سنڌي ٻوليءَ کي ٻين عالمي سنڌي ڪانفرنس جي مبارڪ هجي

جڏهن به سنڌ، سنڌي قوم، سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت يا سنڌ جي سياسي، تاريخي مفاد ۾ ڪو پروگرام، سيمينار، ڪانفرنس يا ادبي ميلا ٿيندا آهن ته اسان سدائين انهن جي منتظمين کي مبارڪون به ڏنيون آهن ۽ سندن انتهائي بامقصد عمل جي همت افزائي به پئي ڪئي آهي. همت افزائي جي ان روايت کي برقرار رکندي اسان اڄ سنڌي لئنگويج اٿارٽي کي 4 ۽ 5 مئي تي ڪراچي ۾ ڪيل ٻين سنڌي ٻولي عالمي ڪانفرنس کي ڪاميابي سان ڪرائڻ تي مبارڪ باد ڏينداسين.

جيتوڻيڪ اهو ادارو سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه لاءِ ئي وجود ۾ آيل آهي پر جيڪڏهن ڪو ادارو درست رخ ۾ ۽ مثبت انداز سان ڪم ڪري ٿو ته اهو عمل ساراهڻ جو حقدار هجي ٿو. اهڙن پروگرامن، سيمينارن ۽ ڪانفرنسن جي يقيني طور تي هر اهو فرد ۽ ادارو آجيان ڪندو ۽ انهن جي اهميت تي زور ڀريندو جيڪي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي تاريخي استحصال ۽ نظراندازي جي تلخ ترين پس منظر کان واقف هوندا، انهن جي نظر ۾ اهڙا پروگرام، ڪانفرنسون ۽ سيمينار پنهنجن حقن کي ماڻڻ جو مورچو ثابت ٿيندا رهيا آهن جن جو مجموعي طور تي سنڌ ۽ سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻولي توڙي ثقافت کي فائدو ٿيندو رهيو آهي. سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي ٻن ڏينهن جي ان سنڌي عالمي ٻولي ڪانفرنس کي به اسان ان پس منظر ۾ ڪامياب ترين ڪانفرنس سمجهون ٿا.

ان عالمي ڪانفرنس جي آخر ۾ جيڪو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو تنهن کي اسان هن عالمي ڪانفرنس جو وڏو حاصل ٿا سمجهون. ان عالمي ڪانفرنس ۾ ڀلي ٻيو ڪجهه نه به هجي ها رڳو اهو ٺهراءُ ئي پيش ڪجي ها تڏهن به اسان ان سنڌي عالمي ٻولي ڪانفرنس کي ڪامياب قرار ڏيون ها. ان ٺهراءُ ۾ گُهرَ ڪئي وئي سنڌي سميت سمورين قومن جي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي. سنڌ جي سڀني خانگي ۽ سرڪاري تعليمي ادارن ۾ سنڌي لازمي پڙهائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو. اها به گُهرَ ڪئي وئي ته انگريز دور جيان نه رڳو قانون پاس ڪيو وڃي پر هر آفيسر لاءِ لازمي هجي ته اهو سنڌي پڙهيل هجي. ائين ٻيا به ڪيترائي مطالبا پيش ڪيا ويا جيڪي ٻن ڏينهن جي ڪانفرنس ۾ تجويز ڪيا ويا هيا، اهي ٽئي مطالبا سنڌ جي قومي خودمختياري جو تعين ڪن ٿا.

انهن ٺهرائن کان علاوه به سنڌي ٻولي لاءِ هن ٻن ڏينهن جي عالمي ڪانفرنس گهڻو ڪجهه ڪيو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته لاڳيتو ٻه ڏينهن صبح، منجهند، شام ۽ رات جو سنڌي ٻولي جي اهميت ۽ ضرورت تي ڳالهايو ۽ ويچاريو ويو ۽ ان جي واڌ ويجهه ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو ويو، تحقيقي مقالا لکرايا ويا، جن معاملن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي تن ڏانهن ڌيان ڇڪايو ويو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته عالمي اسڪالرن کي آن لائين ان ڪانفرنس ۾ شامل ڪري سنڌي ٻولي تي سندن ڪيل ڪم کان سنڌي عوام کي آگاهه ڪيو ويو ۽ تحقيق جي نون رخن ۽ اڳڀراين کان هتان جي محققن کي فيضياب ٿيڻ جو موقعو ڏنو ويو، جيڪو هن ڪانفرنس جو ڪارنامو هو.

