27 هين ترميم کان پوءِ پاڪستان جي آرمي چيف جي عهدي کي به اڻ سڌي طرح تبديل ڪيو ويو آهي. ۽ هاڻي صرف هڪ ئي عهدو تخليق ڪيو ويو آهي. جنهن جو نالو چيف آف ڊفينس فورسز رکيو ويو آهي. پاڪستان جون ٽئي فوجون جن ۾ سامونڊي، هوائي ۽ زميني فوج شامل آهي. ٽنهي فوجن جي مٿان هڪ ئي جنرل نگهباني ڪندو. يعني فيلڊ مارشل (چيف آف ڊفينس فوجي) آرمي چيف سيد حافظ عاصم منير. اچو ته چيف آف اسٽاف جي عهدي جو تاريخي پس منظر تي هڪ نظر ڊوڙايون. جوائنٽ چيفس آف اسٽاف فوجي نظام جو اهم عهدو آهي
هي عهدو 1947 ۾ يعني جڏهن پاڪستان ٺهيو ان وقت آمريڪا وجود ۾ آيو. هن عهدي ۾ 1986 ۾ گولڊ واٽر نڪولس ايڪٽ ذريعي وڏي تبديلي ڪئي ويئي. گريناڊا جي حملي جي ناڪامي ماضي جي ناڪامين کي هڪ ڀيرو ٻيهر زنده ڪري ڇڏيو. خاص طور تي ويتنام جي جنگ ۾. جڏهن ان جي اڳواڻ ۽ جنگ کي مانيٽرنگ ڪندڙ صدر جان رابرٽ ۽ ليبروسن جي آفيس سان جنگ ڪئي ويئي. ميڪ نامارا ٻين سان ملي ڪري جنگ جي نقشن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪري رهيو هو. ويتنام ۾ آمريڪي فوج جو ڪمانڊر جنرل ويسٽ مورلينڊ کي جنگ جي مشن ڏني ويئي. ڪجهه وقت کان پوءِ سندس مٿان ڪا تنقيد ٿي ۽ جنرل ويسٽ مورلينڊ نيٺ اها ڪمان احتجاجن ڇڏي ڏني. نيٺ صدر کي بهتر مشورو نه ملڻ ۽ آمريڪا جي چهري مان ملندڙ محروميءَ کان پوءِ ويٽنام کي شڪست نصيب ٿي. هڪ ڀيرو ٻيهر جوائنٽ چيفس جي نظام کي نئين طور طريقي سان ٺاهيو ويو ته جيئن صدر کي سڀني فوجي معاملن ۾ بهتر مشورا فراهم ٿي سگهن. چيئرمين آرمي، ايئر فورس، نيوي يعني سامونڊي فوج، ميرنيز جي چارئي سروسز چيفس تي هڪ ٻڌل ڪاميٽي جوڙي ويئي ۽ ان جي پاڻ اڳواڻي ڪئي. صدر جي ماتحت سڀ جو سڀ آپريشنل معاملن تي سڌو ان آڏو جوابده هئا. سروس جي مخصوص ڪمانڊ جي ڍانچي کي ختم ڪيو ويو. جوائنٽ چيفس ڪميٽي ۾ مقرر سندس عهدو ٻين عهدن جي برابر هو ۽ جوائنٽ چيفس آف ملڪي توڙي غير ملڪي سڀني فوجي دستن جو خود ذميوار هو.
1974 ۾ پاڪستان ۾ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اڳواڻي ۾ هن نظام کي متعارف ڪرايو ويو. جيڪڏهن آمريڪا کي هن طرح جي تنظيم سان جنگين ۾ ناڪامي ۽ بدنامي ٿي ته 1971 ۾ بنگلاديش جي جنگ ۾ ڀارت جي هٿان پاڪستان جي شڪست وقت فوج کي ان وقت وڌيڪ ڪمزور محسوس ڪيو ويو. جڏهن قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو فوج جي نظام جي جوڙجڪ ڪئي. سندس مقصد سياسي به هيو پر ان کان وڌيڪ ملڪي سلامتي ۽ دفاع هو. قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خواهش هئي ته فوج جي سڌي سنئي ڪمان آرمي چيف کي نه هجي سندس خيال هو ته سندس طاقت سبب رياست جي معاملن ۾ وڏي مقدار ۾ اثر رسوخ استعمال ڪيو وڃي ٿو. صدر ايوب ۽ جنرل يحييٰ خان کي مارشلائون لڳائيندي ڏٺو ۽ انهن مان تجربو پڻ حاصل ڪيو. جڏهن ته قائد عوام ٿوري وقت لاءِ فيلڊ مارشل به رهيو.
