انوارالحق ڪاڪڙ، ڪڻڪ اسڪينڊل ۽ شهباز شريف جي حڪومت

تحرير: انور ساجدي

1988ع جي چونڊن کانپوءِ جڏهن مقتدره نواز شريف کي بينظير جي مقابلي لاءِ ميدان ۾ لاٿو ته کيس ”الٽرا پاڪستاني نيشنلسٽ“ جو ويس پارائي ڇڏيو.1990ع ۾ نواز شريف گڏيل اپوزيشن جي جلسن ۾ جنرل ضياءَ الحق کي هيرو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي زيرو قرار ڏيندو ھو، ضياءُ الحق جي ورسي واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته شهيد ۽ ڀٽي جو ڪهڙو مقابلو آهي؟ ڀٽو غدار ھو ۽ ملڪ کي ٻھ اڌ ڪرڻ جو  ذميوار ھو.جڏهن بينظير وزير اعظم ٿي وئي ته نواز شريف کيس غدار ۽ سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏنو ھو، هن آسمان مٿي تي کڻي ڇڏيو ھو ته بينظير پنهنجي گهرو وزير چوڌري اعتزاز احسن جي معرفت سک مجاهدن جي فھرست هندستان جي حوالي ڪري ڇڏي آھي. ان زوردار بيانيئي اختيار ڪرڻ بعد نواز شريف 1990ع ۾ وزيراعظم بڻجي ويو. کيس 1997ع ۾ ٻيو ڀيرو وزير اعظم بڻجڻ جو موقعو مليو، پر اھڙيون شاھديون اچڻ شروع ٿيون  ته ميان صاحب ڪو ”الٽرا نيشنلسٽ “ نھ آھي. پر پنهنجي ذاتي ڪاروبار کي وڌائي رهيو آهي. راولپنڊي کان لاهور موٽر وي منصوبي کانپوءِ پھريون ڀيرو ھن تي ڪرپشن جا الزام لڳا. 1997ع جي جهرلو اليڪشن کان پوءِ آهستي آهستي مقتدر ۽ نواز شريف وچ ۾ اختلاف شروع ٿي ويا، جنھن جي نتيجي ۾ 1999ع جي مارشل لا لڳي. جنرل پرويز مشرف هن جي اتفاق فائونڊري سميت ملڪيتون ضبط ڪري ورتيون،پر ھن جي نظر انھن جي لنڊن واري جائيداد تي نھ وئي.ان باري ۾ جڏھن 2013ع ۾ ميان صاحب ٽيون ڀيرو وزير اعظم ٿيو ته غيرملڪي جائيدادن ۽ ڪاوربار جو انڪشاف ٿيڻ شروع ٿيو.ايستائين پاناما اسڪينڊل منظر عام تي اچي ويو.سپريم ڪورٽ جي ذريعي نوازشريف کي قيد ۽ تاحيات نااهلي جي سزا ٻڌائي وئي، جيڪا هاڻي ختم ٿي وئي آهي پر ترديد جي باوجود اھا حقيقت آھي تھ ميان صاحب جي دولت ۽ اثاثا اربين ڊالر ماليت جا آھن.ائين ثابت ٿيو ته پاڪستان ۾ ڪو به ”الٽرا نيشنلسٽ ليڊر“ ناهي.

جڏهن بلوچستان سان تعلق رکندڙ انوار الحق ڪاڪڙ نگران وزيراعظم مقرر ٿيو  تھ ھن اھڙو تاثر ڏنو تھ هن کان وڏو محب وطن پاڪستاني ليڊر اڄ ڏينھن تائين پيدا نه ٿيو آهي،ھو ڄاڻي واڻي بلوچن ۽ پشتونن خلاف اھڙا بيان ڏيندو ھو ڄڻ ھن جو تعلق ٻنھي قومن سان نھ آھي.اصل ۾ ھو بلوچستان ۾ هلندڙ جنگ مان فائدو وٺندڙ رهيو هو. ان ڪري ھو ٻنھي قومن کي مڇرائڻ جو ڪم ڪندو ھو. اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ھن پنھنجي پاڪ دامني ۽ ايمانداري جي بھ وڏي دعويٰ ڪئي.پر ڪرسي تان لھڻ بعد طرح طرح جون ڳالھيون ٿيڻ لڳيون.تازو جڏهن پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي جي وڌيڪ پئداوار ٿي تھ عين ان وقت پتو پيو ته نگران حڪومت 35 لک ٽن ڪڻڪ ٻاھران گھرائي آھي.جنھن جو ڪو تصرف نھ آھي.ان واڌو ڪڻڪ ملڪ ۾ ھارين جي لاءِ تمام وڏو بحران پئدا ڪري ڇڏيو.حڪومت وٽ خريداري لاءِ رقم موجود نھ آھي ۽ ھاري دربدر ٿي رھيا آھن.

