سائبر ڪرائيم ونگ يا ايجنسي نه پر مڪمل ادارو هجڻ گهرجي

تحرير: رحمت الله ٻرڙو

سائبر ڪرائم جي تيزيءَ سان وڌڻ ڪري حڪومت 2 ڏينهن اڳ ۾ فيصلو ڪيو آھي ته ايف آءِ اي کان جدا فيڊرل سائبر ڪرائيم ڪنٽرول ايجنسي ٺاهي وڃي. اهو هڪ سٺو قدم آھي جيڪو پڻ قابل تعريف آھي، ڇو ته حڪومت تمام وڏي وقت کان پوءِ مڃيو آهي ته هي ڪم ٿيڻ ضروري آھي جيتوڻيڪ وفاقي محتسب آفيس انهن ڪوشش کي لڳاتار لڳل هئي ته حڪومت کي کپي ته هن سائبر ڪرائيم واري اشو کي ايف آءِ اي جي ماتحت رکڻ فائديمند ناهي. ان لاءِ  ايف آءِ اي جهڙي يا ان کان بهتر طاقتور جدا ايجنسي قائم ڪرڻ جي ضروت محسوس ٿيندي. ڇوته سائبر ڪرائيم جي شرح تيزيءَ سان وڌي رهي آھي ان ڪري ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته سائبر ڪرائيم ڪنٽرول ايجنسيءَ جو دائرو ايف آءِ اي جيان وسيع ٿيڻ کپي، جي نه ته ايندڙ وقت ۾ ان جو ورڪ لوڊ ايف آءِ اي کان ٻيڻو ٿيڻ جا امڪان آھن.

ان ايجنسيءَ جي اهميت ان ڪري ضروري آھي جو عام ماڻھونءَ جي عزت نفس ۽ احترام سان به لاڳاپيل آھي ۽ ٻيو ان کان علاوه ادارن جي ڪم ڪار ۽ ريڪارڊ سان به لاڳيل آھي ۽ نمبر ٽيون فنانس ۽ ٽريڊ سان واڳيل ادارن سان به گهرو واسطو رهي ٿو.سوجيڪڏهن سائبر ڪرائيم کي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته فنانس اينڊ ٽريڊ ۽ بينڪن جو سسٽم  ايتري تائين انشورنس ڪمپنين جو سسٽم سڀ خراب ٿيندو جنهن تي پوءِ ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو.۽ پوءِ لازمي آھي ته ان سان ملڪي معيشت کي وڏو نقصان پڻ ٿيندو.ان ڪري حڪومت جي هن عمل کي ساراھ جي نظر سان پڻ ڏٺو وڃي پيو. ايف آءِ اي کان هن اداري کي جدا ڪري رکيو ويندو پر مشڪل آھي ته اهو  ادارو هلندو ڪيئن؟ ان لاءِ جدا اداري کي هلائڻ لاءِ ضرورت  پوندي قانون جي.ڇو ته سائبر ڪرائيم لاءِ ڪو خاص قانون ٺھيل آھي ڪونه، هاڻيPPC ۽ CRPC تحت هلندڙ موجودهlaws تحت سائبرڪرائيم ڪيسز هلي ڪونه سگهند.ان کان علاوه ته قانون ٺاهڻ کانپوءِ سائبرڪرائيم کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ  جيڪي ادارا آھن جيئن بئنڪون آھن،انشورنس ڪمپنيون آھن، بزنس اينڊ ٽريڊ ادارا آھن سڀني کي پنهنجي سسٽم ۾ ڪائونٽر سائبر ڪرائيم سسٽم آڻڻو پوندو. جي نه ڪيو ويو ته سڀ ادارا تباهه ٿي ويندا.ان لاءِ ضرورت آھي ته حڪومت هن سائبر ڪرائيم واري اداري جي اجازت ڏئي ته هي ادارو سرڪاري توڙي پرائيويٽ ادارن ۽ عام ماڻهن کي مشورو ڏئي سگهي ته سائبر ڪرائيم کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ ڪهڙا اپاءَ وٺڻ کپن. اهو ڪم انتهائي وڏو ٽيڪنيڪل آھي ۽ ان تي وڏي بجيٽ خرچ ٿي سگهي ٿي.ان سلسلي ۾  سائبر ڪرائيم جي ڪائونٽر ڪنٽرول رکندڙ دنيا جي ملڪن کان مدد وٺي سگهجي ٿي.ڇوته دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ اهڙا ڪم ڊوولپ ٿيل آھن.جنهن کي اسان Adopt ڪري سگهون ٿا. ته جيئن ادارن ۾ ٿيندڙ ڏوهن کي ڪنٽرول هيٺ آڻجي.هاڻي جيڪو تيزيء سان آرٽيفيشل انٽيليجنسيءَ جو جيڪو زمانو اچي رهيو آھي ان ۾ سائبر ڪرائيم جو امڪان تمام گهڻو ٿي ويو آھي.انڪري اسان کي هاڻي ضرورت ان ڳالهھ جي آ ته ڪائونٽر واري حڪمتي عمليءَ کي اهميت ڏيون ۽ بين الاقوامي دنيا مان جيڪا سکيا ملي سگهي ٿي سا وٺون.

