هي ناول رڳو هڪ ادبي تخليق نه، پر سماج جي اُن دردناڪ حقيقت جو عڪس آهي، جتي غربت جي ور چڙهيل مزدور ٻار پنهنجي معصوميت، خواهشن ۽ خوابن کان محروم ٿي وڃن ٿا۔ هن ناول ۾ اهڙن ٻارن جي زندگيءَ جو الميو پيش ڪيو ويو آهي، جيڪي وقت جي بي رحم هٿن ۽ سماجي ناانصافين هيٺان دٻجي، ننڍپڻ جي خوشين کان اڳ ئي زندگيءَ جي سختين سان منهن ڏين ٿا۔
“بسڪوٽ” ناول دراصل انهن معصوم مزدور ٻارن جي بي آواز پڪار آهي، جن کي سماج گهڻو ڪري نظرانداز ڪري ڇڏي ٿو۔ ماڻهو سندن بک، محرومي ۽ مجبوري ڏسي به اڪثر منهن ڦيري ڇڏين ٿا۔ امداد چنا هن ناول ذريعي سماج جي ان بيحسي کي بي نقاب ڪري، پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته آخر اهڙن ٻارن جي مستقبل ۽ حقن بابت اسان جو ڪردار ڪهڙو هجڻ گهرجي۔ اهڙي ريت هي ناول فقط هڪ ڪهاڻي نه پر سماجي شعور کي جاڳائڻ واري هڪ اثرائتي تخليق آهي، جيڪا غربت، محنت ۽ محروميءَ جي ڪهاڻي کي انتهائي دردناڪ ۽ حقيقت پسند انداز ۾ پيش ڪري ٿي۔ناول "بسڪوٽ” ۾ امداد چنا وڏي مهارت سان سائره ۽ عامر جي رومانوي ۽ هلڪي مذاق ڀريل لمحن کي اهڙي دلڪش انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جو پڙهندڙ پاڻ کي انهن منظرن جو حصو محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. انهن جي ڳالهين ۾ موجود معصوميت، چنچلتا ۽ جذباتي لهجو ناول جي فضا کي خوشگوار بڻائي ٿو ۽ پڙهڻ دوران هڪ انوکو لطف ۽ تازگي جو احساس پيدا ڪري ٿو. هي رومانوي ڪيفيت صرف محبت جو اظهار نه آهي، پر انساني احساسن جي نفاست ۽ تعلق جي گهري جذبات کي به اجاگر ڪري ٿي.
ساڳئي وقت، ناول ۾ اين جي اوز جي سربراهه مئڊم زرين جو ڪردار به وڏي گهرائي سان اُڀري سامهون اچي ٿو. ظاهري طور تي هوءَ هڪ بااختيار، مضبوط ۽ باوقار عورت نظر اچي ٿي، جيڪا سماجي خدمتن ۾ اڳڀري آهي، پر اندروني طور تي هوءَ هڪ ٽٽل ۽ اڪيلي وجود جي علامت آهي. بي اولاد هجڻ جو احساس ۽ گهرواري زندگيءَ ۾ بي مهري هن جي شخصيت ۾ هڪ اداس ڇانو پيدا ڪري ڇڏي آهي. هن جي ڪردار ۾ اها اندروني ٽٽڻ ۽ اڪيلائي، کيس هڪ اهڙو الميو بڻائي ٿي، جيڪو پڙهندڙ جي دل تي گهرو اثر ڇڏي ٿو.
ناول "بسڪوٽ” صرف رومانوي لمحن تائين محدود نه ٿو رهي، پر اهو انساني نفسيات، سماجي حقيقتن ۽ اندروني تڪرارن کي به خوبصورتي سان پيش ڪري ٿو، جنهن ڪري ناول جي فني ۽ فڪري اهميت ٻيڻي ٿي وڃي ٿي۔ ناول بسڪوٽ ۾ حوس ۽ ظلم جو شڪار ٿيندڙ اها رڳو هڪ گڏي نه آهي، پر اسان جي هن ناانصافين سان ڀرپور سماج جي ور چڙهيل اهڙيون ڪيتريون ئي گڏيون آهن، جيڪي روزانو پنهنجين معصوم خواهشن، سپنن ۽ اميدن سميت زندگيءَ کان محروم ٿي وڃن ٿيون۔ انهن جي درد ڀرين دانهن ۽ سسڪن جي باوجود به اسان جو معاشرو خاموش تماشائي بڻجي رڳو ڏسندو رهي ٿو، ڄڻ ته هي سڀ ڪجهه هن جي روزمره جي عادت بڻجي ويو هجي۔ هي ڪهاڻي صرف هڪ فرد جي ڪرڀ جو بيان نه پر هڪ اهڙي اجتماعي الميي جي عڪاسي آهي، جتي انسانيت جي قدرن کي لتاڙيو وڃي ٿو ۽ انصاف جون سڀ راهون بند نظر اچن ٿيون۔ ناول اسان کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته آخر اسان ڪڏهن هن بيحسيءَ مان ٻاهر نڪرنداسين ۽ انهن معصوم زندگين لاءِ آواز اٿارينداسين، جيڪي اڄ به ظلم ۽ حوس جي ور چڙهي خاموشيءَ سان ختم ٿي رهيون آهن۔
هن ستل معاشري کي امداد چنا ڄڻ ناول بسڪوٽ جي ذريعي سجاڳ ڪرڻ جي هڪ سنجيده ۽ بامقصد ڪوشش ڪئي آهي۔ هن ناول ۾ پيش ڪيل ڪردار، واقعا ۽ دردناڪ حالتون رڳو ڪهاڻيءَ جو حصو نه آهن، پر اهي اسان جي سماج جي تلخ حقيقتن جو عڪس آهن، جيڪي پڙهندڙ جي ضمير کي جهونجهوڙين ٿا۔ امداد چنا پنهنجي فڪري گهرائي ۽ بيباڪ انداز سان انهن مسئلن کي اجاگر ڪيو آهي، جن تي عام طور تي پردو وڌو ويندو آهي۔ هو ناول وسيلي نه رڳو ظلم ۽ ناانصافيءَ جي نشاندهي ڪري ٿو، پر پڙهندڙ کي اهو احساس به ڏياري ٿو ته خاموش رهڻ به ڪنهن حد تائين انهيءَ ظلم ۾ شريڪ ٿيڻ برابر آهي۔ بسڪوٽ ڄڻ هڪ اهڙو ادبي سڏ آهي، جيڪو اسان کي پنهنجي سماجي ذميوارين جو احساس ڏياري، بيحسيءَ جي ننڊ مان جاڳڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو۔