هن ٻين سنڌي عالمي ڪانفرنس ۾ خاص ڪري سنڌو لکت وارو موضوع بيحد اهم هو. سنڌو لکت جي حوالي سان هن ڪانفرنس ۾ بيحد اهم تحقيقي مقالا ۽ پريزنٽيشن پيش ڪئي وئي. جيڪڏهن اهڙو اڪيڊمڪ ۽ تحقيقي ماحول برقرار رهيو ۽ وڌايو ويو ته ڪو سبب ناهي ته سنڌو لکت کي پڙهڻ جو اعزاز حاصل ڪري وڃون. اڃان تائين اسان ڇو سنڌو لکت کي ناهيون پڙهي سگهيان تنهن جا ڀلي ڪهڙا ۽ ڪيترا به ڪارڻ هجن پر ان ڏس ۾ جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي ۽ جنهن سطح تي اهو پهتو آهي تنهن جي به هن ڪانفرنس ذريعي خبر پئي.

هن عالمي سنڌي ڪانفرنس جو اهو پاسو به ڪنهن ريت نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي ته ان ذريعي نئين نڪور نسل کي سنڌي ٻولي ۽ تحقيق ڏانهن متوجهه ڪيو ويو ۽ پنهنجي سنڌ، سنڌي قوم، سنڌي ٻولي تي فخر ڪرڻ جو اتساهه ڏنو ويو. ٻن ڏينهن جي ان ڪانفرنس ۾ خود سنڌي ٻولي جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي ٿيل مجموعي تحقيقي ڪم جو پڻ جائزو ورتو ويو ۽ نئين نسل کي ان تحقيقي ورثي کي سنڀالڻ ۽ ان جي مالڪي ڪرڻ جو احساس ڏياريو ويو. اهڙن موقعن تي سنڌي ٻولي ۾ ڇپيل ڪتابن کي وڪري جو به سونهري موقعو ملندو آهي جنهن سان پبلشرز کي تمام گهڻو فائدو رسندو آهي. ٻيو ته نئين نسل جو ڪتابن کي پڙهڻ جو چاهه پڻ پيدا ٿيندو آهي اهڙن موقعن تي آخر ۾ سنڌي راڳين کي به پنهنجو فن پيش ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ملندو آهي.

ناري نازيه چنو لاءِ ٿيل جرڳو ۽ فيصلو نامنظور: قاتلن کي سخت سزا ملڻ گهرجي

رپورٽون آهن ته وارهه ۾ اجتماعي زيادتيءَ کان پوءِ قتل ڪيل ناري نازيه چنو جي خون جو جرڳو ٿيو جنهن ۾ جوابدارن مٿان 75 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. رپورٽون آهن ته ملزم سينٽرل جيل ۾ قيد آهي جيڪو ڏنڊ جي رقم ادا ڪرڻ کان پوءِ ناري جا وارث ڪيس تان هٿ کڻندا. واضح رهي ته 9 مهينا اڳ وارهه جي سومرا محلي ۾ اجتماعي ڏاڍائي بعد اها ناري قتل ڪئي وئي هئي.

اسان سمجهون ٿا ته 75 لک روپين جو ڏنڊ ايڏي سنگين زيادتي ۽ ناانصافي جو ازالو ناهي. اها اصل ۾ زيادتي جو شڪار ناري ۽ ان جي وارثن سان سنئين سڌي ناانصافي آهي. اهو جرڳو اصل ۾ ڏوهارين کي بچائڻ جي ڪوشش آهي ۽ لڳي ٿو ته وارثن کي دٻاءُ ۾ آڻي ڏيکاءُ طور ڏنڊ مقرر ڪري ”ڏاڍن“ ٻي ڏاڍائي ڪئي آهي.

اسان جو خيال آهي ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ان جرڳي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ناريءَ جي اجتماعي زيادتي ۽ قتل جي جوابدارن کي سخت سزا ڏي. ڇاڪاڻ ته اهو معمولي مالياتي ڏنڊ ڏوهارين لاءِ عبرت جوڳي سزا ناهي. اهو معمولي ڏنڊ ٻڌائي ٿو ته اسان وٽ ڪنهن ناريءَ جي جان ۽ عزت جي ڪيتري قيمت آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته اهڙو انصاف ڪندڙ جرڳي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. جنهن ناري نازيه چنو سان انصاف ڪرڻ بدران ان جي قاتلن کي رعايت ڏني وئي آهي جڏهن ته انهن رڳو نياڻيءَ کي قتل ئي نه ڪيو پر ان سان اجتماعي زيادتي به ڪئي. ان ڏوهه جي سزا سخت کان سخت هئڻ گهرجي جيئن اسان جي عزت دار معاشري ۾ اڳتي ڪنهن کي ڪنهن عورت ڏانهن بري نظر رکڻ جي همت نه ٿئي. اسان ناري نازيه چنو لاءِ ٿيل ان جرڳي ۽ ان جي فيصلي کي ڪنهن ريت به قبول نه ٿا ڪريون. اڃان به ان خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.