اچو ته سڀني مذهبن، عقيدن ۽ نظرين جو احترام ۽ خيال ڪريون

اسان جو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته دنيا جي سڀني مذهبن، عقيدن ۽ نظرين جو ايئن احترام ۽ خيال رکڻ گهرجي، جيئن پنهنجي مذهب، عقيدي ۽ نظريي جو احترام ۽ خيال ڪيو ويندو آهي. سڀ مذهب ۽ انهن ۾ موجود اخلاقيات به اهوئي درس ڏيندي رهي آهي جنهن کي اسان عظيم درس سمجهندا آهيون.

وري اهي سماج جنهن ۾ ڪنهن مذهب، عقيدي يا نظريي سان سلهاڙيل آبادي اقليت ۾ هجي ته اتان جي اڪثريت واري مذهب سان تعلق رکندڙ آبادي جو فرض هئڻ گهرجي ته اها اقليتي آبادي جي مذهب جو احترام به ڪري ۽ خيال به ڪري. اهو سڀ ان احساس وچان ڪرڻ گهرجي ته ممڪن آهي ته ڪنهن سماج اندر اوهان واري مذهب سان تعلق رکندڙ آبادي اقليت ۾ هجي ته اتي به ان کي جيئن احترام سان ڏٺو وڃي، مثال طور هندستان اندر ا ڪثريتي آبادي هندو مذهب سان تعلق رکي ٿي ۽ اتي اسلامي مذهب سان تعلق رکندڙ آبادي اقليت ۾ آهي، ائين پاڪستان ۾ وري اسلامي مذهب سان تعلق رکندڙ آبادي اڪثريت ۾ آهي ته هندو مذهب سان تعلق رکندڙ آبادي اقليت ۾ آهي تنهن ڪري  انهن ٻنهي ملڪن جي اڪثريتي آباديءَ کي اخلاقي طور  تي اقليتي برادري جي مذهب، عقيدن ۽ رسمن رواجن جو نه رڳو احترام ڪرڻ گهرجي پر انهن جو خاص خيال به رکڻ گهرجي، اها ئي اخلاقيات جي تقاضا آهي.

مجموعي طور تي ڏسجي ته اسان جي سماجن ۾ اڪثريتي طور تي سڀني مذهبن، عقيدن ۽ نظرين جو احترام به ڪيو ويندو آهي ته خيال به ڪيو ويندو آهي، پر جڏهن آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون ڪجهه انتها پسند ڌريون يا فرد انفرادي طور تي ڪو انتها پسند عمل يا رويو ڏيکاريندا آهن ته جلد ئي ان کي مجموعي تاثر ۾ بدلائي ڇڏبو آهي. جيڪو غلط آهي. ٻيو اهو ته اسان جيسصماج اندر فتوائون ڏيڻ ۽ جلد توهين مذهب جو الزام هڻندڙن جو تعداد به آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن ۽ ڌرين ۾ هوندو آهي جيڪي پنهنجا خسيس انفرادي مفاد ماڻڻ لاءِ، ڪنهن کان ذاتي اختلاف رنجش، انتقام وٺڻ يا دشمنيون پاڙڻ لاءِ توهين مذهب جو الزام لڳائي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ پاڻ ئي قانون هٿ ۾ کڻي ڇڏيندا آهن. جڏهن ته هر ملڪ اندر توهين مذهب بابت هڪ قانون هوندو آهي پر اهو مخصوص طبقو ڄاڻي واڻي اهو قانوني رستو اختيار ناهي ڪندو پر پاڻ مذهب جو ناجائز فائدو وٺندي قانون هٿ ۾ کڻندو آهي.