ٻي ڳالهھ اها آھي ته سائبر ڪرائيم ڪنٽرول ايجنسيء جيڪا نئي ٺاهي پئي وڃي ايف آءِ اي کان جدا جنهن جو ڊائريڪٽر جنرل به جدا هوندو،سسٽم جدا هوندو ايف آء اي جي ماتحت نه هوندي.ان ۾ يا  ان لاءِ رولز ريگيوليشن ته سائبر ڪرائيم جا ماڻھون ٺاهي سگهن ٿا.ان کان سواء به ان ايجنسيءَ يا اداري کي هلائڻ به سائبر ڪرائيم ۾ تعليمي يافته ماڻھون کڻڻا پوندا. ڇوته هي عام پوليس جا عملدار ڪم نه ڪري سگهندا. انهن کي ڀرتي ڪري ٽريننگ ڏيڻي پوندي،ته جيئن هو ايندڙ ڪيس جي جاچ ته ڪري سگهن.

هو جيڪڏهن سائبرڪرائيم جي تعليم ۽ ٽريننگ کان واقفڪار نه هوندو ته هو ڪيس جي جاچ ڪيئن ڪري سگهندو. مثال طور اسان وٽ پوليس ڪيس ۾ قتل جي جاچ ڪندڙ عملدار بلڪل قانون ۽ انويسٽيگيشن جو ماهر هوندو آھي.ڇوته هن کي قانون ۽ پروسيجر جي مڪمل ڄاڻ هوندي آھي ايتري قدر جو هو ان ڪيس جي ايس او پيز کان به واقف هوندو آھي.انڪري هو پنهنجي مهارت ۽ ڄاڻ جي بنياد تي تحقيق ڪري مجرم ڳولهي عدالت سان سهڪاري ٿي مجرم کي سزا ڏياري ٿو.اهڙي طرح سان سائبر ڪرائيم فورس ۾ به اهڙي قسم جي فورس کپي ته جيئن هو انويسٽيگيشن ۽ انڪوائري ڪري سگهن.

هتي سائبر ڪرائيم ڪيسز جي حوالي سان اسان کي ڪورٽ به اسپيشل ڪورٽون هجڻ ضروري آھن.جيئن بينڪنگ ڪرائيم جون جدا ڪورٽون ٺاهيون ويون آھن.جيئن دهشتگردي ٽوڙ ڪورٽون آھن ايئن ئي سائبر ڪرائيم ڪنٽرول ڪورٽون به هجڻ ضروري آھن.انهن ڪورٽن ۾ سائبر ڪرائيم ۾ وڪيل به اسپيشلائيزڊ ڪندا پر اهو انهن وڪيلن جو اشو آھي، جڏهن ته پراسيڪيوشن ته حڪومتي سائيڊ هوندي انهن جي ٽريننگ ڪرڻ يا ڪرائڻ ضروري ٿي پوندو.

هي ٽي ڳالهيون آھن جنهن کي هن طرح واضع ڪري سگهجي ٿو ته هڪ ته هي جدا آرگنائيزيشن ٺھي وئي آھي،ان لاءِ اسپيشل قانون ترتيب ڏيڻو پوندو، جنهن ۾ سائبر ڪرائيم کي کوکي بيان ڪرڻ ۽ ڊيل ڪرڻ جو سسٽم ھجي اهي ڳالهيون Introduce يعني متعارف ڪرائڻيون پونديون. ٻيو نمبر اهو ته ٽرينڊ اسٽاف وٺڻو پوندو جنهن سان اداري هلائڻ ۾ سولائي ٿي پوندي.سڄي ملڪ ۾ بينڪون هجن بزنس هائوسز هجن يا اڪائونٽ هولڊرز هجن انهن کي ٻڌائڻو پوندو ته هو پنهنجي سسٽم کي ڪائونٽر ٽيرر ازم سان  برابر ڪن.

