پيپلز پارٽي جو بنياد ئي ڪشمير مسئلي رکيو ويو هو، مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي اسيمبلي مان ئي ڪڍڻو پوندو: بلاول ڀٽو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ آزاد ڪشمير جي پارلياماني پارٽي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي موجوده سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ پ پ آزاد ڪشمير جي سياسي معاملن جي انچارج فريال ٽالپر پڻ شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران پارلياماني پارٽي جي ميمبرن موجوده صورتحال تي پنهنجون تجويزون پيش ڪيون، جنهن تي بلاول ڀٽو زرداري گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
بلاول ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي جي بنياد ئي ڪشمير جي مسئلي تي رکي وئي هئي ۽ اسان هميشه ڪشميرين جي مسئلن جي حل کي اوليت ڏني آهي، هن زور ڀريو ته سياسي مسئلا ڳالهين ذريعي ئي حل ٿيڻ گهرجن.
پ پ چيئرمين اعلان ڪيو ته هو ان سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪندو ۽ ڪوشش ڪئي ويندي ته مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي اسيمبلي مان ڪڍيو وڃي.
ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ آزاد ڪشمير حڪومت ڄمون ڪشمير جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو هو، جڏهن ته ايڪشن ڪميٽي 9 جون تي هڙتال جو سڏ ڏنو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.