ڪراچي کي جنگي بنيادن تي ”سيف سٽي“ بڻائڻ وارو معاملو

تحرير: خدا بخش بروھي

ڪجهه ڏينھن اڳ صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ سنڌ جي مجموعي امن امان جي  صورتحال تي اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، سائنس واري وفاقي وزير سينيئر وزير ۽ ٽيڪنالاجي خالد مقبول صديقي، توانائي وارو وزير ناصر شاهه، صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاه وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم آغا، سنڌ جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ، ڊائريڪٽر ايف آءِ اي زعيم شيخ ۽ ٻين  شرڪت ڪئي وزير اعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صدر آصف علي زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي امن امان جي حوالي سان هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ، گھرن مان چورين ۽ منشيات فروشن خلاف وڏي پيماني تي آپريشن شروع ڪيو وڃي ته  جيئن ان مقصد کي حاصل ڪري سگهجي ٻين صوبن سان رابطا قائم ڪيا وڃن.

صدر زرداريءَ ھن ملڪ کي امن امان جي نه رڳو بھتر ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي ذميوارن کي چيو آھي پر صوبي جي  امن ۾ خلل وجهندڙ، زمينن، تي قبضا ڪندڙ  مافيا ئن جي پاڙ پٽڻ ۽ انھن جي خلاف بنا امتياز ڪارروائي ڳالهه جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ ترت نتيجو گھريو اٿس، آصف زرداري سمجھي ٿو  ملڪ ۾ امن جو مسئلو ڳنڀير آھي جنهن مان ملڪي  ترقي ۽ تعمير ۾ خلل پوڻ جو خدشو ٿي پيو آھي ڇاڪاڻ ان صورتحال ۾ عوام جي پريشاني بک بيروزگاري کي روڪڻ ختم ڪرڻ مسئلو پيدا ٿئي ٿو .

اڄ ھڪ دفعو وري ملڪ ۾  ڏوھن جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي. ڪوبه صوبو ناھي جنھن ۾  اھا دعوا ڪري سگھجي ته ھتي امن امان مڪمل قائم ٿي ويو آھي  اڄ به ڪي پي ڪي ۾ دھشتگردن وري ڪارروايون شروع ڪيون آھن ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ به ڏوھن ۾ واڌ اچڻ لڳو آھي سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچي ۾ ڏوھارين پراڻن دادائن جي ياد تازي ڪري ڇڏي آھي  اھوئي پراڻو دور  ورجايو پيو وڃي انھن گينگ وارن ڊڪيٽن پاليل  نسلي ۽ گروھي ڏوھارين ۽ ٻاھرين ايجندا تي ڪم ڪندڙ ان سڀني  ڪرائي جي ايجنٽن ھڪ دفعو وري ڪراچي جي امن کي  تباهه ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪيون آھن  جن حڪومت رٽ کي چيلينج ڪري ان جون ڌڄيون اڏاري ڇڏيون آھن وڏي ڳالهه ھن جديد دور جي سي سي ڪيميرائن جديد اوزارن، ھٿيارن کان ليس پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙن طاقتن کي چيلينج ڪيو آھي ھاڻ ته حالت  اھا ٿي آھي ڏينھن ڏٺي جو روزاني جي بنياد تي ڪيتريون ئي وارداتون ڪري ڏوھاري  ھليا وڃن ٿا جنھن سبب شريف، ملازم،  واپاري طبقو  ۽ عام خلق خدا پريشان آھي ماڻھو پاڻ کي غير محظوظ سمجھي ٿو اھڙي طرح باقي سڄي سنڌ جي شھرن ۾ ڏوھارين  تر تپائي ڇڏيو ان ۾ خاص ڪري ڪچي جو علاقو ڏوھن جو مرڪز ٿي پيو آھي ڏوھارين اغواڪارن ڪچي ۾ پنهنجي اسٽيٽ ٺاھي ڇڏي آھي انھن ھر دور جي حڪومت کي چيلينج ڪيو آھي  انھن کي تحفظ ڏيڻ ۾ به  مقامي ڀوتارن تي الزام لڳندا رھيا آھن شايد انھن به وھندي گنگا ما ھٿ ڌوتا.

