ڪراچي 1947ع کان 1970ع تائين مرڪز جو حصو رهيو. 1947ع کان 1960ع تائين ڪراچي نئين ملڪ (پاڪستان) جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. 1955ع ۾ ون يونٽ جي قيام کانپوءِ سنڌ، پنجاب اور سرحد (خيبر پختونخوا)، اولهه پاڪستان ۾ ضم ٿي ويا ۽ لاهور کي اولهه پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو. ڪراچي جڏهن ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ بڻيو ته هڪ اندازي موجب هن شهر جي آبادي 4 لک 50 هزار جي لڳ ڀڳ هئي، پر هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ ٿيندڙ فسادن جي نتيجي ۾ لکين ماڻهو هندستان مان پنهنجن اباڻن گهرن کي ڇڏي ڪراچيءَ ۾ اچي آباد ٿيا. ان کانپوءِ ڪراچيءَ جي آباديءَ ۾ حيرت انگيز اضافو ٿيو.
1951ع ۾ ٿيندڙ آدم ڳڻپ جي نتيجن موجب ڪراچيءَ جي آبادي 1.13 ملين (يارنهن لک کان وڌيڪ) ٿي چڪي هئي. پنجاب، سرحد ۽ اوڀر بنگال مان به هزارين ماڻهو ڪراچيءَ ۾ اچي آباد ٿيا. هڪ اندازي موجب 1955ع ۾ ڪراچيءَ جي آبادي 1.37 ملين تائين پهچي وئي هئي. ملڪ جي پهرين وزيراعظم نوابزاده لياقت علي خان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ دفاع سڀ کان اڳڀرو هو. ان ڪري بجيٽ ۾ ڪراچيءَ جي انفراسٽرڪچر کي جديد بنيادن تي اڏڻ لاءِ ڪا خاطر خواهه منصوبابندي نه ٿي سگهي. پاڪستان جي پهرين پارليامينٽ ڪراچيءَ جي پوليس نظام کي ڀارت جي صنعتي گاديءَ واري شهر بمبئي (ممبئي) جي پوليس ڊائريڪٽوريٽ وانگر تبديل ڪرڻ لاءِ هڪ قانون منظور ڪيو هو.
بمبئي جي پوليس ڊائريڪٽوريٽ واري نظام ۾ عوام جي چونڊيل نمائندن کي پوليس نظام جي نگرانيءَ جو اختيار حاصل ٿي ويو هو، پر ملڪ جي پهرين گورنر جنرل بئريسٽر محمد علي جناح ان قانون جي مسودي جي غير معياري انگريزيءَ تي اعتراض ڪندي ان جي منظوري نه ڪئي هئي. مسلم ليگ جي حڪومت دنيا جي جديد شهرن جهڙوڪ لنڊن، نيويارڪ ۽ واشنگٽن وغيره جي نظام وانگر هيٺين سطح جي بلدياتي نظام جي نفاذ کي ضروري نه سمجھيو، ائين ڪراچي شهر هميشه بيوروڪريسيءَ جي نگرانيءَ ۾ رهيو. امير طبقي سان تعلق رکندڙ بيوروڪريسيءَ دنيا جي شهرن جي تاريخ مان سبق سکن بدران غريبن جي وستين کي شهر کان پري منتقل ڪرڻ جي منصوبن تي عملدرآمد شروع ڪري ڏنو. ان پاليسيءَ تحت ڪورنگي، لانڍي، پاڪ ڪالوني، مهاجر ڪيمپ، پٺاڻ ڪالوني، شيرشاهه، نيو ڪراچي اور ڊرگ ڪالوني وغيره جا علائقا آباد ٿيا. اقتدار ۾ رهندڙ حڪومتن شهر ۾ پاڻيءَ جي فراهمي، گندي پاڻيءَ جي نيڪال ۽ ٽرانسپورٽ جي جديد نظام جي قيام کي ضروري نه سمجهيو.
