ميٽرڪ جي امتحان ۾ ڪاپي جي ڌُمَ متل

تحرير: غلام حسين جوڻو

هن وقت سنڌ ۾ سيڪينڊري ايجوڪيشن جا امتحان هلي رهيا آهن. اهي امتحان تعليمي بورڊن جي نگراني ۾ ڪيا پيا وڃن. تعليمي بورڊن جي ناقص ڪارڪردگي آهي جنهن تي اڳ ۾ هڪ ڪالم لکي چڪو آهيان. تنهن هوندي به هن وقت جيڪي امتحان ٿي رهيا آهن جن جي متعلق مون جيڪو ٻڌو، ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي تنهن جي باري ۾ هتي ڪجهه سٽون لکڻ جي جسارت ڪريان ٿو. امتحاني سينٽرن جي بلاڪن ۾ ڪاپي جي ڌم لڳل آهي. ڪافي استاد ئي شاگردن کي ڪتابن مان جواب ڳولي جوابي پيپرن (Answer copies) ۾ لڳرائين ٿا. شاگرد پنهنجي طرفان ڪجهه به ڪونه ٿا لکن. صرف تقل ڪرڻ لاءِ ڪاغذن کي ڏسن ٿا. انهن ڪاغذن کي، هو پنهنجي ٻولي ۾ “ڪارتوس” چوندا آهن. انهن ڪاغذن (ڪارتوسن) ۾ سوالن جا جواب موجود هوندا آهن شاگرد امتحاني هال ۾ انهن ڪارتوسن کي ڏسي آزادي سان لکندا رهن ٿا. جن کي ڪير به ڪونه ٿو روڪي ۽ نه وري ڪو پڇاڻو ٿو ڪري. ڪاپي ڪرائڻ ۾ اسڪول جو عملو جهڙوڪ انويجيليٽرس، اڪثر استاد ۽ نان ٽيچنگ عملو ملوث آهن. جيڪڏهن ڪا ٽيم چيڪنگ لاءِ اچي وئي ته اها به رڳو چڪر ڏيو هلي ٿي وڃي. باق ڪاپي روڪڻ لاءِ ڪي به قدم ڪونه ٿي کڻي. بس، عام رواجي طور سينٽرن جو چڪر هنيو ٿو وڃي. ٻاهرين ماڻهن کي اهو تاثر ڏنو ٿو وڃي ته ٽيم آئي آهي جيڪا ڪاپي بلڪل ڪرڻ ڪانه ڏيندي. اهي نالي ماتر ٽيمون آهن جيڪي ڪو ٻوٽو ٻاري ڪونه سگھيون آهن. ڪاپي روڪرائڻ ۾ ڪامياب ڪونه ويون آهن. رڳو بورڊ جي پئسي کي زيان ڪنديون وتن.

ڪن امتحاني سنيٽرن تي ڪي اصل اميدوار ايندا ئي ڪونه آهن. انهن جي جاءِ تي ٻيا ماڻهو اچي امتحان ڏيندا آهن جنهن کي انگريزي ۾ امپرسونيٽ (Impersonate)  چيو وڃي ٿو هن سال به اهڙا کوڙ اميدوار آهن جن جا امتحان ٻيا ماڻهو ڏيئي رهيا آهن. اصل ماڻهو سينٽرن تي اچن ئي ڪونه ٿا. اهڙن اميدوارن جي به جاچ پڙتال ڪونه ٿي ڪئي وڃي. جنهن ڪري اهڙا ڪيس به جام ٿين ٿا. اها ڪارروائي به آزاديءَ سان ٿي رهي آهي. امپرسونيٽ جي سلسلي ۾، امتحاني عملي کي به اعتماد ۾ وٺي پوءِ سودو طئه ڪيو ويندو آهي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته اهڙا ڪيس ته گھڻا ٿي رهيا آهن مالدار ماڻهن جي اولاد لاءِ ته اهو سستو سودو آهي پر غريب والدين جي ٻارن لاءِ ڏکيو ڪم آهي بهرحال سختي نه هئڻ ڪري سڀ ڪجهه جائز آهي نرمي ۽ ڇوٽ ڏني پئي وڃي.

