لنڊن (ويب ڊيسڪ) پنهنجي مڙس جي ڪووڊ وائرس سبب لاڏاڻي کانپوءِ اڪيلائي جو شڪار 60 سالن جي جولي اوسگڊ جديد ڊيٽنگ جي دنيا کي آزمائڻ جو فيصلو ڪيو، پر هي تجربو سندس لاءِ ڏکوئيندڙ ثابت ٿيو.
برطانوي ميڊيا موجب، جولي جو چوڻ آهي ته جن چئن مردن سان هن ملاقات جي ڪوشش ڪئي، اهي سڀ ٺڳ نڪتا.
جولي ٻڌايو ته هوءَ 17 سالن جي عمر کان پنهنجي ساٿي ٽوني ڊونوهيو سان گڏ هئي، جيڪو نومبر 2020 ۾ فوت ٿي ويو.
هن چيو ته اڪيلائي کان بچڻ لاءِ جڏهن هن ڊيٽنگ ايپ جو سهارو ورتو ته کيس احساس ٿيو ته اتي موجود اڪثر مرد ساڳي ڪهاڻي ٻڌائيندا آهن.
سندس چوڻ هو ته اڪثر مرد پاڻ کي اڪيلو يا طلاق يافته ڄاڻائيندا آهن، جن جون جوان نياڻيون هونديون آهن، ڪجهه هفتن جي رابطي کانپوءِ هو بزنس ٽرپ يا ڪنهن ايمرجنسي جو بهانو ڪري مالي مددگهرڻ شروع ڪندا آهن.
هڪ ڀيري جولي جڏهن ”آور ٽائيم“ نالي ايپ تي رجسٽر ٿي ته سندس ملاقات ”فرينڪ“ نالي شخص سان ٿي، جنهن پاڻ کي فرانس جو آرڪيٽيڪٽ ڄاڻايو، جڏهن فرينڪ پئسن جي گُهر ڪئي ته جولي کيس سبق سيکارڻ لاءِ سندس ڊرامي ۾ ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. جولي کيس 20 هزار پائونڊ روڪ ڏيڻ جو واعدو ڪيو، پر هوءَ ان جي ڄار ۾ نه ڦاسي.
هڪ رپورٽ موجب، رومانوي فراڊ ۾ ضايع ٿيندڙ رقم 2024 ۾ 92 ملين پائونڊ کان به وڌي وئي آهي.
جولي جو چوڻ آهي ته هن هاڻي ڊيٽنگ ايپس کي هميشه لاءِ الوداع چئي ڇڏيو آهي.
هن ٻين کي خبردار ڪيو ته آن لائن ڊيٽنگ سائٽس تي موجود ماڻهن تي اعتبار نه ڪيو وڃي، ڇو ته اهي جديد هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (اَي آءِ ) جي مدد سان جعلي تصويرون ٺاهي ۽ ڪوڙيون ڪهاڻيون گهڙي ماڻهن کي ڦرڻ جي تاڙ هوندا آهن.
جولي وڌيڪ چيو ته هن پنهنجو تجربو ان لاءِ شيئر ڪيو آهي ته جيئن ٻيا ماڻهو پنهنجي جمع پونجي وڃائڻ کان بچي سگهن.
هن وقت هوءَ سخت مايوسي جو شڪار آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته هن هاڻي اڪيلو ئي رهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.