شهباز حڪومت جڏھن ان معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو ته معلوم ٿيو ته  انوارالحق ڪاڪڙ جي منظوري ۽ وفاقي وزيرگوھر اعجاز جي ذاتي دلچسپيءَ سان پرائيويٽ سيٺن کي ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي.انهن سيٺن هڪ ارب ڊالرن جي ڪڻڪ درآمد ڪئي هئي،جنھن جي ماليت پاڪستاني ڪرنسي ۾ اٽڪل 3 کرب رپيا ٿئي ٿي.

نگران حڪومت کي خبر هئي ته آءِ ايم ايف کان هڪ ارب ڊالرن جي قرض جي قسط وٺڻ لاءِ  شھبازشريف عالمي اڳواڻن ۽ مالياتي ادارن جي سربراهن جا پير چمڻ ۾ به دير نه ڪئي، ڇو ته ملڪ جي ڏيوالي ٿيڻ جو خطرو ھو. جئين تھ جاچ جاري آهي، ٿي سگهي ٿو ته ڪا ڪميشن بھ ٺهي جنهن کانپوءِ ئي خبر پوندي ته هن اسڪينڊل جو اصل ذميوار ڪير هو،پر اصل ذميواري حڪومت جي سربراھن  تي اچي ٿي ۽ اهو هو، انوارالحق ڪاڪڙ. جيڪڏهن  ھو الٽرا پاڪستاني نيشنلسٽ ھو تھ پوءِ هن کي رياست جي مفاد کي اوليت ڏيڻ گهرجي ها، نه ته پوءِ بي بنياد دعوائون نه ڪرڻ کپي ها.

ٻھ چار ڏينهن اڳ ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي ۽ انوارالحق ڪاڪڙ ھڪ ٻئي جي منھن مقابل ٿيا.ڪڻڪ اسڪينڊل تي ڳالھائيندي انھن ۾ تلخ ڪلامي ٿي.جنهن تي حنيف عباسي چيو ته آئون، قسم کڻي چئي سگھان ٿو ته توهان گڙٻڙ ڪئي آهي.جنھن تي ڪاڪڙ چيو تھ،” اڇا تون مون کي گرفتار ڪرڻ آيو آهين.“ هن جوابي وار ، ۾مسلم ليگ (ن) کي فارم 47 جو طعنو ڏنو.ھن اهو نه سوچيو ته جيڪڏهن ن ليگ جي ڪاميابي فارم 47 جو نتيجو آهي ته ان جو ذميوار بھ ڪاڪڙ صاحب ئي آھي.ڇاڪاڻ جو الڪشن وقت سندس حڪومت ھئي.

هوڏانهن ن ليگ جي سپريم ليڊر نواز شريف به ڪڻڪ اسڪينڊل جو نوٽيس وٺندي پنهنجي ڀاءُ شهباز شريف کي طلب ڪري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. اسان جي راءِ آهي ته اھا بيڪار قسم جي پريڪٽس آھي.اڄ وقت تائين ڪنھن به تحقيق جو نتيجو نھ نڪتو آھي.ان ڪري ڪڻڪ اسڪينڊل  جو معاملو به ڪجھھ ھفتن ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن ٿي ويندو.ڇاڪاڻ جو جنھن واپارين کان ڪمشن کاڌي آھي،ان جي ڪا رسيد موجود نھ آھي.

جيڪڏھن حڪومت اھو ڪيس نيب کي ڏنو ته ڪهڙا ثبوت  آھن جيڪي پيش ڪيا ويندا،تنھن ڪري  ٻين ڪيسن وانگر هي ڪيس به دفن ٿي ويندو. باقي جيڪڏھن انوارالحق جي جيڪڏھن اڳ نيڪ نامي آھي تھ ان تي وڏو داغ لڳي ويندو.پاڪستان جي سمورن وڏن ليڊرن ۽ شخصيتن جي دامن تي داغ لڳل آھن.پر انھن تي ڪو فرق نٿو پئي.

اھا سوچڻ جي ڳالھھ ضرور آھي ته تباھ ٿيل معاشي صورتحال جي باوجود ملڪ کي هلائڻ وارا پنهنجي ڪرتوتن کان نٿا مڙن ۽ رياست کي ڦرڻ جو ڪو موقعو هٿان نٿا وڃائڻ  چاھين. ڪو وقت ايندو جڏھن ريڪوڊڪ جي نيلامي جو قصو سامھون آيو اچي ويندو ۽ پتو پوندو تھ  ھن وهندڙ گنگا ۾ ڪنھن ڪنھن هٿ ڌوتا آھن.سو، جيڪڏهن انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي ڊگهي مالي ڏکيائن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪھڙو پھاڙ ٽٽي پيو آھي. ظاهر آهي کيس وزير اعظم بڻجڻ جو موقعو مليو، جيڪو شايد آخري آهي، باقي حياتي گذارڻ جي لاءِ بھ ڪجهھ تھ کپي.ڇاڪاڻ جو سندس ڪو اھڙو ڪاروبار نھ آھي.جنھن سان ھو ڪا مناسب زندگيءَ گزاري سگھي.ان ڪري جيڪڏھن ھن گوھر اعجاز جي ذريعي پنھنجي لاءِ ڪوشش ڪئي تھ سندس حڪومت کي ان حرڪت نظرانداز ڪرڻ گھرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.