دل جي خطرن کان بچڻ لاءِ رات جي کاڌي جو صحيح وقت ڪهڙو؟ ماهرن جي تحقيق

عام طور ناشتي ۽ منجهند جي ماني جي ابتڙ، ماڻهو رات جي ماني پنهنجي سهولت، ڪم جي وقت يا دير سان گهر پهچڻ جي بنياد تي کائيندا آهن.

هڪ عالمي ميڊيا رپورٽ موجب، ڀارتي ڊاڪٽرن جي ڪيل هڪ جديد تحقيق مان خبر پئي آهي ته کاڌو کائڻ جو وقت دل ۽ رت جي نالين جي صحت تي گهرو اثر وجهي ٿو.

ڊاڪٽر گِرا هڪ لک کان وڌيڪ بالغ ماڻهن تي 7 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ڪيل هڪ وڏي طبي تحقيق جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته دير سان کاڌو کائيندڙ ماڻهن ۾ دل جي بيمارين، فالج ۽ رت جي نالين ۾ رڪاوٽ جا امڪان نمايان طور وڌيڪ هئا.

ماهرن موجب، انساني جسم 24 ڪلاڪن جي هڪ قدرتي نظام يا جسماني گهڙيءَ (سرڪيڊين ردهم) تحت ڪم ڪندو آهي، جيڪا رت جي دٻاءَ، هارمونن ۽ جسم ۾ خوراڪ کي توانائي ۾ بدلائڻ واري عمل کي ضابطي ۾ رکي ٿي. رات جو دير سان کاڌو کائڻ سان اهو قدرتي نظام متاثر ٿئي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ انسولين جي اثرائتي صلاحيت ۽ رت ۾ شگر جي مقدار متاثر ٿي سگهي ٿي.

تحقيق مان خبر پئي آهي ته جيڪي ماڻهو رات 8 وڳي کان اڳ رات جي ماني کائي وٺن ٿا، انهن جي ڀيٽ ۾ رات 9 وڳي کان پوءِ کاڌو کائيندڙ ماڻهن ۾ دماغ جي رت جي نالين سان لاڳاپيل بيمارين جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي.

ڊاڪٽر واضح ڪيو ته رات 9 وڳي کان پوءِ کاڌو کائڻ سڌيءَ ريت ڪنهن بيماري جو سبب نٿو بڻجي، پر اهو زندگي جي غير متوازن طريقي ۽ دير سان سمهڻ جهڙين خراب عادتن سان لاڳاپيل آهي، جيڪي اڻ سڌيءَ ريت دل جي بيمارين جو وڏو سبب بڻجي سگهن ٿيون.

You might also like