ياد رهي ته، شاگرد ته سڄي سنڌ ۾ امتحاني سينٽرن تي ڪاپي ڪري رهيا آهن اهڙو ڪوبه سينٽر نه آهي جتي ڪاپي نه ڪئي ويندي هجي ۽ شاگرد پيپر ڏيڻ لاءِ گھران تياري ڪري ايا هجن. بورڊن جي اها حالت آهي جو سوالي پيپر وقت کان اڳ ۾ آئوٽ ڪريو ڇڏين. هاڻ به اطلاع آهن ته، سکر ۾ امتحان شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪيميسٽري جو پيپر آئوٽ ٿي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو. اهڙي طرح سکر ۾ انگريزي جو پيپر به آئوٽ ٿي ويو. نئون ڪوٽ ۾ به پيپر آئوٽ ڪيو ويو آهي. ٻين امتحاني مرڪزن ۾ به پيپر آئوٽ ٿي رهيا آهن جنهن تي بورڊ انتظاميه خاموش آهي سمجهه ۾ ايئن ٿو اچي ته انتظاميه جو ان ۾ راضپو آهي. اها به حقيقت آهي ته، پيپر آئوٽ ڪرڻ ۾ ڪو ٻاهريون ماڻهو ته ملوث ڪونه ٿو ٿي سگھي. اهو عمل بورڊ جي  عملي جي تعاون ۽ سهڪار سان ڪرايو ٿو وڃي. بورڊ جو عملو ڳري رشوت وٺي پوءِ پيپر آئوٽ ڪري ٿو. بس، عملي کي شايد سرڪاري خزاني مان پگھار ڪونه ٿي ملي. جنهن ڪري رشوت وٺي پيٽ گذر ڪري ٿو. ڄاڻايل بورڊن جي اها نااهلي ۽ تعليم دشمني آهي. اهڙي عمل جي ڪيتري به مذمت ڪجي سا گھٽ، ٿوري ۽ نه هئڻ جي برابر آهي.

آئون سمجهان ٿو ته، هن وقت جيڪي امتحان ٿين پيا تن ۾  شاگرد کلئي عام ڪاپي ڪري رهيا آهن. ڪن هنڌن تي استاد ويچارا جوابي ڪاپيون لکي رهيا آهن. اهڙن امتحانن ڪرائڻ جو ڪوبه فائدو ڪونهي. اسان جو تعليمي معيار سڌرڻ جي بجاءِ تباهي جي طرف ويندو. جنهن ڪري موجوده امتحانن جي طريقه ڪار ۾ تبديلي آڻڻ ضروري آهي. ڪاپي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وڃي. جيڪڏهن ڪو شاگرد ڪاپي ڪندي پڪڙيو وڃي ته ان کي ڪڏهن به معافي نه ڏيڻ گھرجي. ڪو، استاد ان ڏوهه ۾ ملوث هجي ته ان کي به کاتي جي طرفان سزا ملڻ گھرجي. سزا جي عمل کي يقيني بنائڻ سان تعليم جو معيار بهتر  ٿي سگھي ٿو. ڪاپي جو رجحان گھٽ ٿئي يا مورڳو بند ٿي سگھي ٿو. ان سلسلي ۾، قانون سازي ڪرڻ جي به ضرورت پوي ته اها به ڪئي وڃي. ڪاپي جو مڪمل خاتمو آڻڻ وقت جي ضرورت ۽ تقاضا آهي. اها به حقيقت آهي ته، بورڊ انتظاميا پنهنجو قبلو درست ڪري هن وقت بورڊ آفيسن ۾ رشوت جي بازار گرم آهي. سا، بند ڪري امتحان جي موجوده طريقي تي نظرثاني ڪئي وڃي. جنهن سان تعليم جو معيار سڌري سگھي ٿو. استادن کي خاطري ٿي ويندي ته ڪاپي ڪرڻ ڪونه ڏني ويندي ته هو، محنت ڪري پڙهائيندا ۽ شاگردن کي به ڪاپي جو آسرو نه هوندو ته، هو لازمي محنت ڪري پڙهندا. نتيجي ۾ تعليم جو معيار بهتريءَ طرف وڌندو. هتي اهو عرض ڪندو هلان ته، جيڪي استاد محنت ڪري نه پڙهائيندا سندن شاگردن جي رزلٽ چڱي نه اچي ته انهن استادن کي به کاتي طرفان سزا ملڻ کپي. ائين ڪرڻ سان ٻيا استاد به محنت ڪندا. هڪ کي سزا ملندي ته ٻيا ڪَنُ ڪندا ۽ ان مان سبق حاصل ڪندا مطلب ته سزا جي عمل کي يقيني بنايو وڃي.

