ملڪي تاريخ مان سبق پرائي، تجربي خاطر زهر نه پيئڻ گهرجي

 ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام جو سوال ڪو معمولي سياسي نعرو يا ڪنهن وزير جي بيان بازيءَ سان طئي ٿيڻ وارو معاملو ناهي. هي اهڙو حساس آئيني ۽ سياسي مسئلو آهي، جنهن جو سڌو سنئون تعلق ملڪ جي وفاقي ڍانچي، صوبائي خودمختياري، انتظامي ورڇ ۽ عوام جي سياسي حقن سان آهي. اهڙي معاملي تي ذميوار حڪومتي عهديدارن کان سنجيدگي، تدبر ۽ سياسي بصيرت جي اميد ڪئي ويندي آهي، نه ڪي ڌمڪين، اشتعال ۽ غير ذميوار بيانن جي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي طرفان نون صوبن جي معاملي تي اختيار ڪيل لهجو ۽ بيانن جو انداز ڪيترن ئي سنجيده سوالن کي جنم ڏئي رهيو آهي. وفاقي گهرو وزير جهڙي اهم منصب تي ويٺل شخص جي هر ڳالهه جو اثر عام سياسي بيان کان گهڻو وڌيڪ هوندو آهي. سندس لفظن کي رڳو هڪ سياسي راءِ طور نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته اهڙا بيان ملڪ جي مختلف حصن ۾ سياسي ۽ عوامي ردعمل کي جنم ڏئي سگهن ٿا.

خاص طور تي اهڙي وقت ۾، جڏهن ملڪ اڳ ئي سياسي ڇڪتاڻ، معاشي دٻاءَ ۽ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مختلف معاملن تي اختلافن مان گذري رهيو آهي، نون صوبن جهڙي حساس موضوع تي سخت ۽ چڙ ڏياريندڙ زبان استعمال ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ دانشمندي ناهي. وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته اها مختلف علائقن ۽ قومن جي احساسن کي سمجهي، انهن جي سياسي حساسيت جو احترام ڪري ۽ اهڙن معاملن کي ٽڪراءَ بدران ڳالهين ۽ آئيني طريقي سان اڳتي وڌائي. محسن نقوي جو بلوچستان جي امن امان بابت ڪجهه عرصو اڳ ڏنل اهو بيان به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، جنهن ۾ هن چيو هو ته بلوچستان جي امن امان واري صورتحال هڪ ايس ايڇ او به بهتر ڪري سگهي ٿو. ان کان پوءِ بلوچستان ۾ جيڪي حالتون پيدا ٿيون، تن ملڪ کي اهو سبق ضرور ڏنو ته پيچيده سياسي، سماجي ۽ امن امان جي مسئلن کي دعوائن يا طاقت جي اظهار سان حل نٿو ڪري سگهجي. بلوچستان جهڙي حساس صوبي جي صورتحال لاءِ سياسي سمجهه، عوامي اعتماد ۽ مستقل پاليسي جي ضرورت هوندي آهي.

نون صوبن جو قيام هجي يا ملڪ جي انتظامي ڍانچي ۾ ڪا بنيادي تبديلي، اهڙا فيصلا پارليامينٽ جي دائري ۾ اچن ٿا. ملڪ جو آئين انهن معاملن لاءِ واضح رستو فراهم ڪري ٿو. تنهن ڪري ڪنهن به غير سياسي قوت، اداري يا فرد کي پارليامينٽ جي آئيني اختيارن تي اثرانداز ٿيڻ بدران چونڊيل ايوانن کي پنهنجو ڪم آزاديءَ سان ڪرڻ گهرجي. پارليامينٽ ئي اهو فورم آهي، جتي ملڪ جي مختلف علائقن، قومن ۽ سياسي ڌرين جي نمائندگي موجود آهي ۽ جتي اهڙن معاملن تي کليل بحث، اتفاق راءِ ۽ آئيني طريقي سان فيصلو ٿي سگهي ٿو.

حڪومت کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته وفاق جي مضبوطي طاقت جي استعمال ۾ نه، پر اعتماد جي تعمير ۾ آهي. جيڪڏهن ڪنهن علائقي يا صوبي کي اهو احساس پيدا ٿئي ته سندس سياسي حقن، سڃاڻپ يا آئيني حيثيت بابت فيصلا سندس نمائندن جي مرضي کانسواءِ ٿي رهيا آهن، ته ان جا نتيجا ڪنهن به صورت ۾ وفاق جي استحڪام لاءِ فائديمند نه هوندا وفاقي وزيرن کي به پنهنجي بيانن ۾ غير معمولي احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي. اقتدار ۾ ويٺل شخص جي زبان مان نڪتل هڪ جملو ڪڏهن ڪڏهن اهڙو سياسي ردعمل پيدا ڪري سگهي ٿو، جنهن کي پوءِ واپس وٺڻ يا ختم ڪرڻ ممڪن نه رهندو آهي. خاص طور تي پاڪستان جهڙي گهڻ رخي وفاق ۾، جتي مختلف قومون، ٻوليون، ثقافتون ۽ علائقائي سڃاڻپون موجود آهن، حڪمرانن جي لفظن ۾ وفاقي ذميواريءَ جو احساس نمايان ٿيڻ گهرجي.

ملڪ جي تاريخ اهڙن ڪيترن ئي مرحلن جي شاهد آهي، جڏهن سياسي اختلافن کي ڳالهين ۽ آئيني رستي سان حل ڪرڻ بدران طاقت، ضد ۽ غير سياسي مداخلت ذريعي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. انهن تجربن جو نتيجو ملڪ لاءِ ڪڏهن به سٺو نه نڪتو. تاريخ کي ٻيهر ورجائڻ ۽ ساڳين غلطين کي ٻيهر آزمائڻ ڪنهن به ذميوار رياست لاءِ دانشمندي نٿي چئي سگهجي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نون صوبن جو سوال هجي يا ڪو ٻيو بنيادي آئيني معاملو، ان تي جذبات بدران دليل، ڌمڪي بدران ڳالهه ٻولهه ۽ طاقت بدران پارلياماني عمل کي اڳتي وڌايو وڃي. وفاقي حڪومت جيڪڏهن واقعي ملڪ جي اتحاد ۽ استحڪام کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿي ته کيس سياسي اختلافن کي وڌيڪ ڀڙڪائڻ بدران اتفاق راءِ پيدا ڪرڻو پوندو. حڪومتن وٽ اختيار عارضي هوندا آهن، پر انهن جي فيصلن جا اثر نسلن تائين رهندا آهن. تنهن ڪري اقتدار ۾ ويٺل ماڻهن کي هر بيان کان اڳ اهو سوچڻ گهرجي ته سندن لفظ ملڪ کي گڏ ڪري رهيا آهن يا وڌيڪ ورهائي رهيا آهن. حالتون جڏهن هٿن مان نڪري وڃن ته پوءِ اختيار، حڪم ۽ ڌمڪيون به گهڻو ڪجهه واپس نٿيون آڻي سگهن. ملڪ اڳ ئي اهڙا تجربا ڪري چڪو آهي؛ هاڻي انهن کي ٻيهر ورجائڻ بدران تاريخ مان سبق سکڻ جو وقت آهي.

You might also like