ڪتاب ”سوچن ۽ روين جو ڊجيٽل الٽراسائونڊ“ تي هڪ نظر

ڊاڪٽر مظهر علي ڌوتيو

ڪڏهن ڪڏهن ڪتاب اسان پڙهندا ناهيون، ڪتاب اسان کي پڙهندو آهي. زرار پيرزادو جو هي ڪتاب به مون لاءِ اهڙو ئي تجربو ثابت ٿيو. زرار پيرزادو رڳو صحافي يا ليکڪ ناهي، هو پنهنجي سماج جو حساس مشاهدو ڪندڙ، انسان دوست، فيمينسٽ ۽ هڪ بهترين انسان آهي. سندس لکڻيءَ جي وڏي خوبي اها آهي ته هو سماج کي پري کان بيهي نٿو ڏسي پر ان جي اندر رهي ماڻهن جي روين، عادتن، تضادن، سوچن ۽ سماجي نفسيات کي محسوس ڪري ٿو ۽ پوءِ ان مشاهدي کي لفظن ۾ منتقل ڪري ٿو.

هن ڪتاب جي سڀ کان منفرد ڳالهه ان جو جديد فارميٽ ۽ مواد آهي. ان لحاظ کان هي ڪتاب نئون تجربو پيش ڪري ٿو. منهنجي مطالعي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل اهڙي نوعيت جو ڪتاب گهٽ ۾ گهٽ مون کي اڳ نظر نه آيو آهي، جنهن ۾ فيس بڪ جي پوسٽن ۽ واٽس ايپ گروپن جي بحثن ۽ ڳالهين کي گڏ ڪري هڪ ڪتابي صورت ڏني وئي هجي. عام طور تي سوشل ميڊيا جي لکڻي کي عارضي اظهار سمجهيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته هڪ ئي وقت ڪيتريون ئي پوسٽون سامهون اچي وينديون آهي جنهنڪري پوسٽن جي اهميت گهٽجي ويندي آهي پر زرار پيرزادي انهن پوسٽن کي محفوظ ڪري پنهنجي دور جي سماجي دستاويز ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

هي ڪتاب دراصل اسان جي سماج جو هڪ ننڍڙو پر چٽو ۽ صاف سماجي آئينو آهي. ان ۾ ماڻهو آهن، انهن جا رويا آهن، سندن سوچون آهن، محبتون آهن، نفرتون آهن، تعصب آهن، تضاد آهن، سوال آهن ۽ انهن سوالن جي وچ ۾ هڪ حساس ليکڪ جي نظر آهي. زرار پيرزادي جو مشاهدو ڪڏهن طنز ۾ تبديل ٿئي ٿو، ڪڏهن سوال بڻجي سامهون اچي ٿو، ڪڏهن سماج جي ڪنهن عادت تي مسڪرائڻ تي مجبور ڪري ٿو ۽ ڪڏهن اندر ئي اندر سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته ڇا اسان واقعي اهڙا ئي آهيون؟

ڪتاب جي هڪ ٻي خوبصورتي ان جا مختصر ۽ هڪ صفحي تي لکيل مضمون آهن. هر لکڻي هڪ الڳ خيال کڻي اچي ٿي پر ايتري مختصر آهي جو پڙهندڙ ٿڪجي نٿو. هڪ مضمون ختم ٿئي ٿو ته ٻيو پاڻمرادو پڙهڻ لاءِ سڏي ٿو. مون سان ته ايئن ٿيو جو ڪتاب کڻي پڙهڻ شروع ڪيم، سوچيم ڪجهه صفحا پڙهي ڪتاب رکي ڇڏيندس پر جڏهن ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو ته سڄو ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ رکيم. اهڙي طرح تجزيو به لکيم ته جيئن ڪا ڳالهه رهجي نه وڃي. منهنجي خيال ۾ ڪنهن به سٺي ڪتاب يا سٺي لکڻيءَ جي اها ئي نشاني آهي ته پڙهندڙ صفحا نه پڙهي پر صفحا پاڻ پڙهندڙ کي اڳتي وٺي وڃن.

هي ڪتاب صرف زرار پيرزادو جي لکڻين جو مجموعو ناهي پر منهنجي نظر ۾ اهو اسان جي موجوده سماج، سوشل ميڊيا جي دور ۽ انساني روين جو ادبي ۽ صحافتي مشاهدو آهي. اهو اسان کي ٻڌائي ٿو ته فيس بڪ ۽ واٽس ايپ رڳو رابطي جا ذريعا ناهن رهيا پر اهي اسان جي سوچ، ٻولي، بحث، اختلاف ۽ سماجي نفسيات جا به آئينا بڻجي چڪا آهن.

پيڪاڪ پبلشرز ڪراچي ۽ انور پيرزادو اڪيڊمي طرفان شايع ٿيل هي ڪتاب 120 صفحن تي مشتمل آهي ۽ قيمت 360 رپيا اٿس. منهنجي خيال ۾ اها قيمت هڪ اهڙي ڪتاب لاءِ تمام مناسب آهي جيڪو پڙهندڙ کي صرف معلومات نٿو ڏئي پر کيس پنهنجي سماج ۽ پاڻ ڏانهن ٻيهر ڏسڻ تي مجبور ڪري ٿو.زرار پيرزادو وڏيون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ وڏا لفظ استعمال نٿو ڪري. هو عام زندگيءَ جي ننڍين ننڍين ڳالهين مان وڏا سماجي سوال پيدا ڪري ٿو ۽ شايد هن ڪتاب جي اصل اهميت به ان ۾ ئي آهي. هي ڪتاب صرف پڙهڻ لاءِ  ئي نه پر سوچڻ لاءِ به آهي ۽ اهڙا ڪتاب ئي پڙهڻ کان پوءِ به ذهن ۾ پڙهبا رهندا آهن.

You might also like