روزانو هڪ صوف کائڻ سان ڪينسر جو خطرو گهٽ ٿيندو: ماهر

لنڊن (ويب ڊيسڪ) صوف کي دنيا جي صحت بخش ترين ميون مان هڪ سمجهيو ويندو آهي ۽ ماهرن موجب اهو نه رڳو ذائقي ۾ بهترين آهي پر ڪيترن ئي طبي فائدن سان به ڀرپور آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هڪ صوف روزاني گهربل فائبر جو لڳ ڀڳ 10 کان 15 سيڪڙو فراهم ڪري سگهي ٿو. آمريڪا ۾ صوف جا لڳ ڀڳ 200 قسم موجود آهن، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ 7 هزار 500 کان وڌيڪ قسم آهن.

ماهرن موجب صوف کي ”سپر فوڊ“ قرار ڏنو ويوآهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ وٽامنز، معدنيات، فائبر ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس وڏي مقدار ۾ موجود هوندا آهن. تحقيقن مان ڄان ملي ته ته صوف جو استعمال ڪينسر، دل جي بيمارين، ٿولهه ۽ شگر جي خطري کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو. رپورٽ موجب صوف ۾ موجود فائبر هاضمي جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. فائبر آنڊن جي حرڪت کي منظم رکڻ، قبضي ختم ڪرڻ، ڪوليسٽرول گهٽ ڪرڻ ۽ بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته پيٽ ڀريل هجڻ جو احساس به فائبر سبب وڌيڪ وقت تائين برقرار رهي ٿو، جنهن سان وزن کي صحتمند حدن ۾ رکڻ ۾ مدد ملي ٿي.

تحقيق موجب صوف ۾ قدرتي اينٽي آڪسيڊنٽس ۽ پوليفينولز پڻ موجود هوندا آهن، جيڪي جسم ۾ سوڄ گهٽائڻ ۽ نقصانڪار فري ريڊيڪلز سان مقابلو ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا. اهي جزا وڌندڙ عمر سان لاڳاپيل ڪجهه مسئلن، خاص طور يادگيري ۾ گهٽتائي، جي خطري کي به گهٽائي سگهن ٿا. رپورٽ ۾ ڄاڻ ملي آهي ته ڪجهه قسمن جا صوف معدي جي تيزابيت ۽ دل ۾ ساڙو(هارٽ برن) جي تڪليف ۾ به فائدو ڏئي سگهن ٿا. خاص طور ڳاڙها صوف تيزابيت جي تڪليف کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪارائتا سمجهيا وڃن ٿا، جيتوڻيڪ ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

ماهرن موجب مختلف قسمن جا صوف مختلف استعمالن لاءِ هوندا آهن. فوجي صوف بيڪنگ لاءِ بهترين سمجهيا وڃن ٿا، جڏهن ته گالا صوف سنئڪ طور يا سلادن ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن. گولڊن ڊيليشس صوف ڪيڪ ۽ ٻئي مٺاڻ لاءِ آهن، جڏهن ته گريني اسمتھ صوف پنهنجي هلڪي کٽاڻ سبب پچائڻ ۽ بيڪنگ ۾ گهڻو استعمال ٿيندا آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته صوف فائبر ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس سان ڀريل ميوو آهي، جيڪو ڪينسر، دائمي بيمارين ۽ دل جي مرضن کان بچاءَ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿو. ان کانسواءِ اهو هاضمي کي بهتر بڻائڻ ۽ مجموعي صحت کي هٿي ڏيڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.

نوٽ: هي معلوماتي خبر آهي. ڪنهن به طبي مسئلي يا علاج لاءِ پنهنجي ڊاڪٽر سان صلاح ضرور ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.