سنڌي صحافين ۾ پنھنجي زندگي جا ٽيهه سال ارپيندڙ سينئر صحافي قمر نواب ڪانڌڙو بيماري سان جهيڙيندي ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ويو. هو گذريل ٻن سالن کان اسپتال ۾ داخل هو، جتي سندس زندگي موت سان جنگ جاري هئي، پر افسوس جو هن عرصي دوران نه سنڌ حڪومت ۽ نه ئي ڪنهن وڏِي صحافتي تنظيم سندس علاج يا سهائتا لاءِ اڳتي آيو.
قمر نواب ڪانڌڙي جهڙو بااخلاق، اصول پسند ۽ تجربيڪار صحافي هميشه پنهنجي قلم سان سچ لکي، سماج جي مظلوم طبقي جي آواز بڻيو. هو انهن چند صحافين مان هو جيڪي صحافت کي روزگار نه پر مشن سمجهندا هئا. پر جڏهن زندگي جي سخت مرحلي ۾ کيس سهاري جي ضرورت پئي، تڏهن حڪومت ۽ ادارن جي بي حسي سندس درد ۾ اضافو ڪيو. سندس وارثن پاران سنڌ حڪومت ڏانهن مالي سهائتا لاءِ جمع ڪرايل درخواستن کي به ٻه سال گذري ويا، پر ڪو به جواب يا عملي قدم نه کنيو ويو.
هي الميو فقط هڪ شخص جو نه، پر پوري صحافتي برادري جو آهي. اسان جا اهي انمول هيرا، جيڪي پنهنجي نوجواني، وقت ۽ طاقت سماج جي خدمت، سچ جي پرچار ۽ عوامي حقن جي حفاظت لاءِ وقف ڪن ٿا، بي ڌياني سبب دردناڪ انجام سان ڌرتيءَ سان وڃڻا پون ٿا. سوال اهو آهي ته آخر اهڙن هيرن لاءِ اسان جا ادارا ڪڏهن جاڳندا؟
قمر نواب ڪانڌڙو جي وفات نه رڳو سندس خاندان لاءِ وڏو صدمو آهي، پر سنڌ جي صحافتي برادري لاءِ به هڪ وڏو نقصان آهي. سندس لاڏاڻي سان جرئت، سچائي ۽ قلم جي آزاديءَ جو هڪ باب بند ٿي ويو آهي. سندس خدمتن، سندس قربانين ۽ هن خطي لاءِ ڪيل جدوجهد کي هميشه ياد رکيو ويندو.
سنڌ حڪومت، صحافتي تنظيمن ۽ ادارن لاءِ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هو سنجيدگي سان اهڙن ڪارڪنن لاءِ فلاح ۽ تحفظ جو مستقل نظام جوڙي. جيئن اڳتي ڪو به صحافي بيماري، غربت يا بي وسي سبب اهڙي تڪليفده انجام کي منهن نه ڏي.
صحافتي برادري سندس خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿي ۽ اميد رکي ٿي ته حڪومت سندس ڪيس جي بنياد تي مستقبل ۾ مثالي قدم کڻندي.