ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي سپر اسٽار شاهه رخ خان 1990ع واري ڏهاڪي ۾ فلمي صنعت تي انڊرورلڊ جي وڌندڙ اثر ۽ ڌمڪين باوجود دٻاءُ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
فلمساز سنجي گپتا يوٽيوب چينل تي ڳالهائيندي 1990ع واري ڏهاڪي ۾ ممبئي جي فلمي صنعت ۽ انڊرورلڊ وچ ۾ لاڳاپن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ شاهه رخ خان جي رويي جو خاص طور ذڪر ڪيو.
سنجي گپتا موجب ان دور ۾ فلمي اداڪارن کان وٺي هدايتڪارن تائين لڳ ڀڳ هر اهم ماڻهو انڊرورلڊ جي نشاني تي هو. هن ٻڌايو ته فلمن جي شوٽنگ دوران انڊرورلڊ سان لاڳاپيل ماڻهو سيٽ تي ايندا هئا ۽ فلمن ۾ سيڙپڪاري يا شموليت بابت پنهنجو اثر استعمال ڪندا هئا.
فلمساز چيو ته هڪ پنجابي اداڪار فلم سٽي ۾ مئل حالت ۾ مليو، جنهن کان پوءِ خبر پئي ته هو پوليس جو مخبر هو. اهڙيءَ ريت اداڪارا منيشيشا ڪوئرالا جي سيڪريٽري کي به سندس آفيس ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، جڏهن ته فلمساز راڪيش روشن تي پڻ حملو ڪيو ويو.
سنجي گپتا موجب اهي رڳو ڀتي خوريءَ جون فون ڪالون نه هيون، پر فلمي صنعت سان لاڳاپيل ماڻهن کي مختلف طريقن سان دٻاءَ ۽ ڌمڪين کي منهن ڏيڻو پوندو هو.
فلمساز سنجي گپتا ٻڌايو ته لڳ ڀڳ هر وڏي اداڪار ۽ اداڪارا کي انڊرورلڊ طرفان انهن فلمن جي معاهدن تي صحيحون ڪرڻ لاءِ دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پوندو هو، جيڪي انڊرورلڊ سان لاڳاپيل ماڻهو ٺاهڻ چاهيندا هئا.
سندس موجب شاهه رخ خان اهو واحد شخص هو، جنهن ان دٻاءَ آڏو جهڪڻ کان انڪار ڪيو. جڏهن شاهه رخ خان کي ڌمڪيون ڏنيون ويون ته هن صاف لفظن ۾ جواب ڏنو”فلم ته ڪڏهن به نه ڪندس، شو به ڪڏهن نه ڪندس، پٺاڻ آهيان، گولي هڻڻي آهي ته هڻي ڇڏيو.“
فلمساز موجب شاهه رخ خان واضح ڪري ڇڏيو هو ته هو نه انڊرورلڊ سان گڏ فلم ڪندو ۽ نه ئي انهن لاءِ ڪو شو ڪندو.
سنجي گپتا چيو ته شاهه رخ خان جي ان موقف سبب آخرڪار سندس لاءِ عزت پيدا ٿي. سندس چوڻ موجب انڊرورلڊ سان لاڳاپيل ماڻهن پڻ محسوس ڪيو ته فلمي صنعت ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ اهڙو شخص موجود آهي، جيڪو سندن دٻاءَ آڏو نه جهڪندو.
ان کان اڳ فلمساز فرح خان پڻ رنوير الهه آباديا جي پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي تسليم ڪيو هو ته 1990ع واري ڏهاڪي ۾ بالي ووڊ جي وڏن اداڪارن کي انڊرورلڊ جي دٻاءَ کي منهن ڏيڻو پوندو هو.
جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا ٽنهي خانن کي پڻ انڊرورلڊ طرفان دٻاءَ کي منهن ڏيڻو پيو هو، ته فرح خان جواب ڏنو هو ”ها.“
هن ٻڌايو ته فلم ”ڊپليڪيٽ“ يا ”ڪڇ ڪڇ هوتا هي“ جي پريميئر جي موقعي تي ڪرن جوهر کي انڊرورلڊ طرفان ڌمڪي ڏني وئي هئي. ڌمڪي کان پوءِ اهو سوال پڻ اٿيو هو ته پريميئر رد ڪيو وڃي يا معمول موجب منعقد ڪيو وڃي.
ياد رهي ته شاهه رخ خان ٿيٽر مان اداڪاري جي شروعات ڪئي ۽ 1988ع جي ٽي وي ڊرامي ”دل دريا“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو، پر پروڊڪشن ۾ دير سبب ”فوجي“ سندس پهريون نشر ٿيندڙ ڊرامو بڻيو، جنهن کيس گهر گهر ۾ مشهور ڪري ڇڏيو.
ان کان پوءِ هن ”اميد“، ”سرڪس“ ۽ ”وگلي جي دنيا“ سميت ڪيترن ئي ٽي وي ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو.
شاهه رخ خان شروعاتي طور اداڪاري کي پنهنجو ڪيريئر بڻائڻ ۾ گهڻي دلچسپي نه رکندو هو. تنهن هوندي به 1990ع ۾ سندس والده جي وفات کان پوءِ هن پنهنجو ارادو تبديل ڪيو ۽ دهليءَ مان ممبئي منتقل ٿي ويو.
1992ع ۾ فلم ”ديوانا“ ذريعي هن وڏي پردي تي قدم رکيو ۽ ان کان پوءِ ڪاميابين جو نه رڪجندڙ سلسلو شروع ٿي ويو.
2023ع ۾ فلمن ”پٺاڻ“ ۽ ”جوان“ جي ڪاميابي کان پوءِ هاڻي شاهه رخ خان فلمساز سڌارٿ آنند جي فلم ”ڪنگ“ ۾ نظر ايندو، جنهن جي نمائش ڊسمبر 2026ع ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.