گلگت بلتستان ۾ 24 تڪن تي پولنگ جو عمل جاري، پ پ ۽ نون ليگ ۾ سخت مقابلو

گلگت (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جي قانون ساز اسيمبلي جي 24 تڪن تي عام چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي شروع ٿيو، جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندو.
علائقي جي 10 ضلعن ۾ ڪل 9 لک 58 هزار 4 سئو 80 رجسٽرڊ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن.
24 جنرل سيٽن لاءِ مجموعي طور تي 396 اميدوار مقابلي ۾ آهن، جن ۾ 266 آزاد اميدوار شامل آهن.
پاڪستان پيپلز پارٽي جا 23، مسلم ليگ (ن) جا 22، استحڪام پاڪستان پارٽي جا 15، پاڪستان مسلم ليگ جا 11 ۽ جي يو آءِ جا 8 اميدوار ميدان ۾ آهن.
سياسي تجزيه نگارن موجب، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ سخت مقابلي جا امڪان آهن، جڏهن ته وڏي انگ ۾ آزاد اميدوارن جي موجودگي نتيجن کي دلچسپ بڻائي سگهي ٿي.
آءِ جي گلگت بلتستان موجب، پرامن پولنگ کي يقيني بڻائڻ لاءِ 17 هزار 500 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.
اليڪشن ڪميشن طرفان ڪل 1391 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن مان وڏي انگ کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.