محسن نقوي جي سياسي حيثيت ۽ حڪومتي ڪردار بابت هميشه سوال اٿندا رهيا آهن. هڪ اهڙو شخص، جيڪو ڪنهن چونڊيل سياسي پارٽي جي روايتي صفن مان اڳتي نه آيو، پر ميڊيا سان لاڳاپي ۽ طاقتور حلقن جي ويجهڙائي سبب وفاقي حڪومت تائين پهتو ۽ سينيٽ جو ميمبر بڻيو، هاڻي عوام کي سندن حقن ۽ سياسي جماعتن کي حڪمراني جا سبق ڏيندي نظر اچي ٿو. صورتحال جو دلچسپ پاسو اهو آهي ته جيڪو شخص پاڻ روايتي سياسي عمل کان ٻاهر رهي اقتدار جي مرڪز تائين پهتو، اهو ئي هاڻي سياسي نظام کي بهتر ڪرڻ ۽ ان کي نئين سر ترتيب ڏيڻ بابت ڳالهائي رهيو آهي. محسن نقوي صوبن جي جوڙجڪ، انتظامي نظام ۽ عوامي ضرورتن تي خيالن جو اظهار ڪيو. ڪجهه عرصي کان ملڪ ۾ نون صوبن بابت بحث زور وٺي رهيو آهي، سياسي اڳواڻ به مختلف اندازن سان پنهنجي راءِ ظاهر ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ هن معاملي تي پيپلز پارٽي واضح طور تي چئي چڪي آهي ته سنڌ جو ورهاڱو قبول نه ڪيو ويندو، سنڌ اسيمبلي پڻ سنڌ کي ورهائڻ بابت هر قسم جي تجويز رد ڪري چڪي آهي.
هاڻي محسن نقوي جو چوڻ آهي ته صوبن بابت جيڪو به فيصلو ٿيندو، اهو عوام جي مرضي ۽ سياسي اتفاق راءِ سان ٿيندو ۽ آئين کان مٿانهون ڪو قدم نه کنيو ويندو. ٻئي طرف سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثنا الله جو موقف آهي ته نون صوبن بابت حڪومت وٽ هن وقت ڪا تجويز غور هيٺ ناهي ۽ پارليامينٽ ۾ به اهڙو ڪو بل پيش نه ٿيو آهي. هڪ ئي وقت سامهون ايندڙ مختلف بيانن مان اهو تاثر ضرور پيدا ٿئي ٿو ته ملڪ جي انتظامي ڍانچي بابت بحث ڪنهن خاص رخ ڏانهن وڌي رهيو آهي. خاص طور تي ان وقت جڏهن محسن نقوي اڳ ۾ موجوده نظام کي ناڪام ۽ تبديلي کي ضروري قرار ڏئي چڪو آهي. جولاءِ جي آخر ۾ اسلام آباد ۾ پنهنجي خطاب دوران هن موجوده نظام کي ناڪام قرار ڏيندي نون صوبن کي مسئلن جي حل لاءِ ضروري ٻڌايو هو. ان کانپوءِ فوج جي ترجمان طرفان به بهتر حڪمراني ۽ ضروري انتظامي سڌارن تي غور ڪرڻ جي ڳالهه سامهون آئي. اهڙن بيانن هڪ ئي وقت اهو سوال پيدا ڪيو ته ڇا ملڪ جي انتظامي ڍانچي ۾ وڏي تبديلي جي تياري ٿي رهي آهي؟
هاڻي جڏهن محسن نقوي پنهنجي نئين خطاب ۾ ’ري سيٽ‘ جي ڳالهه ڪري ٿو ته ان جي وضاحت به ڪري ٿو ته ان جو مطلب نظام ختم ڪرڻ يا تبديل ڪرڻ نه، پر موجوده انتظام کي عوام جي ضرورتن مطابق وڌيڪ ڪارائتو بڻائڻ آهي. هي وضاحت سندس اڳوڻي سخت موقف جي ڀيٽ ۾ نرم نظر اچي ٿي. ان مان اهو به محسوس ٿئي ٿو ته اڳوڻي بيان جي سياسي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
سوال اهو آهي ته انتظامي سڌارن ۽ حڪمراني بابت اهڙا اهم پيغام ڏيڻ لاءِ گهرو وزير ئي ڇو اڳيان اچي رهيو آهي؟ خاص طور تي جڏهن سندس پنهنجي وزارت جي ڪارڪردگي بابت به ڪيترائي سوال موجود آهن. ملڪ ۾ دهشتگردي وڌڻ، امن امان جي صورتحال ۽ مختلف ادارن وچ ۾ معلومات جي هم آهنگي بابت خدشا موجود آهن. اهڙي ماحول ۾ اهو سوال جائز آهي ته گهرو وزارت جي ذميوارين تي مڪمل ڌيان ڏيڻ بدران هو اڃا تائين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه طور به اهم ڪردار ڇو نڀائي رهيو آهي. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي خراب ٿيڻ تي ذميواري قبول ڪرڻ کان پاسو ڪندڙ ساڳيو شخص جڏهن ملڪ جي سياسي جماعتن کي حڪمراني، عوامي محرومين ۽ سياسي تبديلي بابت مشورا ڏئي ٿو ته ان تي بحث ٿيڻ فطري ڳالهه آهي. شايد انهيءَ ڪري سندس هر نئين بيان کي ملڪ جي انتظامي مستقبل بابت ڪنهن وڏي فيصلي جو اشارو سمجهيو وڃي ٿو، نتيجي ۾ اصل حقيقت کان وڌيڪ اندازا، افواهه ۽ سياسي قياس آرائيون گردش ڪرڻ لڳن ٿيون.
