ثقافتي قدرن کي ڇڏي ترقي حاصل ڪرڻ ضروري ناهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ حقيقي فيمينزم آهي:سارا خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪاره سارا خان فيمينزم ۽ معاشرتي قدرن بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هڪ صحتمند معاشرو قدر، عزت، احترام ۽ ذميواري جي بنياد تي قائم ٿيندو آهي.
سارا خان ويجهڙ پنهنجي مڙس ۽ ڳائڻي فلڪ شبير سان گڏ فيمينزم، عورت مارچ ۽ معاشرتي تبديلين بابت بيانن سبب سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ ڪري رهي آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ سارا خان چيو ته هڪ مضبوط معاشرو قدر، وقار، احترام ۽ ذميواري تي قائم هوندو آهي، جڏهن اهڙن روين کي معمول بڻايو وڃي جيڪي انهن اصولن کي ڪمزور ڪن ته ان جا اثر سڄي معاشري تي پون ٿا.
هن چيو ته اصل مسئلو اهو ناهي ته ڪو مرد آهي يا عورت، پر اهو آهي ته هٿي ڏنل طرزِ فڪر اسان جي ثقافت، خاندانن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪري ٿو يا نه.
سارا خان فيمينزم بابت پنهنجي موقف جي وضاحت ڪندي چيو ته هن جي ويجهو حقيقي فيمينزم عورتن کي عزت، احترام، تعليم، طاقت ۽ مقصد فراهم ڪرڻ جو نالو آهي، جڏهن ته پنهنجي معاشرتي ۽ ثقافتي قدرن سان واڳيل هئڻ پڻ اوترو ئي ضروري آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان اهو نٿا سمجهون ته ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اخلاقي ۽ ثقافتي قدرن کي ترڪ ڪرڻ ضروري آهي، هر لاڙو واکاڻ جوڳو ناهي هوندو ۽ نه ئي هر نظريي کي معمول بڻائڻ گهرجي.
اداڪرا موجب، اسان اهڙي فيمينزم جي حمايت ڪريون ٿا جيڪو معاشري کي مضبوط ڪري، وقار کي برقرار رکي ۽ ايندڙ نسلن کي پنهنجي سڃاڻپ ۽ ثقافت تي ناز ڪرڻ سيکاري.
ٻئي پاسي فلڪ شبير به هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هو جنهن ثقافتي لاڙن تي تنقيد ڪري رهيو هو، ان جي مثال هڪ تصوير ئي واضح ڪري سگهي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته معاشري ۾ ڪجهه رجحانن بابت والدين پنهنجن ٻارن جي مستقبل بابت ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.