هي 4 شيون آهن گرمي جون دشمن، پاڻي جي کوٽ پوري ڪنديون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ ڪلهه سج جي تپش تيز ٿي وئي آهي ۽ گرمي آهي جيڪا ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي.

گرم موسم ۾ ٻاهر نڪرڻ چئلينج کان گهٽ ناهي، هن موسم ۾ ڪيترائي ڀيرا پاڻي پيئڻ کانپوءِ به اڃ ناهي لهندي.

ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان اوهان کي ڪجهه اهڙيون شيون ٻڌايون ٿا جيڪي جسم ۾ پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪن ٿيون.

کيرو

کيري ۾ پاڻي جو جهجهو مقدار هوندو آهي، هن کي سلاد جي طور تي کائي سگهجي ٿو، هن جي استعمالسان جسماني سيلز ۾ پاڻي جي کوٽ ناهي ٿيندي، هي قبض ۽ چهري جي کل جي صفائي لاءِبه بهترين آهي.

ناريل جو پاڻي

ناريل جو پاڻي معدنيات سان ڀرپور هوندو آهي، گرمي ۽ جهولن جي موسم ۾ ناريل جو پاڻي پيئڻ سان جسم ۾ نمڪيات جي سطح بحال ٿي ويندي آهي.

ڪچي لسي

ڪچي لسي جو استعمال جسم جي گرمي کي ماريندو آهي. هلڪي نمڪين لسي کاڌو هضم ڪرڻ ۾ مدد سان گڏوگڏ جهولي کان محفوظ رکندي آهي.

فاروا

کٽا مٺا فاروا گرمي جي موسم جي سوکڙي آهن. هن جو شربت ٺاهي پيئڻ سان به جسم ۾ نمڪيات جي سطح برقرار رکي سگهجي ٿي، هي جسم ۾ پاڻي جي کوٽ ٿيڻ کان روڪين ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.