بحرالحال نظام تبديل نه ٿيو جوائنٽ چيفس هوندي به باقي فوجن جا چيفس ڪمانڊر ان چيفس طور ڪم ڪندا رهيا. ٽنهي سروسز جي وچ ۾ آپريشنل ڪوآرڊينيشن جي گهٽتائي به جوائنٽ چيفس ميڪانزم ٺاهڻ جو جواز ٻڌايو ويو. ان وقت هوائي فوج جي سربراهه نور خان کي خبر پئي ته 1965 ۾ آپريشن جبر الٽر شروع ٿي ويو آهي. جنهن کان ڪجهه هفتن اندر ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ شروع ٿي ويئي. پر ان جنگ بابت جنرل ايوب کي ڪابه خبر نه هئي ۽ نور خان افسوس جو اظهار ڪيو ته جنرل ايوب کي خبر هجڻ گهرجي ها. ڇاڪاڻ ته جنرل ايوب جيڪڏهن جنگ بابت خبردار هجي ها ته فوج کي تيار ڪرڻ جي به ضرورت پوي ها. جنگ پاڪستان کٽي ورتي. اهڙي طرح 1971 ۾ هوائي ۽ سامونڊي فوج جي سربراهن کي ريڊيو پاڪستان وسيلي 7 بجي ڀارت پاڪستان جنگ بابت ڄاڻ ملي. انهن سڀني ڳالهين کي مد نظر رکندي ڀٽو صاحب فوج اندر جوائنٽ چيفس جو جيڪو نظام متعارف ڪرائڻ جو بهترين سبب ڏنو سواءِ ان جي توقع مطابق ڪم هليو.
بحرالحال وقت اچي ويو هو ته چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي عهدي کي ختم ڪري صرف چيف آف ڊفيس فورسز کي عهدا ڏنا وڃن. يعني 27 هين ترميم کان پوءِ اهو ممڪن ٿيو آهي. موجوده آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي چيف آف ڊفينس فورسز جو عهدو ڏنو ويو آهي. سندس ماتحت، سامونڊي، هوائي ۽ زميني فوج هوندي. جڏهن ته جنرل ساحر شمشاد کي مليل عهدو چيئرين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي کي ختم ڪيو ويو آهي. 27 هين ترميم کان پوءِ آئين ۾ ترميم ڪري آئين جي آرٽيڪل 243 تحت چيف آف ڊفينس فورسز جو عهدو تخليق ڪيو ويو آهي ۽ وزيراعظم پاڪستان جي مشوري تحت صدر پاڪستان آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جون تقرريون ڪري سگهندو. فيلڊ مارشل جي رينڪ سندس کي مليل مراعتون سڄي عمر رهنديون. يعني فيلڊ مارشل تاحيات فيلڊ مارشل رهندو. دفاعي تجزيه نگار برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز جو چوڻ آهي ته هن عهدي جي تخليق ان حوالي سان به ضروري سمجهي وئي ڇاڪاڻ ته چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪاميٽي جي آفيس ٽنهي فوجن جي سربراهن وچ ۾ صرف رابطي ڪرڻ تائين محدود ٿيل هيو. يعني آپريشنز ۽ فوجي حڪمت عملي طئي ڪرڻ ۾ سندس جو ڪوبه ڪردار نه هيو ان ڪري هن عهدي کي ختم ڪيو ويو آهي. ۽ فيلڊ مارشل کي مليل نئين عهدي جي ضرورت ان ڪري به پئي جو يونٽي آف ڪمانڊ جي وڏي ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي. ڪنهن به وقت وزيراعظم کي بريف ڪرڻ مقصود سمجهيو وڃي ته ٽنهي فوجين جي طرف کان يونٽي آف ڪمانڊ تحت فيصلا ڪيا وڃن. هوڏانهن ليفٽنٽ جنرل رٽائرڊ نعيم خالد لوڌي جي راءِ آهي ته ملڪ جي آرمي چيف وٽ چيف آف ڊفينس جو عهدو نه هجڻ گهرجي پر ان لاءِ هڪ الڳ فور اسٽار جنرل جي گنجائش ڪڍڻ گهرجي. ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ نعيم خالد لوڌي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته دنيا ۾ چيف آف ڊفينس جا عهدا موجود آهن پر ضروري ناهي ته هي عهدو صرف زميني فوج جي سربراهه کي ڏنو وڃي. 27 نومبر 2025 تي موجوده چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جي مدت ملازمت ختم ٿي رهي آهي ان جي رٽائرمينٽ کان پهريان هي عهدو تخليق ڪيو ويو آهي. چيف آف ڊفينس جو عهدو بهترين ۽ ڪارگر آهي اهو بهتر ملڪي دفاع لاءِ فيصلا ڪري سگهي ٿو.