ملڪ جي پهرين غير سول صدر جنرل ايوب خان جي دورِ اقتدار ۾ پهرين دفعو ڪراچيءَ جي شهرين کي ٽرانسپورٽ جي بهتر سهولتن جي فراهمي لاءِ سرڪلر ريلوي تعمير ڪئي وئي. پيپلز پارٽي جي پهرين حڪومت، جنهن جو وزيراعظم ذوالفيقار علي ڀٽو هئو، تنهن ۾ شهر جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. سندن دورِ اقتدار ۾ شاهراهه فيصل، شهيد ملت روڊ ۽ ڪلفٽن ڏانهن ويندڙ شاهراهه ايران کي وسيع ڪيو ويو. ناظم آباد ۾ عباسي شهيد اسپتال، لياري ۾ جنرل اسپتال ۽ لياقت آباد جي سپر مارڪيٽ وغيره ان دور جون يادگار آهن، پر ڀٽو دور ۾ قديم ٽرام وي سروس کي بند ڪيو ويو. ڪراچيءَ ۾ ٽرام وي سروس بمبئي ۽ ڪلڪتي کان به اڳ شروع ٿي هئي. جيڪڏهن نئين آبادين ۾ ٽرام سروس شروع ڪري ان کي سرڪلر ريلوي سان منسلق ڪيو وڃي ها ۽ وڌيڪ اهو ته سرڪلر ريلوي کي انڊر گرائونڊ ٽرين جي نظام ۾ تبديل ڪيو وڃي ها ته پبلڪ ٽرانسپورٽ جو مسئلو پيدا ئي نه ٿئي ها.
جنرل ضياءُ الحق جي دورِ اقتدار ۾ ڪراچيءَ کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو، بلڪه افغانين کي ڪراچي شهر اچڻ جي اجازت ڏني وئي. انهن ماڻهن ڪچري (ڪوڙا) مافيا بڻائي ورتي جنهن جو نقصان اهو ٿيو ته دنيا جي شهرن وانگر ڪراچيءَ ۾ ڪچري مان بجلي ٺاهڻ جو هر پراجيڪٽ ناڪام ويو. شهر سمنڊ جي ڪناري آباد هجڻ جي باوجود بجليءَ جي کوٽ جو شڪار ٿي ويو. 1987ع کان وٺي گذريل صديءَ جي پڄاڻي تائين ڪراچي بدامنيءَ جو شڪار رهيو. ڪراچيءَ مان صنعتون ۽ ڪاروباري ادارا پنجاب منتقل ٿي ويا ۽ نئين سري سان ٿيندڙ سرمائيڪاري رڪجي وئي. پيپلز پارٽي جي ٽين حڪومت ۾ وزيراعظم بينظير ڀٽو ماس ٽرانزٽ منصوبي جو سنگ بنياد رکيو هو. ان وقت جي ڪي ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر فهيم الزمان شهر ۾ ڪيترائي اوور هيڊ برج تعمير ڪرايا ۽ ڪچري کي مال گاڏيءَ ذريعي شهر کان پري منتقل ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو، پر فهيم الزمان کي جلدي رخصت ڪيو ويو.
اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دورِ اقتدار ۾ هيٺين سطح جو بلدياتي نظام قائم ٿيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر جو ادارو ختم ٿي ويو. ان نظام تحت ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاهور وغيره ۾ خاطر خواهه ترقي ٿي. ان نظام ۾ هڪ اهم خامي اها هئي ته صوبي جي اهميت ختم ڪئي وئي هئي ۽ اسلام آباد سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ کي ريگوليٽ ڪري رهيو هو، ان خاميءَ کي دور ڪري سگهجي پيو. جڏهن 2008ع ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿي ته صدر آصف علي زرداري ايم ڪيو ايم سان معاهدو ڪيو. ان معاهدي تحت هيٺين سطح تائين اختيارن جي بلدياتي نظام جي قانون تي اتفاقِ راءِ ٿيو هو، پر هڪ طرف سنڌي قومپرستن احتجاج شروع ڪيو ته ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي جنگجو گروپ جون ڪارروايون جاري رهيون. هڪ مربوط آپريشن جي ذريعي ان جنگجو گروپ جو خاتمو ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين جي انتهاپسندانه تقرير کانپوءِ هڪ ٻيو مختصر آپريشن ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجي حيثيت وڃائي ويٺي ۽ ادارن جي "بي ٽيم” جي فهرست ۾ شامل ٿي وئي. پيپلز پارٽي هيٺين سطح جي بلدياتي نظام کي فائيلن ۾ دفن ڪري ڇڏيو. پيپلز پارٽي حڪومت جا پاليسي ٺاهيندڙ ميرٽ ۽گڊ گورننس تي يقين ئي نٿا رکن، ائين ڪراچي سميت پوري سنڌ جي ترقي سستي جو شڪار ٿي وئي. لاهور ۾ گرين لائن سان گڏ اورنج ٽرين شروع ٿي ۽ هاڻي اتي انڊر گرائونڊ ٽرين جي منصوبابندي ٿي رهي آهي.