ھن وقت  سنڌ ۾ حڪومت پ پ جي آھي ان  ڪري   پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته سڄي سنڌ. خاص ڪري ڪراچي کي جنگي بنيادن تي ”محفوظ شهر“ بڻايو وڃي،  صدر آصف علي زرداري نه رڳو وڏي وزير پر سڀني ذميوارن کي ھدايت ڪئي آھي  ته ڪنهن به دٻاءُ ۾ اچڻ کان بالاتر ٿي شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم کي روڪڻ لاءِ خاص آپريشن شروع ڪريو. عوام جي جان مال جي حفاظت کي ترجيحي  بنيادن تي يقيني بڻايو. ھن اھو چيو آھي ته ناردرن بائي پاس تي واڙ لڳائي وڃي ساڳي وقت ھن سرڪاري زمينن تي قبضي جو نوٽيس ورتو آھي ايئن چيو اٿس ته زمينن تي قبضو ڪڏهن به برداشت نه ڪندس، منشيات جي حوالي سان ھن چيو آھي ته خبر آهي ته منشيات اسڪولن ۾ پهچي وئي آهي ۽ ھو سوال ٿو ڪري ۽ چئي ٿو چوري ٿيل گاڏيون ۽ موبائيل ڪٿي پهتا آهن؟زور ڏئي چئي ٿو ته ميرٽ تي پوليس آفيسرن جي مقرري ڪئي وڃي،  انهن جي ڪارڪردگي جي نگراني ڪئي وڃي، جيڪڏهن اهي ناڪام ٿين ته انهن کي هٽايو وڃي.

ساڳي وقت  وزير اعليٰ سنڌ صدر آصف علي زرداري کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم  خلاف آپريشن سبب امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي ان سلسلي ۾ هن ايراني صدر جي ڪراچي دوري ۽ سندس هڪ ڏينهن واري پرامن انعقاد جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته پي ايس ايل ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچز ۽ مذهبي تقريبون منعقد ڪرڻ امن امان جي بهتر صورتحال جي عڪاسي آهن، مراد علي شاہ  چيو ته هو صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي ڀرپور نظر رکي ٿو  ان سلسلي ۾ وقت بوقت اجلاس منعقد ڪيا وڃن ٿا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايتون پڻ ڏنيون وڃن ٿيون. صدر زرداري چيو ته چوري ٿيل گاڏيون ۽ موبائيل فون مارڪيٽن ۾ وڪرو ٿيندا آهن جن جي پوليس ۽ ٻين ادارن کي خبر هوندي آهي ته پوءِ پوليس اهڙين ڏوهاري عنصرن کي پڪڙڻ ۾ ڪيئن ناڪام ٿي سگهي ٿي ۽ پوليس چوري ٿيل گاڏين خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪري موبائل سيٽن جي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهو؟ هن سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته فوري ڪارروائي شروع ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ڪراچي ۾ امن امان بابت صدر جي اجلاس جي آجيان ڪندي چيو ته ان سان شهرين جو حڪومت تي اعتماد وڌندو. هن صدر کي گذارش ڪئي ته هر مهيني اهڙيون گڏجاڻيون ڪرايون وڃن.

اتي پوليس جي مقرري ۽ ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان آءِ جي سنڌ به صدر زرداري کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته فيبروري 2023ع کان وٺي سنڌو درياهه جي کاٻي ڪناري تي 107 پوليس پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن. آءِ جي پوليس چيو ته ماڻهن کي لالچ يا لالچ ڏئي اغوا ڪيو ويندو آهي، پوليس هن ڀيري 609 اهڙن واقعن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن اهو طريقو ناڪام ٿيو ته ماڻهن کي زبردستي اغوا ڪيو ويو. صدر سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعن مان 103 ماڻهن کي اغوا ڪرڻ لاءِ درياهه جي ساڄي ڪپ تي پوليس پڪٽس قائم ڪيون وڃن، جن مان 76 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته 47 ڪيس رپورٽ نه ٿيا. هڪ سوال جي جواب ۾ آصف زرداري کي ٻڌايو ويو ته پوليس چئن مهينن دوران 63 ڄڻا مارجي ويا، 120 کي زخمي ڪيو، 418 کي گرفتار ڪيو ۽ مختلف قسمن جا 469 هٿيار هٿ ڪيا.صدر آصف علي زرداري  سنڌ جي وڏي وزير کي ھدايت ڪندي چيو ته هو پوليس آفيسرن جي مقرري لاءِ هڪ مدو مقرر ڪري انهن جي ڪارڪردگيءَ جي به نگراني ڪري ۽ جيڪڏهن اهي ناڪام ٿين ته انهن کي هٽايو وڃي، آصف زرداري سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته سنڌ امان ڌاڙيل ڪلچر جو خاتمو آڻي پرڏيھين کي فول پروف سيڪيورٽي ڏني وڃي ھتي رهندڙ ۽ ڪم ڪندڙ پرڏيهي شهرين کي تحفط فراهم ڪيو وڃي

ملڪ خاص ڪري سنڌ جي امن امان جي بھتري لا۽ صدر آصف علي جا خدشا درست آھن انڪري انتظاميا کي گھرجي ته سندس ڏنل ھدايتن تي عمل ڪندي  امن صوبي ۾  امان کي بحال ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.