سنڌ هن وقت شديد گرمي جي لپيٽ ۾ آهي. ڪيترن ئي ضلعن ۾ گرمي پد 48 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي وڃي ٿو، جتي انسانن سان گڏ جانورن، پکين ۽ وڻن ٻوٽن لاءِ به جيئڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو. اهڙي موسمي شدت ۾ بجلي رڳو هڪ سهولت نه پر زندگي جي بنيادي ضرورت بڻجي وڃي ٿي. افسوس جو پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ گرمي برداشت ڪندڙ صوبي سنڌ جي عوام سان بدترين ناانصافي اها ٿي رهي آهي ته هتي ڪيترن ئي علائقن ۾ 24 ڪلاڪن مان چار ڪلاڪ به بجلي مسلسل نٿي ملي، جڏهن ته ڪي اهڙا علائقا به آهن جتي ڏينهن جا ڏينهن بجلي غائب رهي ٿي.
گهوٽڪي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گذريل هفتي کان بجلي جي مسلسل بندش سبب شهري زندگي مڪمل طور مفلوج بڻجي وئي آهي. پيئڻ جي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، برف ناياب ٿي چڪي آهي، ڪاروبار بند ٿي رهيا آهن ۽ گهرن ۾ ٻار، عورتون، بزرگ ۽ بيمار ماڻهو سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن. اها صورتحال ڪنهن جنگي علائقي يا قدرتي آفت واري خطي جي نه پر سنڌ جي هڪ اهم ضلعي جي آهي، جيڪو قومي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
سيپڪو جي ڪارڪردگي تي جيڪڏهن نظر وجهجي ته صورتحال وڌيڪ مايوس ڪندڙ نظر اچي ٿي. شهرين جو چوڻ آهي ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سيپڪو عملدار صرف خاطريون، آسرن ۽ دلاسن تي گذارو ڪرائي رهيا آهن. هر روز نئين تاريخ، نئون واعدو ۽ نئون جواز پيش ڪيو وڃي ٿو، پر عملي طور تي عوام کي ڪو به رليف نٿو ملي. ڳڙهي خيرو واري علائقي ۾ 66 ڪي وي هاءِ وولٽيج ٽرانسميشن لائين جا لڳ ڀڳ ويهه پول نامعلوم ماڻهن پاران چوري ڪيا ويا. اها خبر رڳو بجلي جي بحران بابت نه پر انتظامي ناڪامي بابت به آهي. ڇا اهڙي وڏي پيماني جي چوري هڪ ڏينهن ۾ ٿي سگهي ٿي؟ جيڪڏهن نه، ته پوءِ ذميوار ڪير آهي؟ هي واقعو اهو ثابت ڪري ٿو ته نه رڳو بجلي جو نظام ڪمزور آهي پر ان جي حفاظت جو نظام به مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي. عوام کي بجلي کان محروم ڪرڻ کان پوءِ هاڻي ادارا هڪ ٻئي تي ذميواري وجهي پاڻ کي بري الذمه قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
پنوعاقل کان اوٻاوڙو تائين 108 فيڊرن جي بجلي ڇهن ڏينهن تائين بحال نه ٿيڻ وارو واقعو سيپڪو جي نااهلي جي انتها قرار ڏئي سگهجي ٿو. ٻڌايو وڃي ٿو ته هڪ ٿنڀو ڪرڻ سبب وسيع علائقو اونداهي ۾ ٻڏي ويو. جيڪڏهن واقعي هڪ ٿنڀو ڪرڻ سان سڄو نظام درهم برهم ٿي وڃي ٿو ۽ ڇهن ڏينهن ۾ به مرمت نٿي ٿي سگهي ته پوءِ ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ادارو فني طور تي ڪيترو ڪمزور ۽ انتظامي طور تي ڪيترو نااهل ٿي چڪو آهي.
گهوٽڪي ضلعو اهو علائقو آهي جتي ليبرٽي پاور پلانٽ سميت ڪيترائي وڏا پاور پلانٽ موجود آهن. اهي پاور پلانٽ ملڪ جي مختلف شهرن کي روشن ڪن ٿا، صنعتن کي بجلي فراهم ڪن ٿا ۽ قومي گرڊ کي طاقت ڏين ٿا. پر افسوس جو انهن پاور پلانٽن جي پاڇي ۾ رهندڙ مقامي ماڻهو پاڻ بجلي لاءِ ترسي رهيا آهن. اهو منظر بلڪل ائين آهي جيئن ڪو ماڻهو درياهه جي ڪناري تي بيهي اڃ مري.
سنڌ جي عوام خاص طور تي اهو سوال پڇڻ ۾ حق بجانب آهي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار جا وڏا منصوبا موجود آهن، اربين رپيا هر سال بجلي جي نظام تي خرچ ڪيا وڃن ٿا، صارفين کان ڳرا بل وصول ڪيا وڃن ٿا ۽ ٽيڪسن جو بار وڌايو وڃي ٿو، ته پوءِ عام ماڻهو کي بجلي ڇو نٿي ملي؟سيپڪو انتظاميا کي رڳو وضاحتون ڏيڻ بدران پنهنجي ڪارڪردگي جو جواب ڏيڻو پوندو. جيڪي آفيسر پنهنجي ذميوارين کي نڀائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. ساڳئي وقت چونڊيل نمائندن کي به عوام آڏو جوابده بڻايو وڃي. اقتدار صرف مراعات حاصل ڪرڻ جو نالو ناهي، بلڪه عوام جي ڏکن ۽ مسئلن ۾ ساڻن گڏ بيهڻ جو نالو آهي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت هنگامي بنيادن تي سنڌ جي بجلي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي. خراب ٽرانسميشن لائينن جي مرمت، چوري ٿيل سامان جي جاچ، ذميوارن جي گرفتاري، بجلي جي فراهمي جي نگراني ۽ متاثر علائقن ۾ فوري رليف کي يقيني بڻايو وڃي. ساڳئي وقت سيپڪو جي مجموعي ڪارڪردگي جو آزاد آڊٽ ڪرائي اهو طئي ڪيو وڃي ته آخر اهڙيون ناڪاميون بار بار ڇو ٿي رهيون آهن. گهوٽڪي، پنوعاقل، اوٻاوڙو، ميرپور ماٿيلو ۽ ڳڙهي خيرو سميت سنڌ جا ماڻهو ڪو احسان نٿا گهرن. اهي صرف پنهنجو آئيني ۽ انساني حق گهرن ٿا. کين بجلي، پاڻي ۽ بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ ادارن جي ذميواري آهي. جيڪڏهن حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا پنهنجون ذميواريون ادا نه ڪندا ته عوامي احتجاجن جو دائرو وڌندو ۽ ماڻهن جو ادارن تي اعتماد وڌيڪ ڪمزور ٿيندو.