ڪراچي ۾ پوليس دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس شهر دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائيندي را جي ٻن انتهائي خطرناڪ دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ايس ايس پي ڪورنگي حسن سردار جو چوڻ هو ته ڪورنگي جي صنعتي ايريا ۾ پوليس ۽ ڳجهن ادارن جي گڏيل ٽارگيٽڊ ڪارروائي ۾ دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث تربيت يافتا ٻن انتهائي هاءِ پروفيشنل دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب جوابدارن وٽان 2 هينڊ گرنينڊ، هڪ 9 ايم ايم پستول ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون.
گرفتار دهشتگردن جي سڃاڻپ خاور حسين ۽ جابر مشتاق جي نالي سان ٿي.
شروعاتي جاچ ۾گرفتار جوابدارن طرفان اهم انڪشاف ڪيا ويا آهن، جوابدارن ٻاهرين ملڪ مان ملندڙ ٽارگيٽ جي سي آءِ ڊي ڪري سموريون تفصيلون ٻاهرين ملڪ موڪليندا هئا.
ايس ايس پي سردار ٻڌايو ته جوابدارن وٽان مختلف پرڏيهي بينڪ اڪائونٽن ذريعي لکين رپيا ملي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.