ڪوئيٽا ۾ ڊاڪٽرياڻي مٿان تيزاب هارڻ وارو پيش آيل دکدائڪ واقعو

اعجاز ممنائي

محنت ۽ وڏي ڪوشش کانپوءِ ڊاڪٽر ٿي ته جيئن انسانيت جي خدمت ڪري سگھي والدين جا خواب پورا ڪري سگھي پر ھڪ درنده صفت انسان ڪالھه ليڊي ڊاڪٽر ماهه نور ناصر مٿان تيزاب هاري زندگي برباد ڪري ڇڏي ظالم انسان پوليس مقابلي ۾ ته مارجي ويو پر ڇا ھاڻي ھن ڊاڪٽر جي اھا خوشي خوبصورت زندگي واپس اچي سگھي ٿي ھر روز ظلم وڌندو پيو وڃي. ھي واقعو ڪوئيٽا بلوچستان جو آھي جتي ليڊي ڊاڪٽر تي تيزاب اڇلائڻ وارو واقعو پيش آيو حقيقت ۾ اهو واقعو مرداڻي درندگي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. ڇو ته اهو پسند جو معاملو هجي، ڪنهن بي عزتي جو بدلو هجي يا ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي ٿيو هجي، اهڙي درندي جو انجام قانون کان ٻاهر هجي، پر اهو ئي ٿيڻ گهرجي ها جيڪو ٿيو. اهڙن انسانن لاءِ سماجي ڪمزورين جي آڙ ۾ ڪا به رعايت نه هئڻ گهرجي.

تيزاب گردي جو شڪار ٿيندڙ عورت جي تصوير ڏٺي؛ ايتري معصوم ۽ دلڪش چهري کي ڪو انتهائي بي رحم ماڻهو ئي مسخ ڪري سگهي ٿو.بلوچستان ۾ عورت جو اسڪول وڃڻ، ڪاليج پهچڻ، يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ يا ڊاڪٽر بڻجڻ اڃا تائين صرف هڪ تعليمي سفر نه آهي، پر صدين پراڻن اونداهين خلاف هڪ خاموش بغاوت آهي. هتي ڪيتريون ڇوڪريون ڪتاب تائين پهچڻ لاءِ انهن رستن تان گذرن ٿيون جن تي تعصب، غربت، پراڻيون روايتون ۽ خوف جا ڪنڊا وڇايل آهن. اهڙي وقت ۾ جڏهن هڪ ليڊي ڊاڪٽر تي تيزاب اڇلايو وڃي ٿو ته اصل ۾ حملو صرف هڪ فرد تي نه ٿو ٿئي، اهو حملو علم تي، عورت جي خودمختياري تي ۽ ان خواب تي ٿئي ٿو جنهن ۾ بلوچستان جون ڌيئرون اڇو ڪوٽ پائي پنهنجن خوابن جي تڪميل ۽ پنهنجي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ چاهين ٿيون. هي تيزاب صرف چهري نه ٿو ساڙي، اهو معاشرن جي ضمير تي به داغدار ڪري ڇڏي ٿو. هڪ ڊاڪٽر جو سڙيل چهرو اسان کي هي سوال پڇڻ تي مجبور ڪري ٿو ته آخر هڪ عورت جي ڪاميابي، ان جي تعليم ۽ ان جي موجودگي ڪجهه جاهل ذهنن لاءِ ايتري ناقابل برداشت ڇو آهي؟

اڄ جي بلوچستان جون عورتون صرف مظلوم ڪردار نه رهيون آهن. صدين کان وٺي اڄ جي تعليم يافته عورتن تائين، هر دور ۾ مزاحمت ڪئي آهي. انهن جا رستا روڪيا ويا، پر اهي پوئتي نه هٽيون آهن ۽ هلنديون رهيون آهن. انهن جو هر دور ۾ آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، پر اهي ڳالهائينديون رهيون.

2011 ۾ "تيزاب ڪنٽرول ۽ تيزاب ڪرائمز جي روڪٿام وارو قانون 2011” منظور ٿيو. ان کانپوءِ PPC  ۾ 2 نوان سيڪشن شامل ٿيا۔ دفعا 336-B: تيزاب اڇلائڻ جي سزا عمر قيد يا گهٽ ۾ گهٽ 14 سال قيد  ۽ 10 لک رپيا کان گهٽ ۾ گهٽ ڏنڊ رکيل آهي. ڏنڊ جي رقم سڌي متاثره کي معاوضي طور ڏني ويندي.ان ۾ مجرم جي ضمانت نه ٿيندي. ڪيس Anti-Terrorism Court ۾ به هلي سگهي ٿو. دفعا 336-A: تيزاب سان زخمي ڪرڻ جي سزا 14 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ مقرر ٿيل آهي. جڏهن ته تيزاب جي وڪري تي پابندي آهي قانون موجب 2 ليٽر کان وڌيڪ تيزاب وڪڻڻ لاءِ خريدار جو CNIC، ايڊريس ۽ استعمال جو سبب لکڻ لازمي آهي. بغير رڪارڊ وڪرو ڪندڙ کي 6 مهينا قيد ۽ 50 هزار ڏنڊ مقرر ٿيل آهي پر افسوس اهو آهي ته انهن جي پاسداري نه هئڻ سبب تيزاب آساني سان "صفائي واري دوا” جي نالي تي کلي عام ملي وڃي ٿو .خاص طور تي بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ شاهدي ڏيڻ مشڪل هوندي آهي. اهڙي طرح هر واقعي کانپوءِ "صلح” جو دٻاءُ اڪثر متاثره خاندان تي وڌو ويندو آهي، پر 336-B غيرقابلِ مصالحت جرم آهي، يعني صلح سان ڪيس ختم نه ٿيندو.

قانون موجب صوبائي حڪومت متاثره جي مفت علاج، پلاسٽڪ سرجري ۽ بحالي جي ذميوار آهي. 2014 ۾ "دارالامان” ۽ "برن سينٽر” ذريعي مدد جو بندوبست ڪيو ويو هو پر بلوچستان ۾ برن يونٽ محدود هجڻ ڪري ڪيترن مريضن کي ڪراچي منتقل ٿيڻو پوي ٿو. حقيقت ۾ هن ڪيس لاءِ قانون سخت آهي، پر سزا جو تناسب گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته ڪيترا ڪيس رپورٽ ئي نه ٿيندا آهن يا ثبوتن جي کوٽ سبب ڪمزور ٿي ويندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.