لاهور کان راولپنڊي تيز رفتار ٽرين هلڻ لڳي. پيپلز پارٽي جي حڪومت وٽ نمايان ڪرڻ لاءِ صرف هڪ صحت جو شعبو ئي رهجي ويو. ايس آئي يو ٽي ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيوويسڪولر ڊيزيزس ضرور ترقي ڪئي پر ٻين سرڪاري اسپتالن جي حالت بهتر ناهي رهي. سنڌ ۾ ايڊز ۽ ايڇ آئي وي جو مرض پکڙجي رهيو آهي. سنڌ ۾ ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب ٿيندڙ فوتگيون تمام گهڻيون وڌي ويون آهن. ڪراچيءَ جا شهري هر ٽئين ڏينهن ڌاٻيجي کان بجليءَ جي سپلاءِ معطل ٿيڻ يا پاڻيءَ جي پائپ لائين ڦاٽڻ جون خبرون ٻڌي ٻڌي بيزار ٿي ويا آهن. جڏهن ڪو ميمبر صوبائي اسيمبليءَ ۾ ڪراچيءَ جي پاڻيءَ جي مسئلي تي آواز اٿاري ٿو ته بلديات جو وزير ڌاٻيجي کان ايندڙ پائپ لائن جي هر هفتي ٽٽڻ تي ڪا ڳالهه ڪرڻ بدران محض اهو نعرو لڳائي ٿو ته "وفاق K-IV منصوبي لاءِ فوراً رقم موڪلي”. سوشل ميڊيا تي "بحيره هرمز پهريان کلندي، ريڊ لائين جو ڇا ٿيندو؟” جو ٽرينڊ وائرل ٿيو، جنهن کانپوءِ حڪومت ان منصوبي کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ شروع ڪيو ۽ پهريون ڀيرو ان روڊ سان گڏ متبادل روڊ بڻائي وئي.
بهرحال ريڊ لائن جو منصوبو جيڪو گذريل 7 سالن کان رولڙي جو شڪار آهي پر شاهراهه ڀٽو وقت تي مڪمل ٿي وئي، گل پلازا جي باهه لڳڻ بابت عدالتي رپورٽ ڪاڏي وئي؟ پيپلز پارٽي جي قيادت کي هر صورت ۾ انهن سوالن جا جواب ڏيڻ گهرجن. ان صورتحال ۾ موقعي پرست قوتن کان توانائي حاصل ڪندڙ گروهن نوان صوبا ٺاهڻ ۽ 28هين ترميم جا نعرا لڳائڻ شروع ڪري ڏنا آهن. ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي. ڪراچي جڏهن به مرڪز ڏانهن ويو ته ترقيءَ جي رفتار ڪمزور ٿي وئي. ڪراچي سميت تمام شهرن جي ترقيءَ جو رستو هيٺين سطح تائين اختيارن جي بلدياتي نظام ۾ ئي لڪل آهي. هيءَ حقيقت آهي ته نه صرف سنڌ ۾ بلدياتي نظام قائم آهي پر ان نظام تحت ترقيءَ جو عمل تيز ٿيو. هن وقت بلديه ڪراچيءَ جي حدود شهر جي صرف 33 سيڪڙو حصي تائين آهي ۽ باقي حصي تي وفاق جي ادارن جي اجاره داري آهي. سنڌ حڪومت کي گھرجي ته بلدياتي قانون ۾ ترميم ڪري. بلديه ڪراچيءَ جو اختيار پوري ڪراچي شهر تي هجڻ گهرجي. ٽائون ناظم ۽ يونين ڪائونسل کي بااختيار هجڻ گهرجي. ڪراچيءَ جي ميئر جا اختيار ممبئي، لنڊن ۽ نيويارڪ جي ميئر جي برابر هجڻ گهرجن. پيپلز پارٽي کي ته پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ هيٺين سطح تائين اختيارن جو بلدياتي نظام رائج ڪرڻ لاءِ راءِ عامه هموار ڪرڻ گهرجي. نوڪرين ۾ صرف ميرٽ جو اصول لاڳو ٿيڻ گهرجي، ان طريقي سان قوتن جو رستو روڪي سگهجي ٿو.