ان ۾ وڏي سيڙپ جي ضرورت آھي ۽ اها سيڙپ ضايع ڪونه ٿيندي.ان عمل سان لکين،ڪروڙين،اربين توڙي کربين روپين جا فراڊ ڪنٽرول  ٿي ويندا. ڇوته آرٽيفيشل انٽيليجنسيء تحت اهڙا فراڊ اچن ڪورٽن ۾ ايندا يا ٿيڻ جا يقيني امڪان آھن جنهن کي ڪورٽون به حل ڪرڻ ۾ منجهي پونديون.ان ڪري ادارن،پارٽين يا ماڻھن سان وڏو مسئلو پيدا ٿيندو.مثلن AI يعني آرٽيفيشل انٽيليجنسيءَ تحت Sound cloning آھي جنهن سان ڪنهن به ماڻھونء جي آواز کي ريڪارڊ ڪري پيش ڪري سگهجي ٿو جيڪو پڻ حقيقت نه هوندو پر ان کي حقيقت کان پري به نٿا رکي سگهو جو اها سائونڊ ڪلوننگ بلڪل به بنا فرق جي هوندي.ڪنهن به مقرر يا اداڪار توڻي ڪنهن به ڪردار جي فيس ڪلوننگ آھي سابه ان آواز سان ساڳيو تاثر ملندو جيڪو پڻ حقيقت نه هوندو پر هو حقيقت کان پري به نه هوندو جنهن جي سڃاڻپ ڪرڻ ڏکي ٿي پوندي.انهيء جو به ڪائونٽر  آھي انکي به فراڊ ثابت ڪري سگهجي ٿو.ڇوته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهو سسٽم ڊوولپ ٿيو آھي انهن کان مدد وٺي سگهجي ٿي.ان لاءِ هاڻي پاڪستان کي ان عمل طرف تيزيءَ سان اڳتي اچڻو پوندو،ڇو ته پاڪستان ۾ هاڻي معيشت جي بهتريءَ لاءِ تڪڙا اپاءَ ورتا وڃن ٿا.

عام طور ڏٺو اهو ويو آھي ته اڪثر ونگز جا سربراهه پوليس مان سي ايس پي پاس سليڪٽ ڪيل ايس پي پڻ ھوندا آھن.هو ويچارو ڪن حالتن ۾ ڪمپيوٽر کان انٽرنيٽ ۽ جديد انفارميشن ٽيڪنالوجي  تحت ٿيندڙ ڏوهن کان واقفڪار ناهي هوندو.جنهن کي چئي سگهجي ٿو ته هو انٽرنيٽ جي ٽيڪنالوجي يا سائبر ڪرائيم واري ٽيڪنيڪ کان پري پري تائين واقف ناهن هوندا.

هي سائبر ڪرائيم ڪنٽرول پروگرام واريون ايجنسيون پروفيشنل ٽيڪنيڪل اسٽاف ڀرتي ٿيڻ سان به ڪم نٿو هلي سگهي،جيستائين هنن جي باقاعدگيء سان ٽيڪنيڪل تربيت نه ٿي ٿئي سو اها پڻ ضروري آھي.ان لاءِ ان پروفيشنل ٽيڪنيڪل اسٽاف کي تربيت ڏيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال ڏيڻو پوندو.هي پروفيشنل ٽيڪنيڪل اسٽاف تربيت يافته هجڻ سبب هو ان سائبر ڪرائيم کي سمجهي ان کي حل ڪري ڪورٽن ۾  پڻ پيش ڪن.ان لاءِ لازمي ٿو ٿئي ته حڪومت کي جدا ڪورٽون يعني Seprate Courts  قائم ڪرڻيون پونديون.

سو ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته سائبرڪرائيم ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ  (سائبر ڪرائيم ڪنٽرول نيٽ ورڪ) ٺاهڻو پوندو.هي ايڏو وڏو ڪرائيم ڪائونٽر نيٽ ورڪ هوندو جنهن سان سائبر ڪرائيم کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾، سمجهڻ ۾، ان کي ڊي ڪوڊ ڪرڻ ۾،ان کي پيش ڪرڻ ۾ ۽ انکي پراسيڪيوٽ ڪرڻ ۾،ڪورٽن ۾ وٺي وڃڻ ۾ اها سهولت کي اپلائي  ڪرڻ لاءِ توهان کي Law کي پڙھڻو پوندو، ان لاءِ پروسيجر کي پڙھڻو پوندو، اسٽاف کي تربيت ڏيڻي  پوندي، هي سڀ ڪجهھ جي نه ٿيندو ته پوءِ جدا ونگ ٺاهڻ سان فائدو ڪونه پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.