ايف بي آر جي چوڻ تي سمون بلاڪ ڪرڻ غيرقانوني آهي: ٽيلي ڪام ڪمپنيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ٽيلي ڪام ڪمپنين ايف بي آر جي حڪم کي غيرقانوني ۽ پاڪستان جي آئين ۽ ٽيلي ڪام ايڪٽ جي حدن کي اورانگهڻ قرار ڏنو آهي.

ڪمپنين انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ پي ٽي اي کي مداخلت جي درخواست ڪئي آهي ته جيئن ٽيلي ڪام صنعت ۽ ان جي واهپيدارن جي مفادن جو تحفظ ڪري سگهجي.

ايف بي آر حڪم ڏنو هو ته سال 2023 لاءِ ٽيڪس جمع نه ڪرائيندڙن جون سمون بلاڪ ڪيون وڃن.

ٽيلي ڪام آپريٽرز مزاحمت جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته اهو حڪم قانون جي دائري ۾ نٿو اچي.

ٽيلي ڪام آپريٽرز ڌرين کي مشاورت جو سڏ ڏنو آهي ته جيئن ان جو حل ڪڍي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.