لڳي ٿو ته نون صوبن يا انتظامي يونٽن جي امڪاني قيام بابت لنڊن ۾ ڪو حتمي ۽ وڏو سياسي دنگل يا ڊائلاگ ٿيڻ وڃي رهيو آهي، ڇو جو سنڌ جا ٻه سڄاڻ صحافي ۽ تجزئي نگار مظهر عباس ۽ خالد کوکر به وڃي اتي نڪتا آهن، ن ليگ جو سربراهه ميان محمد نواز شريف، سندس نياڻي ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ پ پ جي قيادت به اتي پهتل آهي. دنيا جي ميڊيا جون نظرون پاڪستان، پنجاب ۽ سنڌ جي سياست تي کتل آهن. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي لنڊن مان مايوس موٽڻ بعد هوش وڃائي ويٺو آهي ۽ وڏي وات نون صوبن جي قيام لاءِ ريفرنڊم ڪرائڻ جو اشارو ڏنو اٿس، جيڪو لڳي ٿو ته ”فارم 47“ جيان هوندو جيئن ضياءَ الحق ۽ پرويز مشرف به ڪرايا هئا. پ پ به هاڻ مزاحمتي موڊ ۾ اچي چڪي آهي، جنهن سنڌ جي هر يونين ڪائونسل سطح تي مزاحمت ۽ احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ وفاقي وزيرن کي متضاد توڙي سنڌ دشمنيءَ تي ٻڌل بيانن کان روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
نون صوبن جي قيام واري مطالبي کانپوءِ ملڪ جي صورتحال ڳنڀير ٿيندي نظر پئي اچي، عوام ٻڏتر ۽ خوف ۾ وٺجي چڪو آهي. کاڌ خوراڪ جي رسد ۾ گهٽتائي ۽ مهانگائي هڪ ڀيرو ٻيهر وڌڻ شروع ٿي وئي آهي، جنهن جو هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته پيٽروليم مصنوعات جا اگهه وڌي رهيا آهن ۽ ٽرانسپورٽ جا ڪرايا پڻ وڌايا پيا وڃن. ٻيو سبب اهو به آهي ته واپاري ملڪي صورتحال جو ناجائز فائدو وٺڻ جي ڪوشش ۾ آهن. وري خدا نه ڪري جو ايندڙ ڏينهن ۾ خاص طور تي سنڌ مان امڪاني صوبن خلاف ڪا مزاحمتي تحريڪ يا احتجاج شروع ٿئي، جنهن جو اشارو پ پ نه رڳو ڏنو آهي پر اعلان به ڪري ڇڏيو آهي. هن ڀيري پ پ، سنڌ جا قومپرست، وڪيل، نوجوان ۽ شاگرد ميدان تي هوندا. جنهن سان جڏهن روڊ رستا بلاڪ ٿيندا ته لازمي آهي ته رسد به متاثر ٿيندي ۽ مهانگائي وڌندي. نون صوبن جي قيام لاءِ وفاق جا جيڪي رويا آهن، ان مان لڳي ٿو ته سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ايم آر ڊي (MRD) جهڙي ڪا تحريڪ هلندي. اهي به امڪان آهن ته پ پ جا مزاحمتي رويا طاقتورن کي چڙ ڏيارين ۽ جتي جتي پ پ جون حڪومتون آهن، اتي گورنر راڄ لڳائي سنڌ ۽ بلوچستان جي عادي سردارن ۽ وڏيرن کي اقتداري ڪرسين تي ويهاريو وڃي. اڃا به ٿي سگهي ٿو ته طاقت جي استعمال لاءِ ڪو ٽيون رستو ڪڍيو وڃي، جهڙي طرح پرويز مشرف ڪڍيو هو؛ يعني آئين سان هٿ چراند ڪرڻ بدران انتظامي قدم کنيا وڃن.
پنجاب ۾ خود ن ليگ اندران به نون صوبن جي قيام جي مخالفت ٿي رهي آهي، جنهن جي هڪ اڳواڻ خواجه سعد رفيق اهو چئي ڇڏيو آهي ته آئين جي موجودگيءَ ۾ نون صوبن جو قيام غير آئيني ۽ غير قانوني هوندو. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي به آئين کان هٽي ڪري صوبن جي قيام جي سخت مخالفت ڪئي آهي. ان جي برعڪس، دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف نون صوبن يا انتظامي يونٽن جي حمايت ڪندي پ پ تي ڇوهه ڇنڊيا آهن ته اها ڪهڙي سياست آهي جو پ پ پنجاب کي ٽوڙڻ ۽ ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام جو مطالبو ڪري رهي آهي پر سنڌ جي مسئلي تي مخالفت پئي ڪري. ن ليگ جي هڪ ٻئي وفاقي وزير احسن اقبال ته 15 نون صوبن جي قيام جي حمايت ۾ کليل مطالبو ڪري چڪو آهي. ن ليگ سرڪار ۽ ان جي مرڪزي قيادت ڪهڙو رخ ٿي اختيار ڪري، ان جو حتمي فيصلو به لنڊن مان ئي ٿيڻو آهي.
بهرحال جيستائين سنڌ ۾ پ پ، قومپرستن ۽ وڪيلن جي نون صوبن بابت اعلانيل ڪا باقائده تحريڪ هلي، هن وقت هر ڪنهن جو ڌيان لنڊن ڏانهن آهي ته اتان ڪهڙو حتمي ۽ ظاهري اعلان ٿئي ٿو ۽ پ پ توڙي ن ليگ جي قيادت ڪهڙي فيصلي تي ٿي بيهي. پ پ ۽ ن ليگ بظاهر ته نون صوبن جي قيام جون مخالف آهن پر ٿي سگهي ٿو ته انتظامي يونٽن جي قيام تي راضي ٿي انڌي منڊي جمهوريت کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن. باقي بقول محسن نقوي جي، جنهن هن مسئلي تي پارليامينٽ کان هٽي ڪري عوامي ريفرنڊم ڪرائڻ جو اشارو ڏنو آهي، اهڙي ريفرنڊم جو ٿي سگهي ٿو ته ننڍا صوبا ۽ اتان جا ماڻهو بائڪاٽ ڪن. جيڪي به ”فارم 47“ وارا نتيجا ايندا، انهن کي ماڻهو قبول به نه ڪندا، جنهن جو نتيجو صوبن اندر گهرو ويڙهه ۽ خونريزيءَ جي صورت ۾ نڪرندو.