چوڻ جو مقصد اهو آهي ته هڪڙن انتها پسند ماڻهن ۽ ڌرين ئي پنهنجن عملن سان پنهنجي سماج، مذهب، عقيدن ۽ نظرين کي انتها پسند بڻائي ڏيکاريندا آهن، جيڪي حقيقت ۾ پنهنجي مذهب، عقيدي ۽ نظرين جا دشمن هوندا آهن. جڏهن ته اسان ٻين جي مذهبن کي مثال جيڪڏهن نه بڻايون ۽ اسان پنهنجي مذهبي ڪتاب قرآن شريف ۽ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه واله وسلم جي اخلاقي سنت کي ڏسون ته هن وقت تائين دنيا اندر ڪنهن به انهن کي چئلينج نه ڪيو آهي. تنهن ڪري اسان چئون ٿا ته هڪڙن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن ۽ ڌرين کي انتها پسندي ڦهلائي ۽ نفرتون پکيڙڻ جي اجازت نه ملڻ گهرجي ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن وقت جون حڪومتون ۽ قانون اهڙن عملن جو نوٽيس وٺي بروقت ڪارروايون ڪندا.

جيڪڏهن حڪومتون سڀني مذهبن جي احترام جو ماحول نه ٺاهينديون ته پوءِ بين ملڪن ۾ به سندن مذهبن ۽ عقيدن سان اهڙو ئي ورتاءُ ٿيندو. اوهان سڀني مذهبن ۽ عقيدن جو احترام ۽ خيال ڪندئو ته پوءِ سڀ ملڪ اوهان جي مذهب ۽ عقيدن جو خيال ڪندا. ڇو ته عزت ۽ احترام جو رشتو ڏي وٺ جي بنياد تي سلهاڙيل هوندو آهي. انهيءَ ڪري دنياجي سڀني حڪومتن تي لازم آهي ته اهي سڀني مذهبن ۽ عقيدن جو خيال ڪن ۽ ڪنهن کي به ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ نه ڏين.

اها به حقيقت آهي ته حڪومتن جي غير ذميواري جو اهو سبب آهي جو ملڪن اندر انتها پسندي وڌيل رهي آهي. حڪومتن جي انهن معاملن سان لاتعلقي ۽ غير زميواري جو ئي اهو ڪارڻ آهي جو هاڻي هر ماڻهو انتها پسند ٿيندو پيو وڃي ۽ هرڪو قانون پنهنجي هٿ ۾ کڻڻ لڳو آهي. مثال طور جيڪڏهن ڪو چور پڪڙيو وڃي ٿو ته بجاءِ ان جي ته اهو پوليس جي حوالي ڪجي، ماڻهن جو انتها پسند هجوم انهن کي پاڻ ئي جيئري ساڙي رک ڪري ڇڏي ٿو. ايئن ڪير به ڪنهن تي غلط يا صحيح توهين مذهب جو الزام هڻي قانون هٿ ۾ کڻي پاڻ ئي ڪارروائي ڪري سگهي ٿو. جيڪو عمل خود ڪنهن به حڪومت خلاف چارج شيٽ آهي.

اسان سمجهون ٿا ته اهو دنيا جي ملڪن ۽ قانون جي ذميواري آهي ته اها سڀني مذهبن، عقيدن ۽ نظرين جي احترام جو ماحول ٺاهي پر ڪٿي ڪٿي ته ائين لڳندو آهي ته خود حڪومتون ئي انتها پسندي جي ماحول کي هٿي ڏينديون آهن، جنهن سبب انهن ملڪن اندر انتها پسندي ۽ مذهبي توهين جو ماحول وڌي ٿو جنهن سان نه رڳو نفرتون وڌنديون آهن پر قتل عام به ٿيندو آهي. پر جيڪڏهن هر قسم جي لاقانونيت جي خلاف حڪومت پاڻ ڪارروائي ڪري ته يقينن هڪڙي مخصوص ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن انتها پسند ماڻهن ۽ ڌرين کي هر قسم جي لاقانونيت کان روڪين ته ان سان انتها پسند روين ۽ عملن کي روڪي، ملڪن ۽ سماجن کي هر قسم جي انتها پسندي ۽ نفرتن کان روڪي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.