گلگت (ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ قمر زمان ڪائرا گلگت بلتستان جي چونڊن دوران اليڪشن ڪميشن کان پنهنجن خدشن تي فوري طور ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.
چونڊ عمل تي ردعمل ظاهر ڪندي قمر زمان ڪائرا چيو ته گلگت بلتستان ۾ پولنگ اسٽيشنن کي ڏورانهين علائقن ڏانهن منتقل ڪري سندن ووٽ بئنڪ کي متاثر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنن تي عملو دير سان پهتو.
هن چونڊ عمل جي ڄاڻي واڻي سست رفتاري تي سوال اُٿاريندي چيو ته اهڙيون ڪارروايون منصفاڻن چونڊن تي سواليه نشان آهن.
پ پ اڳواڻ واضح ڪيو ته هو انتظاميا کي تيستائين چونڊ عملو ڇڏڻ نه ڏيندا جيستائين سمورن ووٽن جي ڪاسٽنگ مڪمل نه ٿي وڃي. قمر زمان ڪائرا ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اليڪشن ڪميشن کي سندن خدشن جو فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي ته جيئن چونڊ عمل کي شفاف بڻائي سگهجي.