بهرحال ڪيترائي طريقا آهن جن سان تعليم جو معيار سڌري سگھي ٿو. پر، انهن طريقن تي غور نه ٿو ڪيو وڃي. اهو چوڻ هرگز وڌاءَ ڪونه ٿيندو ته ڪرندڙ تعليمي معيار ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح تعليمي بورڊن جو هٿ آهي. بورڊن جي ناقص ڪارڪردگي جي ڪري هوشيار شاگردن سان انصاف ٿي نه رهيو آهي. ميرٽ جي لتاڙ ٿي رهي آهي. جنهن ڪري وڏو نقصان ٿئي پيو جنهن جو ازالو به ڪونه ٿو ٿي سگھي.

هتي اها ڳالهه لکڻ وسريو پئي ويئي ته، ٽچ موبائيل جي ذريعي ڪاپي ڪرڻ انتهائي آسان ٿي پئي آهي. ان موبائيل ۾ هر شيءِ ملي ٿي. صرف سرچ يعني ڳولا ڪرڻ جي دير آهي. باقي هر ڳالهه جو جواب مليو وڃي ٿو. هاڻ، شاگرد امتحاني سينٽرن جي بلاڪن ۾ اها کنيو پاڻ سان کنيو وڃن ٿا جتي ان جو استعمال کلئي طرح ڪري رهيا آهن. کين ڪاپي ڪرڻ مهل ڪا دقت محسوس ڪونه ٿي ٿئي ۽ ڏکيائي پيش ڪونه ٿي اچي. هاڻ نقل ڪرڻ لاءِ ان کي به گھڻو استعمال ڪيو پيو وڃي جنهن ڪري ڪاپي ۾ بيحد واڌ ٿي آهي. حالانڪه اميدوارن کي اها امتحاني بلاڪن ۾ کڻي نه وڃڻ گھرجي. پر، عام ڇوٽ ۽ رعايت مليل آهي. ٽچ موبائيل سڀني شاگردن جي کيسي ۾ پيل هوندي آهي. ان کان علاوه مافيا به مختلف نمونن سان ڪاپي ڪرائڻ جا ٺيڪا کڻي ٿي. مافيا کي به پئسي ڪمائڻ لاءِ وجهه ۽ موقعا تلاش ڪرڻا آهن. اها ساڳئي مافيا نوڪرين جي ٽيسٽن ۾ به ڪاپي ڪرائيندي رهي ٿي. ڪجهه وقت اڳ ۾ پرائمري ٽيچرس ۽ جونيئر اسڪول ٽيچر جي ٽيسٽ ۾ به مافيا پنهنجا ڪرتب ۽ ڪارناما ڏيکاريا هئا. رڳو تعليمي بورڊن جو سج لٿل ڪونه آهي. پر، هر امتحان ۾ ڪاپي ٿئي ٿي. جنهن ڪري اسان وٽ اهل ماڻهو پوئتي رهجيو وڃن ٿا. حق تلفي ٿئي ٿي ۽ ميرٽ جي لتاڙ ڪئي وڃي ٿي. رشوت خوري ۽ سفارش ڪلچر ۾ واڌارو اچي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو معاشري تي ناڪاري ۽ خراب اثر پئجي رهيا آهن. اهل ماڻهو اڳتي نڪري ڪونه سگھندا نتيجي ۾ ادارن جو نقصان ٿيندو جنهن جو ازالو ڪرڻ مشڪل ۽ ڏکيو ٿي پوندو. ادارن کي مضبوط بنائڻ لاءِ اهل ماڻهن جو هجڻ لازم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.