سنڌ ۾ عورتن خلاف وڌندڙ تشدد جو الميو

شمشاد ٻپڙ

موهن جي دڙي جي مٽيءَ ۾ سنڌ جي هزارين سالن جي تهذيب دفن ٿيل آهي ۽ ان جي سونهن ۽ سڀيتا جو مثال پوري دنيا ۾ نٿو ملي. سمبارا کان وٺي مين اسٽوپا تائين. پر اڄ جي جديد دور ۾ جتي دنيا هٿرادو ذهانت (AI) ۽ روبوٽڪ ترقيءَ جي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، تڏهن سوال اهو آهي ته اسين ڪٿي بيٺا آهيون؟ سنڌ جي سرزمين پيار، امن ۽ ڀائيچاري جو مرڪز رهي آهي. سنڌ هميشه دنيا کي ڏيڻ سکيو آهي، وٺڻ نه. دنيا جي نقشي تي شايد ئي ڪو اهڙو خطو هجي، جتي درياهه، زرخيز زمينون، سمنڊ، تيل، گيس، ڪوئلو، ريگستان ۽ ڪارونجهر جهڙا قدرتي خزانا گڏ موجود هجن. پر افسوس، اهي سڀ وسيلا به سنڌ جي عوام جي ڏکن ۽ محرومين جو خاتمو نه ڪري سگهيا آهن. ويتر، سنڌ دشمنيءَ ۾ اضافو ٿيو آهي. ڄاڻي واڻي سنڌ جي تعليم کي تباهه ڪيو ويو، صحت جو نظام ڪمزور بڻايو ويو، ۽ قانوني سرشتو مڪمل غيرفعال ڪيو ويو. رهيل ڪسر قبائلي جهيڙن ۽ دهشتگرديءَ پوري ڪئي. اپريل، جيڪو بهار جي آمد ۽ نون خوابن جو مهينو سمجهيو ويندو آهي، هن ڀيري ٿڌڙي هير سان گڏ رت جي بوءِ به کڻي آيو. خاص طور عورتن لاءِ هي عرصو ڪربلا بڻجي ويو. گذريل ٻن مهينن دوران 30 کان وڌيڪ عورتون پنهنجن ئي هٿان قتل ڪيون ويون. جيڪي سندن محافظ ۽ سهارو هئڻ گهرجن ها، سي ئي قاتل بڻجي ويا.

خالده روبينه چانڊيو ،  خيرپور نائلا ڀٽي ،  قمبر شهدادڪوٽ ماجده ملڪ  گهوٽڪي، نصيبان جمالي قمبر، وحيدان چنا جتوئي  قمبر شهدادڪوٽ، شاهدان جتوئي نعمان  لاڙڪاڻو، ريمان ڪولاچي دادو، شاهدان سولنگي  ميرپورخاص، عابده خاصخيلي  قمبر شهدادڪوٽ، ريشمان پنهوَر  لاڙڪاڻو، سيمان ميراڻي لاڙڪاڻو هي ته رڳو ڪجهه نمايان قتل ڪيس آهن. اهڙا نه ڄاڻ ڪيترا ئي واقعا آهن، جيڪي ڪڏهن رپورٽ ئي ناهن ٿيا. اهي رڳو نالا ناهن، پر غيرت جي نالي تي بيگناهه قتل ڪيل عورتون آهن، جيڪي پنهنجي گهر جي سک شانتي لاءِ سماج ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري رهيون هيون. انهن ناحق شهيد ٿيل عورتن جي درد جو شايد ڪڏهن به مڪمل انصاف نه ٿي سگهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.