي، ڪٿي گهڻي ۽ بي سبب ٽرانسپورٽيشن جي ڪري ماحول گدلو ٿو ٿئي، ڪٿي جانورن جي اندر بيماريون ڦهلجن يا اٿن ٿيون، ڪٿي آبي حيات جي لاءِ جان ليوا ثابت ٿيون ٿين. ان ڪري اها ساڳي فنامان امير ملڪن سان به آهي ته غريب ملڪن سان به آهي. غريب ملڪن سان ان ڪري مصيبت به سوائي آهي، جو غريب علائقن ۾ بارشن جا سور وڃڻ ۾ به دير ٿا ڪن، يا ڪا تباهي آڻي پوءِ ٿا وڃن. پڪي وانگي ناهن ته صبح جو بارش ٿئي ٿي ته شام جو روڊ سُڪا ٿي ٿا وڃن ۽ ائين لڳي ڄڻ بارش اُٺي ئي ناهي.

ان ڏس ۾ امير ملڪ جا امير ليڊر ان بهاني ڪجھه  ڳالهيون عمل ۾ آڻين جيئن مثال: هڪ ته وڻن جي پوکائي ۽ مهم سازي تي جاڳرتا هلائن ۽ ڪجھه  پئيسن جي عيوض ئي سهي ماڻهن جي ذريعي يا تنظيمن جي ذريعي ممڪن ڪن ته ماڻهو ڪنهن صورت اهي وڻ پوکن، ٻيو ته مفت ۾ ماڻهن تائين وڻن جون چڪيون فراهم ڪن ۽ اها رقم به پاڻ برداشت ڪن، ۽ انهن وڻن جي ديک ڀال جي لاءِ ماڻهو مقرر ڪن جيئن فريشٽريشن يا ٻيلي کاتي جو عملو هجي ٿو. ٽيون ڪم اهو ڪن ته هٿراڌو مينهن يا فطري مينهن کان اڳ هيليڪاپٽرن جي ذريعي ٻيلن ۽ جهر جهنگ ۾ ٻج ڇٽرائي ڇڏين ته جيئن مينهن وسڻ کانپوءِ اهي جهنگ جهر ۽ ٻيلا وري سرسبز ٿي سگهن ۽ انهن جي لاءِ وري هٿراڌو مينهن وسرائين، ۽ چوٿون ته جيڪي زمينون وس وارن جهنگن مان ڦيرائي زرعي زمينون ڪري ٻيلا تباھ ڪري ڇڏيا آهن اهي ڇڏرائي اهي وري ٻيلا آباد ڪرايا وڃن. اهڙي طريقي انهن ۾ به ٻج ڇٽرائي اهي وڻن جون پوکايون ممڪن ڪن. وري ايئر فلٽرهلائي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي فضا ۾ وڃڻ کان روڪي سگهن. پنجون ته جيڪي به زهريلا پاڻي زمينن ۾ ڇڏيا ٿا وڃن اهي زمينن ۾ ڇڏڻ کان پهرين فلٽر ڪيا وڃن ته جيئن اهي زمين جي زرخيزي ماري يا خراب نه ڪن. ان ڪري ته ان زهريلي پاڻيءَ سان زمين جي سطح خراب ٿي ٿئي يا اهي زهر وري جر جي پاڻي ۾ ملي پيئڻ جي پاڻي کي به زهريلو ٿا ڪن جن مان وري موزي مرض جنم ٿا وٺن. ان ڪري حڪومتي وقتي اپاءَ موسمي اثرن کي گهٽائي سگهن ٿا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.