صوبن جي امڪاني ورهاڱي بابت به محسن نقوي هاڻي جلدبازي کان انڪار ڪندي عوامي راءِ کي بنياد بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. پر اصل سوال اهو ئي آهي ته عوام کان اها راءِ ڪهڙي طريقي سان ورتي ويندي؟ ڇا مخصوص علائقن ۾ ريفرنڊم ٿيندو يا ڪو ٻيو آئيني رستو اختيار ڪيو ويندو؟ جيڪڏهن اهڙي عمل بابت واضح رٿابندي موجود ناهي ته پوءِ رڳو ’عوام جي مرضي‘ جو لفظ سياسي بحث کي وڌيڪ مبهم بڻائي ٿو. ان سلسلي ۾ اسلام آباد کي الڳ صوبو بڻائڻ جي تجويز به خاص اهميت رکي ٿي. محسن نقوي اسلام آباد کي صوبائي حيثيت ڏيڻ واري خيال کي پنهنجي ويجهو قرار ڏنو ۽ دليل ڏنو ته وفاقي گادي واري هنڌ جي رهواسين کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جهڙو حصو نٿو ملي ۽ نه ئي انهن جي نمائندگي ۽ وسيلن بابت موجوده نظام ڪافي آهي. اسلام آباد جي لڳ ڀڳ 23 لک آبادي کي بنياد بڻائي جيڪڏهن ان کي الڳ صوبو بڻائڻ جو مطالبو اڳتي وڌايو وڃي ته پوءِ سينيٽ، مالي وسيلن ۽ وفاقي ڍانچي بابت ڪيترائي نوان سوال پيدا ٿيندا.
اسلام آباد اڳ ئي وفاقي انتظام هيٺ آهي ۽ ان جون بنيادي ذميواريون مرڪزي حڪومت وٽ آهن. اهڙي ننڍڙي انتظامي يونٽ کي چئن صوبن جي برابر آئيني ۽ مالي حيثيت ڏيڻ سان مسئلا ختم ٿيڻ بدران شايد نوان تڪرار پيدا ٿين. تنهن هوندي به ملڪ ۾ سياسي تبديلين بابت اڳواٽ خبرون ڏيندڙ حلقن طرفان اسلام آباد کي صوبو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيڻ شروع ٿي ويو آهي. ان صورتحال مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته طاقت جي مرڪزن مان نڪرندڙ اشارا ڪهڙي ريت سياسي ۽ ميڊيا بحث جو حصو بڻجن ٿا.
اسلام آباد کي صوبو بڻائڻ واري بحث جو هڪ ٻيو امڪاني اثر ڪراچي بابت پراڻي مطالبي تي پئجي سگهي ٿو. ڪراچي کي الڳ صوبو بڻائڻ جو مطالبو اڳ ئي ڪجهه سياسي ڌرين طرفان مختلف وقتن تي سامهون ايندو رهيو آهي. ايم ڪيو ايم ۽ مصطفى ڪمال ان خيال جا حامي نظر اچن ٿا، جڏهن ته پيپلز پارٽي ڪراچي کي سنڌ جو ناقابلِ ورهاست حصو قرار ڏئي ٿي. جيڪڏهن انتظامي يونٽن جي واڌ کي اصولي طور قبول ڪيو وڃي ته پوءِ ڪراچي بابت بحث کي به ٻيهر سياسي طاقت ملي سگهي ٿي. اصل بحث رڳو صوبن جي تعداد وڌائڻ جو ناهي. مسئلو اهو آهي ته ملڪ جي مالي وسيلن جي ورڇ، اين ايف سي ايوارڊ، ارڙهين ترميم ۽ صوبائي خودمختياري جو موجوده ڍانچو ڪهڙي ريت برقرار رهندو. خاص طور تي پيپلز پارٽي ماضي ۾ صوبن جي وسيلن ۽ اختيارن ۾ تبديلي جي ڪيترين ئي ڪوششن جي مخالفت ڪندي رهي آهي. جيڪڏهن انتظامي يونٽن ۾ واڌ جي نالي تي مالي وسيلن جي ورڇ جو فارمولو تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اها هڪ تمام وڏي آئيني ۽ سياسي جنگ بڻجي سگهي ٿي.
بدقسمتي سان اهڙي اهم بحث کي پارليامينٽ ۽ ٻين مناسب آئيني فورمن تي واضح نموني آڻڻ بدران بيانن، اشارن ۽ ميڊيا جي قياس آرائين ذريعي اڳتي وڌايو پيو وڃي. نتيجي ۾ ملڪ ۾ اڳ ئي موجود سياسي غير يقيني وڌيڪ وڌي رهي آهي. ڪڏهن حڪومت جي تبديلي جون خبرون اچن ٿيون، ڪڏهن سياسي ڊيلن جا قصا گردش ڪن ٿا ۽ ڪڏهن نون صوبن جي قيام کي ايندڙ وڏي سياسي تبديلي طور پيش ڪيو وڃي ٿو. محسن نقوي پنهنجي تازي خطاب ۾ پاڪستان جي عوامي مسئلن جو ذڪر ڪندي تعليم، صاف پاڻي ۽ عدالتن ۾ رولڙي جو شڪار ڪيسن جا انگ پڻ پيش ڪيا.سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ وڏي انگ ۾ ٻار معياري تعليم کان محروم آهن، آبادي جو وڏو حصو صاف پاڻي کان محروم آهي ۽ عدالتن ۾ لکين ڪيس اڃا تائين فيصلي جا منتظر آهن. انهن حقيقتن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، پر سوال اهو آهي ته انهن مسئلن جي ذميواري ڪنهن تي آهي ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ عملي طور تي ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